پيٽ گذر لاءِ مزدوري ڪندو هئس: فراز ڪورائي

0
198

خيرپور (رپورٽر) خيرپور واسي نوجوان فراز ڪورائي پاڪستان هاڪي ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيڻ تي تمام گهڻو خوش آهي.  فراز ڪورائي هاڪي ٽيم سان گڏ ازبڪستان ويندو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي فراز ڪورائي چيو ته 5 سالن کان هاڪي راند کيڏي رهيو آهيان، انٽر پاس ڪئي اٿم ۽ پيٽ گذر لاءِ دڪان تي مزدوري به ڪندو آهيان، سنڌ ۽ خيرپور جو ڳاٽ اوچو رکڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪندس. ٻئي پاسي فراز ڪورائي ٽريننگ به تيز ڪري ڇڏي آهي.