حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد ۾ ٺڳ پرائمري ماستر کان 19 لک رپيا ٺڳي فرار ٿي ويا، واقعي بابت نسيم نگر ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي. رپورٽ ۾ داتا نگر جي رهواسي پي پي ايڇ آءِ جي ملازم سلمان ٽالپر ڄاڻايو آهي ته سندس والد ولي محمد ٽالپر رٽائرڊ پرائمري گهر ٻاهران گلن کي پاڻي ڏئي رهيو هو ته ڪلٽس ڪار ۾ سوار ٽن ڄڻن کيس ڳالهين ۾ منجهايو ۽ جادو جي پڙهائي ڪري کيس ڪار ۾ سنهري بڪ ڊيپو وٺي ويا جتي کيس خوف ڏنو ته گهر ۾ جيڪا به رقم پيل آهي اها کڻي هو سندن حوالي ڪري ٻي صورت ۾ سندس گهر کي باهه لڳي ويندي. ٺڳن جي اهڙي خوفناڪ ڳالهين کانپوءِ پيرسن ولي محمد سندن اعتبار ڪيو ۽ ٻيهر ڪار ۾ سوار ٿي پنهنجي گهر ٻاهران وٺي آيو. نسيم نگر پوليس جو چوڻ آهي ته پرائمري استاد گهر ۾ پيل 19 لک 70 هزار رپيا کڻي ٺڳن سان گڏ سندن ڪار ۾ سوار ٿيو جنهن کي مختلف علائقا گهمائڻ بعد هو ڪاغذن سان ڀريل شاپر ڏئي ٻيهر در ٻاهران ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته جنهن علائقي ۾ رٽائرڊ استاد کي ٺڳ پنهنجي گاڏي ۾ کڻي ويا هئا ان علائقي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳل آهن ان لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪيمرا مان ٺڳن جي ٽولي جا فوٽو ڏسي کين گرفتار ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي.