پيپلزپارٽيءَ جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ايندڙ اليڪشن!

0
289
پيپلزپارٽيءَ جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ايندڙ اليڪشن!

 سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کي خيرن سان پندرهن سال پورا ٿيڻ ۾ باقي وڃي ڪجھ ڏينهن بچيا آهن. ايندڙ اليڪشن جي لاءِ سندرا ڇڪجي رهيا آهن. آصف علي زرداري پنهنجون سموريون اٽڪلون، حرفتون ۽ چالاڪيون استعمال ڪندي ايندڙ پنجن سالن لاءِ نه رڳو سنڌ پر وفاق ۾ به پنهنجي حڪومت جوڙڻ جي جوڙ ٽوڙ ڪري رهيو آهي. سندس زندگيءَ جو وڏو مقصد پنهنجي جيئري بلاول زرداريءَ کي وزير اعظم ڏسڻ آهي. ڪنهن جي به خواهشن، حسرتن ۽ اميدن تي ڪا به پابندي ڪانهي. اهڙي خواهش رکڻ جو کين به پورو حق آهي. پر، سنڌي ماڻهن کي به کائنس صرف هڪڙو سوال ڪرڻ جو پورو حق آهي ته، سنڌين جي ووٽ سان لڳاتار بنا ڪنهن رنڊڪ جي پندرهن ورھيه سنڌ تي بادشاهي ڪرڻ باوجود سنڌين جي زندگين ۾ تبديلي/خوشحالي ڇو ڪانه اچي سگھي آهي؟!

                 ڪنهن به ملڪ يا خطيءَ تي لڳاتار پندرهن ورھيه حڪومت ڪرڻ ڪو گھٽ عرصو ڪونهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي انهن پندرهن ورهين ۾ ڪجھ ڪرڻ چاهي ها ته تمام گھڻو ڪجھ ڪري پئي سگھي. پر، پيپلزپارٽي پنهنجي حڪمرانيءَ جي سموري عرصي دوران ڪرپشن، نااهليت، خراب حڪمراني، انفرادي، گروهي مفادن جي حاصلات ۽ گھڻي ۾ گھڻي دولت ميڙڻ جي اڻ کٽندڙ هٻڇ سبب سنڌ ۽ سنڌين جي قومي اجتماعي مفادن ۽ وسيلن کي نيلام ڪندي رهي آهي.

جمهوريت توڙي پيپلزپارٽيءَ لاءِ ڏنل سنڌي عوام جي بي مثال قربانين سان تاريخ ڀري پئي آهي. پوليس ٿاڻن، جيلن، ٽارچر سيلن، ڦٽڪن ۽ جلاوطنين جا عذاب ڀوڳڻ کان وٺي ڦاهين جي ڦندن تائين وفاداريءَ جا سنڌي ماڻهن اڻمٽ ۽ لازوال مثال قائم ڪيا آهن. پر، افسوس، سنڌين جي لازوال قربانين جو ثمر، مال غنيمت سمجھي ويڪائو وڏيرا، جاگيردار، ڀوتار ۽ سردار کائيندا رهيا آهن. سنڌ جا ماڻهو اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن. اٽي، لٽي ۽ اجھي جھڙو دلفريب منشور رکندڙ پارٽيءَ جي دورِ حڪمرانيءَ ۾ سنڌ جا لکين انگ اگھاڙا ماڻهو بکئي پيٽ فوٽ پاٿن تي سمهڻ تي مجبور بڻايا ويا آهن. لکين ماڻهو تعليم، صحت ۽ روزگار جھڙن حقن کان محروم آهن.

جيڪڏهن پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن جي ڏنل عظيم قربانين جي موٽ ۾ دوکن، فريبن، چالاڪين ڪرڻ بدران صرف کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري ها ته اڄ جا گريجوئيٽ نوجوان بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪونه ڪن ها. نه ئي ريلوي اسٽيشنن، بس اسٽاپن ۽ بازارن ۾ اڇي مٿي واريون عورتون ۽ اڇين ڏاڙهين وارا بزرگ توڙي گُلن جھڙا خوبصورت معصوم ٻار پنندي نظر اچن ها. پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت سنڌي ماڻهن لاءِ ڀلي کير ۽ ماکيءَ جون نديون نه وهائي ها، پر کين صرف بنيادي سهولتون فراهم ڪري ها، تڏهن به سنڌين جون عورتون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي پنهنجي تذليل ڪونه ڪرائين ها. پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ته پنهنجن پندرهن ورهين جي حڪومتي عرصي دوران سنڌين جي عزت، احترام، قديم ريتن، رسمن، رواجن، قدرن جي سرِ عام تذليل ڪندي رهي آهي.

سنڌ جي ڪيترن ئي اترئين ضلعن ۾ قبائلي جھڳڙن، ڦرن، اغوائن ۽ بدامنيءَ جي باھ ٻاري وئي آهي. هن وقت خاص ڪري گھوٽڪي ۽ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعن جي عوام جو ساھُ مُٺِ ۾ آهي. انتها اها آهي ته هاڻي عورتن کي به اغوا ڪري سنڌ جي روايتن کي پڻ لڄايو پيو وڃي. مغوين سان جنسي زيادتيون ڪري انهن جون وڊيو وائرل ڪيو پيون وڃن. پنو عاقل ۽ سکر ۾ پوليس جي موجودگيءَ دوران هٿياربند جٿن پاران سرِ عام ڳوٺن تي حملا ڪري ماڻهن کي قتل ڪرڻ سميت عورتن کي اغوا ڪري کڻي وڃڻ جھڙا انسانيت کي لڄائيندڙ واقعا حڪمرانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ملڪ جي خفيا ادارن جي منهن تي زوردار چماٽ آهن. ڀوتارن، سردارن ۽ حڪومتي نمائندن لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪو قانون ڪونهي. انساني حقن جي روزانو ڏينهن ڏٺي جو وڏي دليريءَ سان پائمالي ڪئي پئي وڃي. پوليس کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو ويو آهي. جنهنڪري قانون کان مٿانهان قتل، هاف فراءِ، فل فراءِ، قبائلي جھيڙا، ڌاڙيل ڪلچر، چوريون، ڦرون، اغوا ۽ ٻيا واقعا عام معمول جي ڳالھ بڻجي ويا آهن. سڄي سنڌ ۾ پوليس جي سرپرستي هيٺ منشيات جھڙو زهريلو ڪاروبار پنهنجي عروج تي آهي. سنڌ جو نوجوان نسل جنهن تي پنهنجي خاندان جي خدمت ڪرڻ سميت ٻيون ڪيتريون ئي قومي ذميواريون پڻ آهن، انهن نوجوانن جي رڳن ۾ منشيات جو زهر ڀري کين اپاهج بڻائڻ جو سلسلو جاري آهي. پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا چورن، ڦورن، داداگيرن، دهشتگردن، ڌاڙيلن، منشيات فروشن، ڀوتارن، سردارن ۽ ٻين سماج دشمن عناصرن سان ٻِٽُ بڻيل آهن. باقي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن، عوام دوست ۽ سنڌ دوست قومي ڪارڪنن لاءِ رِڻُ ٻريو پيو آهي.

پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهڙن روين ۽ ڪاررواين عام ماڻهن جي زندگيءَ ۾ خوف، هراس ۽ مايوسيءَ سان گڏ نفرت واري فِضا قائم ڪري قانون جي رکوالن تان ويساھ ئي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ اهو سڀڪجھ ڪو اوچتو ڪونه پيو ٿئي. هڪ وڏي منصوبابنديءَ سان ڪرايو پيو وڃي. سنڌي ماڻهن جو پنهنجن بنيادي مسئلن ۽ قومي اجتماعي حقن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني ۽ لاقانونيت جو راڪاس بڇيو ويو آهي. جنهنڪري هر ماڻهو پنهنجن ذاتي خفن ۽ ٻن وقتن جي ماني ڳڀيءَ لاءِ ايترو ته پريشان آهي جو ٻئي طرف ڏسڻ، سوچڻ ۽ سمجھڻ توڙي حڪمرانن جي چالاڪين ۽ سنڌ دشمنين طرف ڌيان ڏيڻ جو کين وقت ئي ڪونه ٿو ملي. اهو سڀڪجھ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومتي دور ۾ ٿي رهيو آهي. پيپلزپارٽي پنهنجن پندرهن ورهين جي بادشاهيءَ دوران ڪو به عوام دوست يا سنڌ دوست ڪم ڪرڻ بدران سدائين عوام آزار ۽ سنڌ دشمن فيصلا ڪندي رهي آهي. پنهنجي حڪمرانيءَ دوران هنن ڪيترائي اهڙا ڪُڌا ڪم ڪيا آهن، جيڪي سڌا سنوان سنڌ دشمني جي ذمري ۾ اچن ٿا. ٻٽي مڪاني نظام کان وٺي سنڌ جا ٻيٽ، سنڌ جا ٻيلا، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون، درياءُ، ڪوسٽل ايريا، سمنڊ ۽ بندرگاھ کپائڻ کانپوءِ، هاڻي وري ڪارونجھر تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي. سنڌي ماڻهن لاءِ پنهنجو وطن ۽ ڌرتي مقدس ۽ ماءُ جي درجي برابر پڻ آهي. زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ تي حڪومت ڪندڙ پيپلزپارٽي سنڌين جي ان وطن کي ورهائڻ سميت پنهنجي واپار ۽ ڪاروبار جو وکر سمجھي سودو ڪري رهي آهي.

اهڙين حالتن ۾ هينئر وري اليڪشن جو وقت اچي پيو. ساڳيا وڏيرا، ڀوتار، جاگيردار، سردار، مير، پير ۽ گادي نشين وڏين گاڏين جي جلوسن سان گڏ، وڏي رعب ۽ تاب سان، بندوق بردارن ۽ واٺن جي وڏي جلوس سان گڏ ايندا. اسان جا ويچارا سادا، سٻاجھڙا، ماروئڙا ۽ جھانگيئڙا کين پيرين پوندا، ٽُڪَ جون ڀليون رليون وڇائيندا،

پاڻ ڀلي رُکِي ماني کائيندا پر، هنن لاءِ قرض کڻي، گھرن جا ٽپڙ کپائي کين ڪڪڙ ۽ ڇيلا  کارائيندا ۽ نچندا، ڪڏندا، ٺينگ ۽ ٽپا ڏيندا، تير بجا تير تي جھُمريون هڻندا ٻارين ٻچين وڃي کين ووٽ ڏئي کٽرائي ايندا. وري پنج سال پيا روئندا، پٽيندا، ڪُٽيندا، هاءِ گھوڙا ڪندا. عذيتون، عذاب، رُسوايون ۽ ذلتون ڀوڳيندا رهندا. پوءِ وري ميارون ۽ گاريون قومپرستن کي پيا ڏيندا. ووٽ پيپلزپارٽيءَ جي وڏيرن کي ڏيندا. حڪومت ۾ وزيراعليٰ سميت وزير، مشير ۽ صلاحڪار پيپلزپارٽيءَ جا وڏيرا بڻيل هوندا. سوديبازيون، چالاڪيون ۽ ويساهه گهاتيون اُهي ڪندا وتن. هاءِ گھوڙا، وارو ڙي وارو وري قومپرستن جي ڪڍ هوندو.

ياد رکو! جيڪڏهن پنهنجا حق حاصل ڪرڻا آهن، پنهنجي وطن تي عزت، وقار، آزادي ۽ غيرتن سان زندگي گذارڻي آهي ته پوءِ اسان کي پنهنجن مزاجن، طبيعتن، روين ۽ سياسي فيصلن ۾ لازمي تبديلي آڻڻي پوندي. اسانکي هر قسم جي دٻاءَ کان آزاد ٿي پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻو پوندو. ووٽ ڀوتارن کي ڏيڻ بدران سنڌ دوست، سنڌ پرست ۽ باڪردار قومپرستن کي ڏيڻو پوندو. اهوئي هڪڙو واحد رستو آهي، جيڪو اسانکي هر قسم جي عذابن، ذلتن ۽ غلامين کان ڇوٽڪارو ڏياري خوشحال زندگي ۽ روشن مستقبل ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.

[email protected]