ٻوڏ سٽيل ماڻهن لاءِ صحت جون سهولتون مسلسل اڻلڀ

0
222
ٻوڏ-سٽيل-ماڻهن-لاءِ-صحت-جون-سهولتون-مسل

سنڌ صوبي ۾ عام حالتن ۾ ته اها دعويٰ مذاق لڳندي آهي ته علاج معالجي جي مڪمل سهولتن تي ڌيان ڏنو ويندو آهي پر جولاءِ مهيني ۽ آگسٽ ۾ ٿيندڙ برساتن سان پيدا ٿيل ٻوڏ صورتحال ۾ صحت جي سهولتن جي ڳالهه ڪرڻ به ظالماڻي مذاق لڳي ٿي ته متاثرن جي علاج معالجي تي ڀرپور ڌيان ڏنو پيو وڃي. برساتن ۾ عملي طور ايئن ناهي ٿي سگهيو. هتي ته صحت بابت وڌ کان وڌ سهولتون ۽ اسپتالون ته پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن ۽ جيڪي ٻڏڻ کان محفوظ رهيون آهن، اتي ضرورتمند ماڻهو ان لاءِ وڃي نٿا سگهن جو ضرورتمند ته پاڻيءَ ۾ گهيريل آهن.

                 صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر جمن باهوٽو تصديق ڪئي آهي ته ڊائريا جي مريضن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ مليريا جا هڪ هزار مريض روزانو اچي رهيا آهن. سنڌ جي 24 ضلعن مان اڪثريت کي آفت سٽيل به قرار ڏنو ويو آهي. پي ڊي ايم اي جي فراهم ڪيل انگن اکرن موجب پهرين سيپٽمبر تائين فوت ٿيندڙن ۾ 180 مرد، 88 عورتون ۽ 215 ٻار شامل آهن. ٻوڏ سٽيلن کي درپيش تڪليفن تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو به ٻوڏ جي ڪيترن ڏينهن بعد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو آهي ته سوين صحت مرڪز پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن. هن ان ڳالهه تي به پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهاري ڪيو آهي ته سڄي صورتحال ۾ اهي عورتون سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيون آهن، جيڪي اميد سان آهن. ڊائريا ٿيڻ جو سبب اهو آهي ته پاڻيءَ ۾ گهيريل ماڻهن وٽ پهرين ته خوراڪ موجود ئي ناهي ۽ جيڪا خوراڪ پهچي به ٿي، اها صحت جي حفاظتي اصولن جي ابتڙ پهچي ٿي. اڪثر جاين تي پلاسٽڪ جي هڪ ٿيلهي ۾ چانور جنهن کي عام طور تي برياني جو نالو ڏنو ويندو آهي، پهچائي ويندي آهي. اها ٿيلهي به ڪنهن کي ميسر هوندي آهي ۽ ڪيترن کي ناهي هوندي. ڪنهن به علائقي ۾ متاثرن جي صحيح انگ کان ڪو واقف ناهي، نه ئي هيل تائين ڪو باضابطه سروي ٿي سگهي آهي. پيئڻ جي پاڻيءَ جي سخت ضرورت آهي پر ان کي پهچائڻ جو ڪوئي سرڪاري يا غير سرڪاري انتظام ناهي. متاثرن جو وڏو انگ پنهنجي پنهنجي علائقن جي ويجهو روڊن جي ڪنارن تي ئي پناهه ورتل آهي. انهن سان گڏ انهن جا جانور به آهن. ڏينهن جو گرمي ۽ رات جو مڇرن جي آزار ماڻهن خاص طور تي ٻارن کي مليريا جي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. صحت کاتي جي سربراهه جو چوڻ آهي ته هڪ هزار مريض روزانو رپورٽ ٿي رهيا آهن.

هي انگ اکر جيئن ته صحت کاتي جي سربراهه ڏنا آهن، ان لاءِ انهن تي يقين ڪرڻو پوندو آهي پر پاڻيءَ کان متاثر ضلعن ۾ معلوماتي ذريعن لاءِ ڪم ڪندڙ رپورٽرز ان جي ابتڙ ڳالهه ڪن ٿا. خيرپور ۾ ڪم ڪندڙ صحافي عرفان ڦلپوٽو جو چوڻ آهي ته جڏهن هر طرف پاڻي ئي بيٺل آهي ۽ هر جڳهه پاڻيءَ ۾ گهيريل آهي ته اسپتال ڪيئن محفوظ هوندا. ليڊي ولنگٽن اسپتال وڏي اسپتال آهي پر اتي آپريشن بند آهن. باقي تعلقي اسپتال ٺري ميرواهه، فيض گنج، پير جو ڳوٺ، سوڀو ديرو، ڪوٽڏيجي، نارو ۾ بند آهن. عبدالفتح پير جو ڳوٺ (خيرپور جو هڪ نالي وارو ڳوٺ) ۾ رهائش رکندڙ آهي. اهو چوي ٿو ته تعلقي ڪنگري جي جيڪا اسپتال آهي، اتي ڇهه ست فوٽ پاڻي بيٺو آهي، اها بند آهي. ضلعي جي اسپتال ڪجهه هلي رهي آهي، ڪجهه نه پئي هلي. شهدادڪوٽ  قمبر جي رپورٽر نور کوسو جو چوڻ آهي ته اسپتالن جي صورتحال تمام خراب آهي. جيڪي کليل به آهن اتي مريضن کي علاج جي نالي تي گوريون هٿن تي رکيون وينديون آهن. اسپتالن ۾ ماڻهو داخل به ٿي رهيا آهن پر انهن جو علاج  نالي ماتر ئي آهي.

لکندڙ جڏهن صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل کان واٽس ايپ تي سوال ڪيو ته کاتو گشتي سروس جو انتظام ڇو نه پيو ڪري، ته هن انگن اکرن جو هڪ چارٽ پوسٽ ڪري ڇڏيو. پهرين جولاءِ کان ٽي سيپٽمبر تائين جي چارٽ موجب 293 موبائل ڪيمپن ۾ 46409 مريضن جو علاج ڪيو ويو، 157 فڪسڊ ڪيمپن ۾ 20544 مريضن جو علاج ڪيو ويو. موبائل ڪيمپن ۾ مقرر ميڊيڪل ڊاڪٽر 354، فڪسڊ ڪيمپن ۾ 142 ڊاڪٽر آهن. ان کان اڳ هن اهو ٻڌايو ويو ته جتي جتي به خشڪ جڳهون ميسر آهن، اتي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. سوال اهو آهي ته عورتون ۽ ٻار سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، جيڪي پاڻيءَ ۾ گهيريل آهن. حامله عورتون به ذهني ۽ جسماني اذيت مان گذري رهيون آهن. ڪنهن جڳهه تي به ماڻهن کي اهڙي ايمبولنس هلندي نظر ناهي آئي جيڪا ڪنهن متاثر مريض کي اسپتال پهچائي سگهي. هڪ هنڌ کان هڪ حامله عورت کي موٽر سائيڪل تي ويم لاءِ آڻيندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.

هڪ زماني ۾ جاپان ٻه گشتي اسپتال فراهم ڪيا هيا. اهي اسپتال ان حد تائين مڪمل هيا جو ان ۾ ضرورت وقت آپريشن به ڪري سگهجن پيا. انهن اسپتالن سان اهو ٿيو ته انهن کي حڪومت ۾ شامل ان دور جي ذميدارن ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري انهن کي ناڪاره ڪري ڇڏيو هو. صحت کاتو پنهنجي وڏي انگ ۾ موجود ايمبولنسن کي به ان قابل نٿو ڪري سگهي ته هنگامي صورتحال ۾ انهن کان اسپتال جو ڪم وٺي سگهجي.

ضلعي ڄامشوري ۾ جتي برسات جي پاڻي تباهي ته ڦهلائي ئي هئي پر منڇر ڍنڍ کي خراب طريقي سان متاثر ڪيو هو ۽ ان ۾ پاڻيءَ جي سطح کي خطرناڪ حد تائين وڌائي ڇڏيو هيو، ان جي چوطرف رهندڙ ماڻهو ڪٿي ۽ ڪيئن اسپتالن جو رخ ڪري سگهندا. سيوهڻ ۾ موجود عبدالله شاهه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ موجود آهي، اتي سهولتون به آهن پر اتي رڳو سيوهڻ جي انهن علائقن مان ماڻهو اچي سگهن ٿا، جيڪي پاڻيءَ کان محفوظ آهن. انسٽيٽيوٽ جو سربراهه ڊاڪٽر معين صديقي سوشل ميڊيا تي رت جي عطيي جي اپيل ڪري رهيو آهي ته جيئن ان کي ويم دوران استعمال ڪري سگهجي. برسات جي پاڻيءَ سان ڦهليل تباهي هجي يا ٻوڏ سان امڪاني تباهي جو الميو اهو آهي ته ڪنهن به کاتي وٽ ڪنهن قسم جي ايس او پي ناهي. ايس او پي جي غير موجودگي سبب ماڻهو صحت جي سهولتن جي اڻهوند سبب سخت متاثر آهن. جن جن ضلعن ۾ برساتي ٻوڏ متاثر ڪيو آهي اتي صحت جون سهولتون اڻلڀ آهن.

قدير ميمڻ قومي شاهراهه تي واقع ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ڪاروبار ڪندو آهي. اهو چوي ٿو ته “ضلعي جي ڪنهن تعلقي ۾ ڪٿي به علاج معالجي جي سهولت موجود ناهي. رورل هيلٿ ڪنڊيارو، تعلقي ڀريا رورل هيلٿ سڀ پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن. ڊسٽرڪٽ اسپتال گذريل ويهه ڏينهن  کان پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي. آپريشن ٿيٽر ڪم نه پيا ڪن. ڊائريا، مليريا وغيره جون دوائون به ناهن، سرنج تائين به موجود ناهي. دوائون جي لاءِ لکي ڏنو وڃي ٿو ته بازار مان وٺي اچو. متاثرن جي کيسي ۾ ته پئسا ئي ناهن هوندا ته اهي ڇا ڪن. جانور مري رهيا آهن، جانور مري ويا آهن ته ڌپ ڦهلجي رهي آهي. ڪٿي بيماري سبب ته ڪٿي بک سبب. انهن لاءِ چاري جو ڪوئي انتظام ناهي. انهن لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جو ڪوئي انتظام ناهي. مڇر خراب طريقي سان ڦهلجي ويا آهن. ماڻهو رات جو سمهي نٿا سگهن. مڇر داني ميسر ناهي، راشن ناهي،

ريسڪيو رليف ناهي، مڇرن سان جانور به پريشان آهن. ماڻهن هڪ ئي حل تلاش ڪيو آهي دونهون پيدا ڪرڻ واري ڪا شي ساڙي ڇڏين ٿا، جنهن سبب انسان ۽ جانور مڇرن کان محفوظ رهن ٿا. ڪورونا سان ايترو تباهه نه ٿياسين، جيترو بارشن ۾ وڏن زميندارن هٿان مشڪل جو شڪار ٿيا آهيون. سڀني بااثر ماڻهن پنهنجي زمينن مان پاڻي ڪڍرائي ڇڏيو ۽ پاڻيءَ کي رستن تي ڇوڙ ڪري ڇڏيو.” تصور شاد راجپوت سينئر صحافي آهي، سندس چوڻ آهي ته ضلعي نوشهرو فيروز جي وڏي شهر موري ۾ اسپتال عملي طور بند آهن. قاضي احمد، دولتپور صفن وغيره جهڙن تعلقن جون اسپتالون ڪم نه پيون ڪن. جن علائقن ۾ زرعي زمينون موجود آهن اتي گوڏي جيترو پاڻي بيٺو آهي. ماڻهو وڃڻ جي لائق ئي ناهن. تنوير آرائين بدين پريس ڪلب جو صدر آهي، چوي ٿو ته ڊسٽرڪٽ اسپتال ته بهتر آهي ڇو ته اها انڊس اسپتال تحت ڪم ڪري رهي آهي. تعلقي اسپتالن ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ علاج جي سٺي سهولت ناهي، ڇو ته ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ آهي. شڪارپور ۾ ڪم ڪندڙ صحافي زاهد نون جو چوڻ آهي ته ضلعي اسپتال ڪم ته ڪري رهي آهي پر ضرورتون وڌيڪ آهن.

ماڻهو هڪ طرف ٻوڏ سبب بي گهر ٿيڻ جي مشڪل کي منهن ڏئي رهيا آهن پر انهن کي سڀ کان وڌيڪ مشڪل صحت جي سهولتن جي اڻهوند سبب پيش اچي رهي آهي. هن تماش گاهه ۾ ڪيستائين ايئن ئي هلندو رهندو؟