پينڊورا پيپرز تي عمران خان ڪميشن ٺاهيندو پر نتيجو نه نڪرندو: خورشيد شاهه

0
177

سکر( بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان پاران پينڊورا پيپرز تي ڪميشن ٺاهڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، عمران خان ڪميشن ٺاهيندو آهي پر ان جو ڪوبه نتيجو ناهي نڪرندو.

احتساب عدالت سکر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن چيو ته پينڊورا پيپرز ڪيس هنن جو پنهنجو آهي،  مان اڄ  هڪ تجويز پيش ڪري رهيو آهيان ته پارٽين کي پابند ڪيو وڃي ته چونڊ منشور کي پورو ڪن.

خورشيد شاهه چيو آهي ته  اليڪشن دوران سياسي پارٽين پاران جاري ڪيل منشور جي گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو تي عمل ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي.

خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ کي هڪ بل پاس ڪرڻ گهرجي ته پارٽيون پنهنجي منشور تي عمل ڪرائڻ جون پابند آهن، جيڪا به پارٽي پنهنجي چونڊ منشور جي 40-50 سيڪڙو تي عمل نه ڪري ان کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪا پارٽي حڪومت ۾ اچي  پر منشور تي عمل نٿي ڪري، ان کي به حڪومت مان ڪڍيو  وڃي، عمران خان عوام کي وڏيون ڳالهيون ڪري دوکو ڏنو.

هن چيو آهي ته ماڻهو عمران خان جي لفظن سان مطمئن ٿي ويا آهن ۽ هاڻي تڪليف برداشت ڪري رهيا آهن،  عمران خان نوڪريون ۽ گهر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته  جنهن وزيراعظم  کي اهو پتو ناهي  ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي ان کي وزير اعظم جي عهدي تي رهڻ جو ڪوبه حق ناهي،  عمران خان کي هي به خبر ناهي ته آءِ ايم ايف ۾ ڇا ٿي  رهيو آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته ملڪ جي صورتحال تمام خراب آهي، پرڏيهي پاليسي مڪمل ناڪام آهي، اسان کي ان بابت سوچڻ گهرجي، عمران خان قومي معاملن تي اپوزيشن سان ڳالهائڻ  لاءِ تيار ناهي،  جڏهن عمران خان اپوزيشن ۾ هو، هن پارليامينٽ کي نه سمجهيو، هاڻي به پارليامينٽ کي  اهميت نه ڏئي رهيو  آهي

خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اچڻ به گوارا نه ٿو ڪري، آرمي چيف ۽  اسٽيڪ هولڊرز به عمران کي چيو ته قومي معاملن تي اپوزيشن سان ڳالهايو وڃي،  عمران خان ڪنهن جي به نه مڃي  رهيو آهي، عمران خان هندستان سان ڳالهيون ڪري  ٿو پر مخالف ڌرين  سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي.