نگران صوبائي وزير پاران سنڌ جي معدنيات نيلام ڪرڻ جو اشارو

0
196

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) نگران صوبائي وزير پاران سنڌ جي معدنيات نيلام ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي

سنڌ جي نگران معدني وسيلن واري وزير خدا بخش مري سنڌ جي معدنيات نيلام ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

پريس ڪانفرنس  ڪندي صوبائي وزير خدا بخش مري  چيو ته معدني وسيلن جي فائدن بابت عوام کي خبر ناهي، ملڪ ڪرائيسز ۾ آهي، اسان جي مُلڪ ۾  وسيلا آهن، وسيلا استعمال ڪرڻ سان وڏي  سپورٽ ملي سگهي ٿي

نگران صوبائي وزير موجب ريتي بجري، چونا پٿر، ماربل، سليڪا ۽ گرينائيٽ سميت قيمتي معدنيات وسيلا آهن

صوبائي وزير خدا بخش مري چيو ته 27 معدنيات موجود آهن، جتي به منرل آهن، انهن جي سروي ڪئي ويندي، سروي بعد اهو اندازو لڳائي سگهبو ته ساليانو ڪيترو ڪمائي سگهبو، سنڌ ۾ موجود معدنيات ڪڍي ايڪسپورٽ ڪري جهجهو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو

هي به پڙهندا

نگران وڏي وزير اوٻاوڙو ۾ ٻارڙيءَ جو سڱ چٽيءَ معاملي جو نوٽيس ورتو