اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جون قيمتون 15 ڏينهن تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي في لٽر لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ 10 رپين جي گهٽتائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو تفصيل موجب ناڻي وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته اوگرا پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي سفارش ڪئي هئي پر وزير اعظم شبهاز شريف سان مشاورت بعد وزير اعظم پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قميت ۾ ڪو به اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي جنهن ڪري پيٽرول جي في لٽر جي گذريل 15 ڏينهن واري پراڻي 272 رپيا قيمت برقرار رهندي ائين هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر جي به پراڻي قيمت 293 رپيا 15 اپريل تائين برقرار رهندي، ناڻي وزير في لٽر لائيٽ ڊيزل  ۽ في ليٽر گاسليٽ جي قيمت ۾ 10-10 رپين جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آھي جنهن بعد گاسليٽ جي في لٽر جي قيمت 180 رپيا 29 پيسا مقرر ڪئي وئي آھي جڏهن ته في ليٽر لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي بعد نئين قيمت 174 رپيا 68 پيسا مقرر ڪئي وئي آھي نيون قيمتون اڄ کان 15 اپريل تائين لاڳو هونديون.