پنهنجي سائنس انٽرنيٽ جي دنيا ۾ نئون انقلاب: آمريڪا ۽ چين وچ ۾ خلائي جنگ: سوشل ميڊيا تي بحث

0
163
پنهنجي سائنس انٽرنيٽ جي دنيا ۾ نئون انقلاب: آمريڪا ۽ چين وچ ۾ خلائي جنگ: سوشل ميڊيا تي بحث

   آمريڪا ۽ چين وچ ۾ خلائي جنگ بابت سوشل ميڊيا تي به بحث شروع ٿي ويو آهي، آمريڪا ۽ چين وچ ۾ جنگ جي شروعات جو ڪارڻ نئون انٽرنيٽ نظام آهي، ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن. منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڄي دنيا جا انٽرنيٽ ۽ موبائل هلائڻ وارا ماڻهو آمريڪي ڪمپني اسٽارلنڪ جا گراهڪ آهن. چين پاران ڪجهه گراهڪ هٿ ڪرڻ تي آمريڪا ۽ چين ۾ خلائي جنگ شروع ٿي وئي آهي. محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪن خلائي انٽرنيٽ ڪمپني اسٽار لنڪ ايندڙ وقت ۾ دنيا جي 90 سيڪڙو ٽيلي ڪام انڊسٽري تي قابض ٿي ويندي،

آمريڪي دماغ جيڪي سئو سال اڳ جو سوچيندا آهن، اڄ تائين جيڪا اسان انٽرنيٽ هلايون پيا جيڪي ٿنڀن ذريعي يا تار ذريعي هوندي آهي ان انٽرنيٽ جو مک ذريعو فائبر آپٽيڪ تار هوندي آهي جيڪا سمنڊن کان ويندي بيابائن تائين وڇايل هوندي آهي پر ايندڙ دور ۾ ان فائبر انٽرنيٽ جي ڪا به اهميت ناهي رهڻي ڇو جو سيٽلائٽ انٽرنيٽ دنيا کي پنهنجو ڪري وٺندي جنهن تحت ڪال کان ويندي انٽرنيٽ تائين سڀ ڪجهه سيٽلائٽ تي ٿيڻ پيو وڃي جنهن جي شروعات آمريڪن ڪمپني ڪري ڇڏي آهي آمريڪن دماغ ايترا ته تيز آهن جيڪي پنهنجي ڪنهن به پروگرام کان اڳ هڪ ايڪو سسٽم جوڙيندا آهن جيئن ماڻهو ان ايڪو سسٽم ۾ اچي قيد ٿي وڃن، هڪ ڪمپني يا ايلون مسڪ جهڙو ماڻهو پنهنجي ڪاروباري وڌاءُ لاءِ هڪ ايڪو سسٽم ڪيئن پيو جوڙي اچو ان جي سولي سمجهاڻي وٺون،

ڏسو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏيون موبائل ڪمپنيون هن وقت ايپل، سامسنگ ۽ هوائي آهن انهن جو سمورو دارومدار زميني انٽرنيٽ تي آهي پر جي ايلون مسڪ سيٽلائٽ انٽرنيٽ سان سرشار موبائل مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو ۽ عام قيمت ۾ ته ماڻهو ڪنهن طرف ويندا ؟ ظاهر آهي ايلون مسڪ طرف ئي ڇو جو ماڻهن کي نواڻ وڌيڪ وڻندي آهي جڏهن ايلون مسڪ جي موبائل ڪمپني جي مارڪيٽ ويليو وڌندي ته مجبورن ٻيون موبائل ڪمپنيون به سيٽلائٽ انٽرنيٽ موبائلون ٺاهڻ تي مجبور ٿينديون ۽ جڏهن اهي ٺاهينديون ته مجبورن انهن کي سيٽلائٽ انٽرنيٽ لاءِ ايلون مسڪ سان معاهدو ڪرڻو پوندو جي ماڻهو ايلون مسڪ جي موبائل نه وٺندا تڏهن به ان جي انٽرنيٽ ضرور هلائيندا جي انٽرنيٽ هلائيندا تڏهن به فائدو ايلون مسڪ جي ڪمپني ۽ آمريڪا جو…جنهن تي ڊاڪٽر صائمه واحد لکيو ته اھا ئي سائنٽيفڪ اسٽيٽجي ھلندي مستقبل ۾ جيئن موبائل دنيا بدلايو ڇڏي ايئن ھي به ھڪ نئون جھان ۽ چيلينج کڻي ايندي، طارق جمالي لکيو ته ڇڏيو ڀاءُ اسان کي بيروزگار ڪندئو ڇا؟؟ اسان ٽيليڪام انجنيئر ڪاڏي وينداسين، جميل خواجه لکيو ته نئين دنيا پئي اڏجي،

ڪمال ڪمار لکيو ته مستقبل آمريڪا جي ھٿ ڪو نه لڳندو، آمريڪا جي هڪ هٽي خواب ئي رهندو، جيڪي تبديليون صدين ۾ ٿينديون ھيون، اهي سالن ۾ ٿي رهيون آهن وقت جي رفتار تيز ٿي وئي آهي تمام گهڻي تيز، حسيني آصف علي لکيو ته پر ٻيا ملڪ به پوئتي نه رهندا، امجد کوسو، يقين علي، اصغر ميمڻ، سجاد چانڊيو، جهانگير موسو، علي حيدر لاشاري، معشوق وساڻ، مخدوم آسيه قريشي ابوالحسين لطيفي، امجد کوسو ۽ قيوم چنا به راءِ جو اظهار ڪيو، هوش محمد لکيو ته پنجن ڇهن سالن ۾ دنيا ڪافي تبديل ٿي ويندي، دلاور حسين کوسو لکيو ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ نئون انقلاب اچڻ وارو آھي، عمر تيوڻو لکيو ته اسان ايلون مسڪ کان اڳتي آهيون، مثال ڪيلي کائڻ جو شرعي طريقو ڪهڙو آهي اهو ايلون مسڪ جو ابو به ٻڌائي نه سگهندو،آفتاب علي کوسو لکيو ته ڪاش پاڪستانين ۾ ايترو ٽئلينٽ هجي ها، پنهنجو پاڪستان اڳتي نڪتل هجي ها. رضا ٻٻر لکيو ته سيٽلائيٽ انٽرنيٽ ھلائڻ ان جي ڪمپني ٺاهڻ بنھه سولي آھي بجيٽ مان ٻڌايان ٿو پئسا وٺي ڏيو ته ڪمپني کوليون، دلدار لاشاري لکيو ته ايلون مسڪ موجودا دور جو جينئس آهي هن وٽ ڪمال جا آئيڊياز آهن جيڪي دنيا کي تيزي سان تبديل پيا ڪن. هن جا سيٽلائيٽ انٽرنيٽ ۽ سولر سٽي پراجيڪٽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ وڏي ڇلانگ آهي.