پيپلز پارٽي پاران پاڻي تي ڌاڙي خلاف سنڌ – پنجاب سرحدي دنگ تي ڌرڻي جو چتاءُ

0
281

سکر (بيورو رپورٽ) پنجاب طرفان تڪراري تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنالز مان پاڻي جي کڻت جاري، پيپلز پارٽي پاڻي تي ڌاڙي خلاف سنڌ – پنجاب سرحدي دنگ تي ڌرڻي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پاڻي معاملي ۾ زيادتي جاري رهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو ويندو، ارسا ۽ پنجاب کُليل بدمعاشي ڪري رهيا آهن، تڪراري ٽي – پي ڪئنال تي پاڻي ورڇ جي نگراني لاءِ سنڌ طرفان مقرر ڪيل نمائندي کي ڀڄايو ويو، اهڙي قسم جي بدمعاشي برداشت نه ڪئي ويندي، آبپاشي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته نااهل حڪمران سنڌ جي عوام کي اڃارو مارڻ گهرن ٿا، سنڌ پاڻي جي کوٽ ڀوڳڻ باوجود بلوچستان کي حصي جو پاڻي ڏئي رهيو آهي، پنجاب طرفان تڪراري ڪئنالز مان پاڻي کڻڻ جو سلسلو بند ناهي ٿيو، ارسا وٽ ٽه رُخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ ڪرڻ جو اختيار ئي ناهي، ٺٽو، ٿرپارڪر ۽ سجاول ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سنگين ٿي وئي.