‘پوليس آپريشن’: ڪنڊو لڳو پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو

0
197
آءِ ايم ايف جي فرمائس تي دوائون به مهانگيون ٿينديون؟
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

سمجهه ۾ نٿو اچي ته انتظاميا جو ڌاڙيلن سان ڪهڙو اڻ اعلانيل اتحاد آهي، جو انهن کي سنڌ جي اڌ درجن اترئين ضلعن ۾ ‘فري هينڊ’ مليل آهي. اهي جڏهن به چاهين، جتان به چاهين، ماڻهو اغوا ڪريو وڃن. جهنگ، روڊ رستا ته پري جي ڳالهه، ماڻهو ڌاڙيلن کان پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ ناهن. هاڻي صورتحال اتي وڃي پهتي آهي، جو شهرن ۾ پنهنجن گهرن اڳيان، گهٽين ۾ راند ڪندڙ معصوم ٻارڙن کي به اغوا ڪيو وڃي ٿو. ڏوهاري راڪاس قانون کان ڏاڍا آهن. اڃان پريا ڪماري، فرحان سومرو ۽ ٻيا ٻارڙا بازياب نه ٿي سگهيا آهن ته ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽول پلازا ويجهو 5 سالن جي معصوم نياڻيءَ کي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن. هٿياربند ڏوهاري شهرن ۾، وسندين ۾ بنا روڪ رنڊڪ جي پيا هلن پر اهي چڪاس جا اسپيڊ بريڪر ڪيئن ٿا پار ڪري واردات ڪري فرار ٿي ٿا وڃن، جو پڪڙجن نٿا. ڇا انهن کي سليماني ٽوپيون پاتل آهن، يا قانون سماعت ۽ بصارت کان محروم ٿي ويو آهي؟!

اهو سوال قديم زمانن جو آهي ته، “عقل وڏو يا مينهن وڏي؟” ۽ هاڻوڪي زماني جو سوال اهو آهي ته، “قانون وڏو يا ڌاڙيل وڏا؟” ان سوال جي جواب لاءِ ڪي وڏا ضخيم ڪتاب پڙهڻ يا گوگل جي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ جي ضرورت ناهي. ان جو جواب به سنڌ جي امن امان واري صورتحال مان واضح آهي. هڪ طرف رياست ۽ ان جي طاقت آهي ته ٻئي طرف ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ وارداتون ڪندڙ ڌاڙيلن جا 6 ٽولا آهن، جن ۾ وڌ ۾ وڌ به ٽيهارو کن ڌاڙيل آهن، جن پوليس کي گِيسيون ڪرائي ڇڏيون آهن. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته ڏوهه سرپرستيءَ جي ڇٽيءَ جي هيٺان اسري ۽ نسري ٿو. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اگر ڌاڙيل “نڌڻڪا” هجن ها ته ڇا اهي رياست سان مهاڏو اٽڪائين ها؟ هن وقت هونئن ته 6-7 اتريان ضلعا امن لاءِ سِڪي ويا آهن، پر خاص طور تي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعو بدامنيءَ جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي، جتي جي سورمي پوليس ڪماني ڀوتارن جي درن تي نڪ گَسائي، پنهنجن پوليس وارن کي ته ڌاڙيلن سان ڊيل ڪري آزاد ڪرائي ورتو آهي پر معصوم مغوي فرحان سومرو ان کان وسري ويو آهي. خبرن موجب، موجوده پوليس ڪمانيءَ جي ان ضلعي ۾ مقرريءَ وارن ڇهن مهينن دوران 250 ماڻهو اغوا ٿي چڪا آهن، ۽ هن وقت به 30 ماڻهو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن. “پوليس پراڊڪشن هائوس” ۾ جيڪي ناٽڪ تيار ٿين ٿا، انهن مان هڪڙو “آپريشن” وارو ناٽڪ پڻ آهي. ڪٿي پيو آپريشن ٿئي؟ ڪهڙي گرهه تي پيو آپريشن ٿئي؟ ڪنهن جي خلاف پيو آپريشن هلي؟ سنڌ ۾ ڌاڙيلن ته معصوم ٻارڙن کان ٻاروتڻ کسي ورتو آهي، ٻارڙا گهٽين ۾ راند روند به نٿا ڪري سگهن. ڌاڙيلن خوف ۽ ڏهڪاءَ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ضلعي جي پوليس ڪمانيءَ جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي ته اهو پوليس جي ناڪاميءَ جو اقرار ڪري مَنجو ڇڏي! باقي سنڌ پوليس جو سربراهه آءِ جي بهادر ته ڌاڙيلن تي ڪک به نٿو سهي. جڏهن ڌاڙيلن خلاف رينجرز ۽ فوج جي مدد سان آپريشن جو مطالبو ڪجي ٿو ته آءِ جي چوي ٿو ته پوليس پاڻ آپريشن ڪندي ۽ پوليس ڪهڙو آپريشن پئي ڪري، اهو ته پوليس اهلڪارن جي اغوا ۽ ڀوتارن جي سهڪار سان انهن جي واپسيءَ مان ئي ظاهر آهي!

هن وقت سنڌ ۾ جيڪا انتظامي ڪارڪردگي آهي، سا ان چوڻيءَ جهڙي آهي ته، “ڪنڊو لڳو پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو”. سنڌ سان به اهو ئي پيو ٿئي. ڌاڙيلن کي واهڻن ۽ وسندين، شهرن ۾، شاهراهن تي وارداتون ڪرڻ جي ڄڻ راهداري مليل هجي! عوام جو تحفظ رياست جي آئيني ذميواري آهي، اها ڇو نه پئي پوري ڪئي وڃي؟ حڪمران نئين چونڊن جي تيارين ۽ جوڙ ٽوڙ وارين مصروفيتن ۾ آهن، اهڙي صورتحال ۾ عوام جي تحفظ وارو آئيني فرض ڪير پورو ڪندو؟ ان ڪري نا اهليءَ جو مظاهرو ڪندڙ پوليس انتظاميا کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي، ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ اشرافيه کي ناڪيلي وڌي وڃي.