اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري رهي آهي، ذريعن موجب اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي واري سمري وفاقي ناڻي وزارت کي اماڻي ڇڏي آهي، جنهن مطابق پيٽرول جي قيمت 4 رپيا 20 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 50 پيسا اضافو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، اوگرا جي سمري تي وفاقي حڪومت اڄ 15 جون تي فيصلو ڪندي ۽ نيون قيمتون 15 ۽ 16 جون جي وچ واري رات کان لاڳو ٿينديون.