پنو عاقل: گهران نڪتل ناري جي پلاند ۾ 2 ڄڻا قتل

0
521
پنو عاقل: گهران نڪتل ناري جي پلاند ۾ 2 ڄڻا قتل
پنو عاقل: گهران نڪتل ناري جي پلاند ۾ 2 ڄڻا قتل

پني عاقل ۾ خوفناڪ واقعو پيش آيو، جتي گهران نڪتل ناري جي پلاند ۾ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب ڳوٺ تي حملو ڪيو ويو، 2 نوجوان قتل ٿي ويا آهن

پنوعاقل مان پرڻي لاءِ ناريءَ جي گهران نڪرڻ بعد هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري  ڏنو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا

سانگي ويجهو امير بخش ڪلهوڙو تي هٿياربندن حملو ڪري مبينا طور 3 عورتون به اغوا ڪري ورتيون

مارجي ويلن ۾ مرتضيٰ ڪلهوڙو ۽ غفار ڪلهوڙو شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ عبدالغني ملوڪاڻي، پيراڻو، غلام محمد ۽ ٻيا شامل آهن

مقتولن جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مهر برادري جي هٿياربندن اسان جي گهرن تي سرعام حملو ڪيو، هٿياربندن سانگي پوليس ٿاڻي ٻاهران به فائرنگ ڪئي

ذريعن موجب ناري امام زادي مهر نوجوان وسيم ڪلهوڙو سان پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪتي هئي

ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن مقتولن جا لاش رکي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن، پنجاب ۽ ٻين علائقن ڏانهن ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي

مغوي عورتن جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي