شهزادي قاسم عه جي سيج ۽ شهادت

0
360
شهزادي قاسم عه جي سيج ۽ شهادت

 محرم الحرام جي چنڊ ڏسڻ سان جتي سنڌ ۾ سوڳوار ماحول طاري ٿي ويندو آهي، اتي پهرين کان ڏهين تائين جي ڪجهه مخصوص ڏينهن کي مختلف شهيدن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. انهن ڏهاڙن ۾ شهيدن جو ذڪر ڪري، مصائب بيان ڪيا ويندا آهن. اڄ اٺين تاريخ آهي ته نائين جي رات يعني اڄ شام کان فرزندِ امام حسن عه جي شهزادي جناب قاسم جي نالي تي سيج ڪڍي ويندي. ان سان گڏ شهزادي جي نالي سان مينديءَ جي رسم پڻ منسوب آهي. ڪجهه روايتون آهن ته نينوا جي ويراني ۾ پهچڻ کان اڳ جناب قاسمَ جي شاديءَ جون تياريون هلي رهيون هيون. مَقتل جي مڪتب ۽ سنڌ جي اسٿاني روايتن جي آڌار تي شهزادي کي ‘قاسم گهوٽ’ پڻ چيو ويندو آهي. ڪربلا جي ان گهوٽ جي ميندي، عورتون، گهر ۾ ئي تيار ڪنديون آهن. ان موقعي تي سوز سان مولا قاسم جا لاڏا پڻ چيا ويندا آهن، جنهن ۾ خوشيءَ کان وڌيڪ گريو سمايل هوندو آهي. منظور نقوي پنهنجي ڪتاب ‘سنڌ جي مدنيت’ ۾ لکي ٿو ته، “زالون مينديءَ کي نهايت پاڪائيءَ سان سينگارينديون آهن. ڇا ڪنديون آهن جو مينديءَ جا پنج پاءَ يا جيتري پڄي سگهي، صاف ٿالهن ۾ پسائي رکنديون؛ جنهن ۾ گلاب جو عطر، چندن جو ٻورو وغيره به ملائينديون، مٿان وري سون ۽ چانديءَ جا ورق لڳائينديون آهن. ان مينديءَ ۾ ٿالهه جي ڪنن جي اندرئين پاسي گلاب جي گلن جون ٽاريون کوڙينديون، ٿالهه جي وچ ۾ اگربتيون ۽ ميڻ بتيون ٻاري انهن گلاب جي ٽارين جي مٿان کهنبو ڪپڙو وجهي ڇڏينديون، پوءِ انهيءَ ٿالهه کي کڻي سينه زني ڪنديون، نوحا چونديون پڙن تي ڦيرائينديون آهن. پڙَ، گهرن کان ٻاهر ۽ پري هوندا ته ميندي سينگاري مردن سان گڏ پڙن تي وينديون آهن؛ پوءِ پڙن تان گهمائي صبح ٿيڻ کان اڳ نهر ڪري ڇڏينديون آهن.”

مان مٿي لکي آيو آهيان ته سنڌ ۾ اٺين جو ڏينهن ۽ نائين جي رات جناب قاسم جي سيج لاءِ مخصوص هوندا آهن. سيج گهڻو ڪري رات جو ڪڍي وڃي ٿي. ان سڄي عمل ۾ نهايت پاڪائيءَ سان هڪ کٽ کي سينگاري اتي سيج وڇائي ويندي آهي. ان کٽ تي پوءِ ڪير به ويهي ناهي سگهندو. نائين جي رات کان هڪ ماڻهو ان سيج تي ضرور اوجاڳو ڪندو؛ اهو مرحلو شامِ غريبان تائين جاري رهندو.

شامِ غريبان کان اڳ صبح عاشور ۾ جڏهن هڪ پاسي امام عالي مقام کي شهيد ڪرڻ جون تياريون ڪيون پئي ويون ته ٻئي طرف خيمن ۾ صبر ۽ استقامت جا اعلى مثال قائم ٿي رهيا هئا. امام حسين عه نهايت سڪون سان هو. هو ڄاڻي پيو ته خدا سان ملاقات جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي. پاڻ اطمينان سان ڪنهن وقت پنهنجي فرزند جناب اڪبر عه ڏانهن ڏسي رهيا هئا ته ڪنهن وقت مولا عباس عه ڏانهن نهارين پيا. سندن نظر جڏهن پنهنجي ڀاءُ امام حسن عه جي جوان پٽ ڏانهن وئي ته هنن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي! تيرنهن ورهين جو ڳڀرو جوان، پنهنجي چاچي ۽ وقت جي امام جي آواز کي لبيڪ چوندي ڪربلا ۾ پهتو هو.

ڪربلا ۾ جناب قاسم عه جي شهادت جي واقعي کي ابو مخنف، شيخ مفيد، علامه مجلسي ۽ طبري جهڙن وڏن عالمن پنهنجن ڪتابن ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي: “جڏهن سرڪار سيد الشهداءِ جا سڀ اصحاب با وفا پنهنجي جانين جو نذرانو راههِ خدا ۾ پيش ڪري چڪا ته امام حسن عه جي فرزند شهزادي قاسم جو وارو آيو. پاڻ پنهنجي چاچا حسين عه جي خدمت ۾ پيش ٿيا. عرض ڪيائون ته چاچا سائين! هاڻي مونکي جنگ جي اجازت ڏني وڃي. امام حسين عه جواب ڏنو: اي قاسم! اي منهنجا عزيز ڀائيٽا! توهان منهنجي شهيد ڀاءُ جي نشاني آهيو، ان ڪري توهان ميدان ۾ نه وڃو. توهان جي موجودگي منهنجي دل جو سڪون آهي. جڏهن شهزادي قاسم ڏٺو ته چاچو اجازت نه پيو ڏئي ته پاڻ تمام گهڻا غمگين ٿيا ۽ امام حسين عه جي پيرن ۾ ويهي اصرار ڪرڻ لڳا. ايتري ۾ جناب قاسم کي ياد آيو ته هن جي بابا امام حسن عه آخري وقت تي بازوءَ تي هڪ تعويذ ٻڌي چيو هو: منهنجا پٽ! جڏهن به تنهنجي مٿان، ڏکيو وقت اچي ته توهان هي تعويذ کولجو ۽ هن ۾ جيڪو به لکيل آهي، ان تي عمل ڪجو. شهزادي قاسم اهو سوچي تعويذ کوليو؛ جنهن ۾ تحرير هو: منهنجا پٽ! مان توکي وصيت ڪريان ٿو ته ڪربلا ۾ جڏهن به پنهنجي چاچا کي دشمن جي گهيري ۾ ڏسين ته هن جي مدد ڪجان؛ ڪنهن به صورت توهان کي پوئتي ناهي رهڻو. اها تحرير جناب قاسم، امام حسين عه کي ڏيکاري. ٻنهي تحرير پڙهي. جناب حسن عه کي ياد ڪري تمام گهڻو گريو ڪيو.

حضرت زين العابدين عه کان روايت آهي ته عاشور جي رات جڏهن امام حسين عه سڀني شهيدن ۽ جنت ۾ انهن جي مَقامن بابت ٻڌائڻ لڳو ته جناب قاسم عه کي گمان ٿيو ته ڪٿي ننڍي عمر جي ڪري شهيدن ۾ هن جو نالو نه هجي. عرض ڪيائين: چاچا سائين! شهيدن جي فهرست ۾ منهنجو نالو آهي؟ امام حسين عه جناب قاسم کي ويجهو آڻي سيني سان لائي پڇيو: اي منهنجا ٻچڙا! توهان جي نظر ۾ موت ڪيئن آهي؟ شهزادي قاسم نهايت اطمينان سان وراڻيو: چاچا سائين! موت منهنجي لاءِ ماکيءَ کان مٺو آهي. شهزادي جو جواب ٻڌي امام حسين عه چوڻ لڳو: اي منهنجا اکين جا ٺار، توهان کي به سڀاڻي قتل ڪيو ويندو ۽ لاشُ گهوڙن جي سنبن هيٺان پائمال ڪيو ويندو.

روايتن ۾ آهي ته جناب قاسم عه عاشور جي ڏينهن بهادريءَ سان وڙهندي جام شهادت فرمائي. پاڪ مطهر جسم کي گهوڙن جي سنبن هيٺان پائمال ڪيو ويو. لاش ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو، جڏهن امام حسين عه پنهنجي جوان ڀائيٽي جو لاش کڻڻ مقتل آيا ته جسمِ اطهر ايترن حصن ۾ورهايل هو جو پاڻ جناب قاسم عه جي سڃاڻپ نه ڪري سگهيا. پاڻ زمين تي ويهي صبر ۽ شڪر سان لاش جي ٽڪرن کي ميڙڻ لڳا:

لاشان دي وچ لاش قاسم دي، لاش سڃاڻ نه آوي،

جوڙ جوڙ ڪي ٽڪڙي سيد، اڪ تصوير بنائي.

لاش کي سهيڙڻ جو وقت آيو ته پاڻ پنهنجي ڀاءُ غازي عباس عه کي سڏ ڪيائون: “اي عباس!َ توهان ڪٿي آهيو؟ ڪا چادر کڻي اچو، لاش ايترن ٽڪرن ۾ آهي، جو انهن کي چادر ۾ ويڙهي کڻڻو پوندو.” ٻئي پاسي اهلِ بيت جي خيمن ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو.