پنهنجي ڪهاڻي ٽوڪَ…!

0
206

ھن جو نَڪُ، نه صرف ھن لاءِ مسئلو، پر انتھائي شرمندگيءَ جو باعث پڻ بڻيل هو. ڪٿي به ۽ ڪنهن به ننڍي وڏي تقريب ۾ وڃي ساھُ نه ٿي ڪيائين. ھر مرد توڙي عورت جي نظرن ۾ ڪو تيرُ ٿي ڀانيائين. جيڪو طنز ۾ ٻُڏي ھن جي دل ۾ لھي ٿي ويو.

۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ مان اھو آواز به ھن جي ڪنن تائين ضرور پئي پھتو ته،”اڙي، ڏِسوس ته، ڄڻ ڪو ڍڳي جو نَڪُ چنبڙائي آئي آهي..”

ان مھل ھن جي دل چوندي هئي ته،”زمين جاءِ ڏئي، ته ان ۾ لھي وڃان..”

ڊاڪٽرن ڪا ڳُجهي بيماري پئي ڄاڻائي، جنهن ڪري هن جو نَڪُ وڌندو ئي وڌندو ٿي رھيو. ڪڏهن ڪڏهن ان مان رت پڻ اُڙھو ٿي.

نيٺ مجبور ٿي ھڪ ماھر سرجن وٽ وئي،”ڪيئن به ڪري ان کي ننڍو ڪيو. جيئن ماڻهن جھڙو نظر اچي ۽ ڪو به ٽوڪَ ڪري نه چئي ته، ڍڳي جھڙو آهي..”

ڊاڪٽر آپريشن ڪري ان کي ننڍو ڪيو.

اٺ مھينا نارمل حالت ۾ گذاريائين، وري ان واڌِ ڪئي ۽ ڪجهه مھينن ۾ ساڳي پوزيشن ۾ اچي ويو. طنز ۽ ٺٺولَ اونئن ئي شروع ٿي وئي.

ھاڻي دير نه ڪيائين. شاھوڪار ته ھئي. انڪري ٻئي ملڪ جي ٻئي وڏي شھرت رکندڙ سرجن وٽ پھتي. ان خاطري ڪرايس ته،”منهنجي آپريشن بعد ڪڏهن به واڌِ نه ڪندو..”

پر اھا دعوا به جَٽاءُ ڪري نه سگهي. ڏيڍ سال بعد ٽئين سرجن وٽ ساڳيو حال وٺي وئي. جنهن به ڳالهيون وڏيون ڪيون، پر عملن نتيجو ٻُڙيءَ تي اچي بيٺو.

ھمٿ نه ھاري چئن ٻين سرجنن جا دَرَ به ڀيٽيائين. جيڪي به پاڻيءَ تي ليڪا ثابت ٿيا.

آخرڪار اٺين سرجن جي عقل ٻين کي ماتِ ڏني ۽ ھن جو نَڪُ مستقل طور ننڍو ٿي ويو. ڏاڍي خوش ٿي. توڙي جو شاھوڪار غربت ۾ بدلجي ويس. پنهنجي ئي فرم ۾ ڪلارڪ بڻجي وئي. پر سئو دفعا مطمئن ھئي ۽ سندس اندرَ بار بار اھو چئي کيس وڏي سگهه پئي بخشي ته،”گهٽ ۾ گهٽ ڍڳي جھڙي نَڪَ چوڻ واري ٽوڪَ مان ته جندُ ڇُٽي..”