پنهنجو پريس ڪلب

0
142
پنهنجو پريس ڪلب

 توکي جڏهن مون روڪيو ته ميھڙ شھر جي حالت ٻھراڙيءَ جي ڪچن رستن کان به بد ترين آھي في الحال شھر نه اچ پوءِ ضد ڪري ڇو آئين. ھاڻ نون ڪپڙن ۾ نئين گاڏي سميت مور ٿي وئين نه، شاباس ھاڻ ٻئي ھلي سروس تي پاڻي ھڻايو، ميھڙ جو حال نه پڇ  لڳي ٿو ميونسپل عملو گھري ننڊ ۾ آھي  سي ايم او کي اپيل ٿا ڪيون ته ميھڙ جي عوام تي رحم ڪري صفائي ڪرائي وڃي. نون روڊن جو ھي حال آھي مھينن جا مھينا گند پيو آهي. (آواز سنڌ جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

 نالي ماتر بڻيل تعلقو مانجهند ۽ ان جو هيڊڪواٽر شهر مانجهند برسات جي ٻن ڏينهن بعد به ڪيڏو نه شاهڪار ٿو لڳي، زمين نهاريون ته آسمان نظر پيو اچي، روڊ نالي ٺهيل هجي ته ڏسڻ ۾ اچي، هن شهر جا دعويدار سڀ سياسي ڌريون آھن، باقي شهر سان جيڪو حشر ڪيو اٿن خدا پڄندن، شهر جي ترقي واڌاري لاءِ آيل بجيٽ جنهن پنهنجو مال سمجهي کاڌو آھي، انهن تي عذاب نازل ٿيندن. (رفيق ملاح مانجهند جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

 قمبر ۾ برسات کانپوءِ هي حالت ٿي ويندي آهي، برسات ختم ٿي ويندي آهي پر بروهي محلا جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهندو آهي هر ايندڙ ويندڙ ماڻھون کان علاوه دڪاندار سخت پريشان هوندا آهن ميونسپل قمبر کي انتظام ڪرڻ جي ضرورت آهي. (بشير احمد جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

   اڳ چيو ويندو هو ڏسي رتي جون ماڙيون واھه واھه رتوديرو ۽ هينئر چيو وڃي ٿو ڏسي رتي جون ناليون واھه واھه رتوديرو ..!! هي خوبصورت منظر رتويرو شهر جي مصروف ترين جيڪب آباد ناڪي جو آهي، افسوس سان ٿو چوڻو پوي رتوديرو لاءِ هر مهيني هڪ ڪروڙ 90 لک رپيا جي بجيٽ ايندڙ آهي پوءِ به رتوديرو جي هي حالت آهي. (نورالدين سولنگي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)