پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري ويجهو ڳوٺ محمد عالم لاشاري ۾ غريب هاري جو 8 ورهين جو پٽ راج ڪمار  پٽ چنو ڪولهي چمڙي جي بيماري ۾ وٺجي ويو آهي، جنهن سبب سندس سڄو جسم  ڪارن داغن سان ڍڪجي ويو، نينگر کي منڪي پاڪس هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان نينگر جي والد جو   چوڻ آھي ته منهنجو پٽ   خطرناڪ بيماري ۾ وٺجي ويو آھي، مهانگائي جي دور ۾  غربت سبب سندس علاج نه ٿو ڪرائي سگهان، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پٽ جو علاج ڪرايو وڃي.