اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽيو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 48 تحت وزيراعظم جي ايڊوائس جي منظوري ڏئي ڇڏي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽيو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي.