پيپلز پارٽي ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ، فارم کسي اڇليا ويا

0
319
پيپلز پارٽي ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد
پيپلز پارٽي ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ، فارم کسي اڇليا ويا

لاڙڪاڻو:  لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ لاڙڪاڻو تعلقي جي رٽرننگ آفيسر  آفيس ٻاهران نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ دوران پيپلز پارٽي ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو

پيپلز پارٽي جي جيالن لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان يوسي ڪنگا تان جنرل ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ خان محمد اوڍو کي تشدد جو نشانو بڻائي کائنس نامزدگي فارم کسي ڇڏيا

 لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جا اڳواڻ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ رحمت پور ٿاڻي پهتا جتي هنن ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ايس ايڇ او سان ملاقات پڻ ڪئي

لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻ رافع عباسي ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن اسان جي ڪائونسلر خان محمد اوڍو مٿان تشدد ڪري سندس جو نامزدگي فارم ڦاڙي گندي نالي ۾ اڇلائي جهيڙو ڪيو آهي

الزام هيٺ آيل عامر زيب جتوئي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان لاڙڪاڻي نه پر قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ آهيان جنهن واقعي سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي پر ان جي باوجود پوليس معاملي جي جاچ ڪري

 هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو