پني عاقل ۽ جوهي ويجهو روڊ حادثا، 3 ڄڻا فوت

0
179
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

پنو عاقل(ن پ ا) پني عاقل ويجهو ٽرالر، ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر،2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڀيلار وٽ قومي شاهراھ تي حادثي سبب اختيار بلو موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ھڪ نوجوان اسپتال ۾ دم ڏئي ڏيو، زرعي يونيورسٽي جو شاگرد آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن جي غلطي آهي، هوڏانهن جوھي ويجهو گڏھ گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جو زخمي شخص فوت ٿي ويو، گذريل ڏينھن لعل بخش لغاري حاجي خان موري وٽ زخمي ٿيو هو، جيڪو نوابشاھ اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نـ سھندي فوت ٿي ويو آھي.