پوليس تي دٻاءُ آهي، راڻيپور واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو: آءِ جي سنڌ

0
391

ڪراچي (رپورٽ:نذير ميمڻ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته راڻيپور واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو

نئون مقرر آءِ جي سنڌ رفعت مختار سنڌ ھاءِ ڪورٽ پھچي ويو، چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي

آءِ جي سنڌ رفعت مختار جو چوڻ هو ته پوليس تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي، ماڻهن کي پوليس مان اميدون آهن، ان کي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين

چيف جسٽس ملاقات لاءِ گھرايو ھو، امن امان اسان جي اولين ترجيح آهي، امن امان جي بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا

ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته عام چونڊن لاءِ پرامن ماحول فراھم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، عام چونڊن لاءِ پرامن ماحول فراھم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي

سنڌ پوليس جي اھم ذميواري مون لاءِ اعزاز آھي، صوبي جي عوام کي بنا خوف ۽ خطري جي خدمتن عيوض پرامن ماحول فراھم ڪرڻ اولين فرض آھي

هن چيو ته مستقبل ۾ چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ پوليس کي عمده اپائن ۽ طريقيڪار کي برقرار رکيو وڃي

هي به پڙهندا

اسد شاهه جي حمايت ۾ ڪٺ ڪوٺائي پوليس ۽ صحافين کي ڌمڪيون ڏيندڙن مٿان ڪيس داخل