پيارو اسٽيشن (ن پ ا) پيارو اسٽيشن ڀرسان راهوجا مائينر کي گهارو پئجي ويو، آبپاشي عملو نہ پهتو، پيارو اسٽيشن ڀرسان راهوجا مائينر کي آر ڊي 15 وٽان 15 فوٽ گهارو پئجي ويو، شاخ ۾ پاڻيءَ جي لاڳيتي کوٽ کانپوءِ شاخ ۾ اوچتو ايندڙ پاڻي سبب ڪپر ڪمزور هئڻ ڪري گهارو لڳي ويو، شاخن جي کاٽي نہ هئڻ سبب زرعي پاڻي مذڪوره آر ڊي وٽان شاخ بدران خالي کڏن ۽ زرعي زمينن ۾ وهي ويو، جڏهن تہ گهارو پوڻ باوجود آبپاشي عملو نہ پهتو، مقامي ڳوٺاڻ ۽ هارين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻَڌو.