پيپلزپارٽي پاران ٽي ايل پي سان ڪيل معاهدو پڌرو ڪرڻ جو مطالبو

0
220
معاهدو پڌرو ڪرڻ جو مطالبو
پيپلزپارٽي پاران ٽي ايل پي سان ڪيل معاهدو پڌرو ڪرڻ جو مطالبو

پيپلزپارٽي حڪومت پاران بندش پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) سان طئي ٿيل معاهدو منظرعام تي آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته حڪومت پارليامينٽ ۽ قوم کي رات جي اونداهي ۾ ڪيل معاهدي بابت آگاهه ڪري

اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته معاهدي جا تفصيل سامهون نه پيا آندا وڃن، هي ڪهڙو معاهدو آهي جنهن جي ڪنهن کي به خبر نه آهي. گذريل ڏينهن مذهبي عالمن جي ٽياڪڙي هيٺ حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو هو، جنهن کانپوءِ مظاهرين منتشر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، پر وزيرآباد ۾ اڃا تائين وڏي انگ ۾ مظاهرين موجود آهن

معاهدو طئي ٿيڻ بعد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ مفتي منيب الرحمان گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس به ڪئي هئي پر معاهدي جا ڪي به تفصيل ٻڌائڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو هو ته ان جا تفصيل جلد عوام آڏو پڌرا ڪيا ويندا