پيپلزپارٽي جي قيادت کي اکيون کولڻ گهرجن

0
307
پيپلزپارٽي-جي-قيادت-کي-اکيون-کولڻ-گهرج

دنيا ۾ قدرتي آفتون اينديون رهنديون آهن چاھي اھي زلزلي جي شڪل ۾ اچن يا ٻوڏ جي شڪل ۾ اچن يا وري ٻي ڪنھن شڪل ۾ اچن ليڪن حڪومتن جون ڪارڪردگيون  ان ۾ ظاهر ٿي وينديون آھن. جن حڪمرانن کي عوام سان گڏ شھرن توڙي ڳوٺن کي بچائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جو فن ھوندو آھي اھي حڪمران عوام جي دلين تي راڄ ڪندا آهن جن کي عوام ھميشھ ياد ڪندو مثال پيش ڪندي نظر ايندو آهي. ليڪن سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي ٻوڏ جي پاڻي  ۾ لڙهي وئي آهي .سڄي سنڌ مان سنڌ سرڪار جي خلاف آواز بلند ٿي رھيا آهن ته 14 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت جي باوجود سنڌ يتيم ٿي وئي آهي. تقريبن ٻن مهينن جي برساتن کانپوءِ سنڌ ۾  ٻوڏ جي شڪل ۾ جيڪا تباھي آئي آهي سڄي سنڌ سميت خاص طور تي  ڄامشورو ، دادو ، قمبر شھدادڪوٽ ضلعن جا ننڍا توڙي وڏا شھر جن ۾ جوھي، ميھڙ، خيرپور ناٿن شاهه، بوبڪ،  ڀان سيدآباد سميت ٻيا سوين ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي جي لپيٽ ۾اچي ويا آھن لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ڪيئي معصوم ٻارڙن سميت نوجوان پيرسن پاڻي جي لھرن جي نظر ٿي ويا جن جا لاش ڪيئي ڪيئي ڏينهن کان پوءِ ملن ٿا، جن کي شناخت جي بغير لاوارث ڪري دفنايو پيو وڃي. جڏهن ته ڪروڙين رپين جو چوپايو مال پڻ لڙهي مري ويو آهي. ڪوبه اھڙو روڊ رستو ناهي جتي عورتون، مرد ۽ معصوم ٻار کليل آسمان جي ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن جيڪي مختلف بيمارين ۾  پڻ وڪوڙجي ويا آهن. بروقت دوائون نه ملڻ جي ڪري معصوم ٻارڙا موت جي منهن ۾ ھليا ويا آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون نه ھئڻ جون شڪايتون عام جام ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر بي گھر متاثر ٿيلن لاءِ مسيحا ٿيڻ بجاءِ ڪاسائي وانگر ڳريون فيون وٺڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيو ويٺا آهن جن کي عوام جي ان ڪري به پرواهه ناهي جو انهن کي عوام کان ووٽ وٺڻو ناھي نه وري کين ايم اين اي يا ايم پي اي ٿيڻو آھي ليڪن انهن ۾ خوف خدا به ناھي رھيو .

ان حوالي سان گھڻو ڪجھ لکي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا پر ھاڻي پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت کان اھو سوال آهي ته جنھن سنڌ جي عوام توھان کي مسلسل ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري اقتدار جو ڌڻي بڻايو ان عوام کي تڪليفن سورن بي گھر ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ڏنو آهي؟ پھرين ته پيپلزپارٽي جي قيادت کان سوال آھي ته 2008ع کان وٺي سنڌ جي عوام مسلسل ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري سندن اميدوارن کي ايوانن تائين پهچايو جن کي اربين ڪروڙين رپين جا فنڊ ڏنا ويا اھي فنڊ ڪٿي ڪيئن استعمال ڪيا ويا؟ ان بابت کانئن پڇاڻو ڪيو ته آخر اھا رقم خرچ ڪئي وئي يا نه؟ ٻيو اھو ته چونڊجڻ کان پوءِ سندن  عوام سان ڪيترو رابطو رھي ٿو يا وري صرف چونڊن جو جڏهن مرحلو شروع ٿيندو آهي ته ان وقت اھي نمائنده ووٽ وٺڻ لاءِ عوام جي آڏو پيش ٿيندا آهن. پارٽي قيادت ان ڳالهه جو اندازو ناهي لڳايو ته ڪي اھڙا به نمائنده آھن جيڪي چونڊجڻ کان پھرين ڪجھه به نه ھئا اھي ڪجھه سالن جي اندر ڪيئن ڪروڙ ۽ ارب پتي بڻجي ويا. ان حوالي سان ھتي ڪيترن نمائندن جو مثال ڏئي سگھجي ٿو جيڪي ڪجهه به نه ھئا، اھي اڄ ڪروڙ ارب پتي آھن. ھتي سنڌ سرڪار کان به سندس 14 سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان معصوماڻا ڪجهه سوال آھن ته سيد سڳورو سيد مراد علي شاهه عوام کي ٻڌائي سگهي ٿو ته ھر سال جي کربين رپين جي بجيٽ ڪٿي ڪيئن خرچ ڪئي وئي؟

پھريون سوال اھو آھي ته 2008ع ۾ سيد مراد علي شاهه ناڻي کاتي جو مالڪ ھئڻ سان گڏ آبپاشي جو وزير به رهيو هو ان وقت ۽ ان کان پوءِ هن وقت تائين آبپاشي کاتي کي بندن جي ھر سال مرمت پٿر وجھڻ لاءِ ڪيتري بجيٽ جاري ڪئي وئي؟ ان بجيٽ مان ڪيتري بجيٽ خرچ ڪئي وئي ڪيتري واپس ٿي ۽ ڪيتري ڪرپشن جي نظر ٿي وئي؟ ڇو ته ھن وقت بندن جي جيڪا حالت نظر اچي پئي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آبپاشي کاتي جي کربين رپين جي بجيٽ مان ٻڙي برابر به خرچ ناهي ٿي. جوھي، ميھڙ، قمبر شھدادڪوٽ جي ماڻهن پنھنجي مدد پاڻ تحت رنگ بند ٻڌي شھرن کي بچايو آهي، جڏهن ته منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏيڻ جي ڪري وڏي وزير جو اڌ کان مٿي تڪ ٻڏي ويو آهي. ٻيو سوال سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ جي حوالي سان آھي ته ھر سال صحت کاتي کي اربين رپين جي بجيٽ جاري ڪئي ويندي آهي ليڪن ھميشھ وانگر ھن وقت به ڪتي چڪ، نانگ وڇون ڏنگ سان گڏ الٽي دست ۽ مليريا جون دوائون موجود ناھن، پيئڻ جي صاف پاڻي جي حوالي سان ھميشھ ٿر جو مثال پيش ڪيو ويندو آهي ته فلٽر پلانٽ لڳايا ويا آهن ليڪن ٿر مان ان حوالي سان اھي شڪايتون ٻڌڻ ۾اچن پيون ته اربين رپين جو فلٽر پلانٽ لڳايا ويا جيڪي ناڪاره بڻجي ويا، پيئڻ جو صاف پاڻي عوام لاءِ خواب بڻجي ويو آهي. تعليم کاتي سميت باقي کاتن جي بجيٽ به ايئن پگھارن کان سواءِ باقي ڪاغذن ۾ خرچ ڪئي وڃي ٿي ليڪن سر زمين تي نظر نه ايندي. باقي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سميت سنڌ جا وزير توڙي پيپلزپارٽي وارا اھا دعويٰ ڪندي ٿڪبا ناھن ته سنڌ تي کربين روپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن، جيئن ھن وقت ٻوڏ متاثر ٽينٽ،مڇر داني سان گڏ راشن جي گھر ڪري رھيا آھن جڏھن ته سنڌ حڪومت جي دعويٰ آھي ته متاثرن ۾ اربين رپين جي امداد ورھائي ڇڏي آھي،

اھو ايئن آھي جيئن وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ ٻيڙي ۾ سير ڪندي چيو ته خيرپور جو علائقو اٽلي جي وينس جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، حالانڪھ منظور وساڻ کي ڄاڻ ھئڻ کپي ته خيرپور جي ڪچي ناري جي ماڻهن کي وينس يا يورپ جي ترقي يافتھ ملڪن جي ڪھڙي خبر، جن پنهنجي ضلعن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏٺو. ٻوڏ جي حوالي سان هڪ ڳالهه جيڪا پيدا ٿي اھا پيپلزپارٽي جي نمائندن کي آئينده شهيدن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي نالي تي نعرو ھڻي ووٽ وٺڻ بجاءِ کين پھرين ڪارڪردگي پيش ڪرڻي پوندي ته سنڌ جي عوام جي ترقي ۾ ڪھڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي؟ ھڪ دور ذوالفقار علي ڀٽو جو ھو جنھن عوام کي شعور ڏنو ھاڻي سوشل ميڊيا جو دؤر آهي غريب مسڪين ماڻهو رئيس ، وڏيري ۽  ڀوتارن جي آڏو پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي سچ ڳالهائن ٿا ۽ کين منھن تي سچ چئي ڇڏن ٿا. ھن وقت جيڪا صورتحال نظر اچي ٿي ۽ عام طور تي اھي تبصرا اطلاع اچي رهيا آهن ته ڪجهه ضلعن ۾ پيپلزپارٽي کان عام چونڊن ۾ اميدوار ٽڪيٽون به نه وٺندا ڇو ته پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف به عوام ۾ سخت ڪاوڙ غصو نظر اچي رهيو آهي ان جو بنيادي سبب سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي آھي.