پوليس جي پهري هيٺ ٻيهر قرآن پاڪ جي بي حرمتي

0
379
پوليس جي پهري هيٺ ٻيهر قرآن پاڪ جي بي حرمتي
پوليس جي پهري هيٺ ٻيهر قرآن پاڪ جي بي حرمتي

جنوني شخص ٻيهر پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ڪري وڌي، پاڪستان جو سخت رد عمل سامهون آيو آهي

اسلام آباد: پاڪستان سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري نئين واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي

سويڊن ۾ جنوني شخص سلوان موميڪا پوليس جي پهري هيٺ هڪ ڀيرو ٻيهر قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي

سلوان موميڪا گذريل مهيني 29 جون تي عيد الاضحيٰ واري ڏينهن به قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي هئي

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو آهي ته اسلامو فوبيا جي واقعن دنيا جي 2 ارب مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو ته عالمي برادري اسلامو فوبيا جي ڪارروائين جي مذمت ڪري

هن کي به پڙهندا

عمران خلاف قتل ڪيس ٻڌندڙ جج تبديل

مارشل لا لڳو ته اسان مداخلت ڪنداسين: چيف جسٽس