جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

فراز ٿيٻو منهنجي لکيل درخواست پنهنجي بوٽ ۾ لڪائي هليو ٿو وڃي، اها درخواست اڄ ڪورٽ مان هو ٽي سي ايس ڪري ڇڏيندو، منهنجي ۽ رشيد جي ملاقات جي پرچي اچي ٿي، پيارو اسد علي ملاقات تي اچي ٿو، هُن جي ڊيوٽي پياري ڀاءُ عاشر ڀٽو سيٽ ڪرائي ڇڏي آهي هُن، هو ٻڌائي ٿو، اسد اڄ به امتياز صاحب وٽ ڪورٽ ۾ هو ڇو جو هي ٻئي جيل وارن تي پٽيشن داخل ڪرڻ وارا آهن، فراز جي والد سان به ڪچهري ٿي جيڪو اسد کي پاڻ سان گڏ موٽر بائيڪ تي وٺي ويو. (22 فيبروري 2024). رشيد جي اڄ شنوائي هئي پر هُن کي ڪورٽ ڪونه وٺي ويا، سائين غلام نبي لغاري صاحب اڄ ڊپٽي عارف سان منهنجي رهائيءَ جي ڪري مليو پر ماسٽر دانش کي هُن آءِ جي آفيس موڪليو ئي ناهي، اها خبر پئي، ڏينهن جو اڌ حصو ايوب بروهيءَ ۽ شبير ٻرڙي سان گڏجي گذري ٿو، شام جو ٻانهن جي سخت ورزش ٿي ڪجي. ڊاڪٽر امتياز علي عباسي صاحب لاءِ لکيل خط رات جو ڊاڪٽر ارشد کي ڏيان ٿو جيڪو سڀاڻي هُن کي سينڊ ڪري ڇڏيندو. (23 فيبروري 2024). صبح سان ئي چيف جسٽس ۽ آءِ جي اچڻ جي خبر پوي ٿي. اسان به تياري ڪيو ويٺا هئاسين ته ملاقات جو سڏ ٿي ويو، آئون تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو سڌو ملاقات روم ۾ هليو ويس جتي پيارو اسد علي مون کي نظر آيو.  اسد ٻڌايو ته سموري رات ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ ڪورٽ ويس، امتياز عباسي صاحب ڏي پر هو ڪونه مليو ۽ هُن منهنجي ڪال به اڄ ڪونه کنئي. اسد چيو ته هُو ڪالهه چئي رهيو هو ته پٽيشن لڳائڻ جي ضرورت ناهي، ڇو جو جيل وارا ئي آصف کي ڇڏي ڏيندا. منهنجي هڪ اسسٽنٽ انهن سان رابطو ڪيو آهي، مون اسد کي چيو ته جي امتياز صاحب ڪم نٿو ڪري ته تون ڪوئي ٻيو وڪيل ڏس پر اهو ڪم تمام جلدي ڪرائي ڏي. نه ته پوءِ ٻي صورت ۾ پاڻ وري جيل بدلي ٿي وينداسين ۽ جيل به وڌيڪ لوڙينداسين. اسد چيو ته تون فڪر بلڪل به نه ڪر آئون هينئر وري ڪورٽ ٿو وڃان، مون وري خط لکي زوهيب جي والد کي ڏنو جيڪو اڄ ئي ڊاڪٽر صاحب کي واٽس ايپ ڪري ڇڏيندو. ڪامريڊ ارباب ڀيل جا اڄ به سلام مليا، هُو گذريل ٽن ڏينهن کان روزانون سلام زوهيب ۽ فراز جي هٿان موڪلي رهيو آهي، رجب لنڊ کان شيو سيٽ ڪرايم ۽ علي غلام مستوئيءَ سان گڏ جي ڪلهن جي ورزش ڪيم، پياري ڀاءُ رشيد ڏيٿي اڄ مون لاءِ پرفيوم جي موتين واري بوتل ٺاهي ڏني، هينئر منهنجا سڀ ساٿي رات جي مانيءَ جي تياري ڪري رهيا آهن، مون کي گوڏي ۾ هلڪو هلڪو سور محسوس ٿي رهيو آهي. (24 فيبروري 2024، رات جا 07:41 وڳا).

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان، نوابشاهه

جيل جي دوست ڏانهن خط!

پيارا ڀاءُ عبدالرشيد کوسا صاحب! اميد ته خوش هوندئو ۽ خير خيرتيت سان هوندا، آمين ثم آمين. مٺا اوهان کي هن جيل مان نوابشاهه ڊسٽرڪٽ جيل وئي تقريبن ٻن مهينن کان مٿي وقت ٿي چڪو آهي، يقين ڪريو ته اوهان اسان دوستن کي هر روز ياد ايندا آهيو، ڀاءُ رشيد ٻه نمبر ڊويزن جي هڪ نمبر بئنرڪ ۽ مون واري کولي نمبر 30 سامهون نم جو وڻ جتي پاڻ دوست ويهي پسار دوران ڪچهريون ڪندا هئاسين، اسين سڀئي دوست اڄ به ان نم جي وڻ جي هيٺان ويهي اوهان کي دل سان ياد ڪندا آهيون، آئون ڀائو شريف کوسو کان اوهان جا حال احوال وٺندو آهيان. ڀائو شريف ۽ ڌڻي بخش ڪالهه خبر ڏني ته اوهان جو ننڍو ڀاءُ صدام ۽ ٻيو ڀاءُ جنهن جو نالو منهنجي ذهن تي نه پيو اچي، انهن ٻنهي جو ضامن ٿي ويو آهي ۽ اُهي ٻئي جيل مان آزاد ٿي ويا آهن. سو پيارا اوهان کي ۽ اوهان جي ڀائرن کي منهنجي طرفان لک لک مبارڪون هجن. آئون ڀائو حيدر کوسو پاڻ وارو جھونو دوست علي لغاري، علي حسن لغاري، جاويد زرداري ۽ رشيد ماڇي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست پسار جي وقت تي ان نم جي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي ڪچهريون ڪندا آهيون ۽ لوڊو راند کيڏندا آهيو، جيئن ڪنهن وقت پاڻ کيڏندا هئاسين. ڀاءُ اوهان چيو هو ته ڀائرن جو ضامن ٿي ويو آهي ته آئون واپس سينٽرل جيل حيدرآباد اينداسين. اسين دوست چاهيون ٿا ته اوهان سان جلد کان جلد ملاقات ٿئي پر جيل ۾ نه پر ٻاهر. رب پاڪ کان دعا آهي ته اوهان جلد از جلد آزادي ماڻيو. آمين. هينئر 30 نمبر کوليءَ ۾ اسين چار ڪامريڊ گڏ آهيون، آئون، حيدر کوسو، توهان واري پاسي جو ڄام سجاد ملاح ۽ ٺري ميرواهه جو دوست بلاول شر، سڀئي دوست اوهان کي سلام پيا چون. فقط اوهان جو پنهنجو.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

واندي مخلوق، جنم پارٽيون ۽ مذمت!‎

اسان  جو بلڊ پريشر صرف اٻوجهه ۽ غريب ماڻھن جي اڳيان وڌي ويندو آهي، باقي ته ٻين کي سائين سائين پيا ڪندا آھيون. ھڪ دوست واٽس ايپ تي ڪجهه تصويرون موڪليون، لکيل ھو ته: فلاڻي ڪاروباري ماڻھوءَ طرفان اسان جي ڦلاڻي هوٽل تي بھترين دعوت ڪئي وئي. جواب ۾ لکيومانس ته ھي ته گٽڪا وڪرو ڪندو آھي، ڇا ھڪ منشيات فروش به ڪاروباري ماڻھن ۾ ڳڻي سگھجي ٿو؟ تون ته سماجي ماڻھو آھين ان کي چئو ٻين جيان سنڌ جا نسل تباھ نه ڪري، ٻيو ڪو ڪاروبار ڪري. پھريائين ته ڪاوڙ ۾ چيائين ته سنگت ۾ ماڻھو ماني ڪنھن سان به گڏ کائي سگھي ٿو پوءِ لکيائين ته ھن سميت جن جي به خلاف فيس بڪ تي پوسٽون ھلنديون آھن آئون مذمت ڪندو آھيان. واقعي اسان واندي مخلوق جو گھڻي ڀاڱي ھاڻي صرف سوشل ميڊيا تي ڪم ئي مذمت ڪرڻ، جنم ڏينھن وش ڪرڻ ۽ جنم ڏينھن جون پارٽيون ملھائي تصويرون رکڻ رھيو آھي. فيس بڪ تي پوسٽون ھلن ته فلاڻي اسپتال ۾ علاج جي بھتر سھولت ناھي، اسان جو روڊ ھنڌان اکڙي ويو آھي، ڦلاڻي ماڻھو کان پئسا ۽ گاڏي ڦرجي وئي، پل نه ھئڻ ڪري جنازو پاڻي مان پيا کڻون، پاڻي نه ھئڻ ڪري مال ۽ ماڻھو اڃ پيا مرن، مھانگائي چيلھ ڀڃي ڇڏي آھي، ٻج ڀاڻ مھانگا ٿي ويا، اسڪولن ۾ فرنيچر ڪونھي، ڦلاڻي اسڪول جي زبون حال عمارت ڪنھن وقت به جاني نقصان جو خدشو، منشيات نسل نوجوان نسل کي تباھ پئي ڪري، بيروزگاري جي ڪري نوجوان آپگھات پيا ڪن، جھڙن سوين مسئلن تي اسان جو صرف اھو ئي ردعمل هوندو آھي ته مذمت ڪريون ٿا، مذمت ڪريون ٿا ۽ مذمت ڪريون ٿا ۽ سچ اھو آھي ته اسان ھر مسئلي تي اٿي بيھڻ وارن پنھنجي مخلص ۽ جاکوڙي دوستن کان منھن موڙي ڇڏيو آھي، اسان واندي مخلوق جو ھاڻي ته مشغلو ئي اھو رھيو آھي ته اسان ھاڻي ڪنھن زميندار، ڪنھن نامي گرامي ماڻھو ۽ پئسي واري ماڻھو ڏانھن دوستيءَ جو ھٿ وڌائڻ شروع ڪيو آھي. پھرين فيس بڪ تي سندس سٺي تصوير سان گڏ جنم ڏينھن بابت لکنداسين ته يارن جي يار، سماجي ورڪر ۽ فلاڻي بھترين دوست کي جنم ڏينهن جون واڌايون. پوءِ ان کي فون ڪنداسين ته اڄ رات جو تنھنجي ڦلاڻي ھوٽل يا ڦلاڻي ثقافتي ماڳ تي جنم ڏينھن ٿا ملھايون، ماني تنھنجي طرفان باقي ڪيڪ، اجرڪَ ۽ لونگيون اسان جي طرفان، پوءِ اسان پارٽي جا فوٽو ۽ وڊيا فيس بڪ تي اپلوڊ ڪري وري ٻي ڪنھن جي جنم ڏينهن اچڻ جو انتظار ڪنداسين. اھي حال آھن اسان واندي مخلوق جا!

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

سنڌي ٻولي ۽

سنڌي ماڻھو!

ھر قوم پنهنجي قومي زبان کي زندهه رکڻ لاءِ پنهنجن مستقبل جي معمارن کي بنيادي تعليم، پنهنجي قومي زبان سان شروع ڪرائي ٿي. منهنجو سوال سنڌ جي اديبن ۽ سنڌي قوم کان آھي ته سنڌي زبان ڳالهائندڙ سنڌي ٻولي کي زندهه رکڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا اٿن؟ ان سوال جي جواب ۾ منهنجي مشاهدي ۽ آس پاس ماڻھن کي نظر ۾ رکندي ھڪ مشھور ڪالم نگار ليکڪ محمد خان ابڙو تي نظر پئي آھي جنهن هڪ وڏي ڪوشش ڪئي آھي. هن سنڌ جي ان باڊي کي آباد ڪيو آھي جيڪا گهڻي وقت کان پاڻ ۾ اختلافن هجڻ ڪري سنڌي ٻولي جي ترقي ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجي چڪي هئي پر محمد خان ابڙو پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي سنڌي ادبي سنگت جي سڀني ڌڙن کي هڪ ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻھن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي آهي. بهرحال سنڌي ٻوليءَ جو سج لهي ويو آهي ڇو جو سنڌي ٻولي صرف اسان جي ابن ڏاڏن وٽ وڃي بچي آھي، ان جو اهو ثبوت آھي ته نوجوانن سنڌي لکڻ پڙھڻ ڇڏي ڏنو آھي ۽ انگريزي زبان سان انهن جو گذر سفر ۽ زندگي جو ڪاروان هلي ٿو، ھاڻي سوال اهي ٿا پيدا ٿين ته ڇا سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻوليءَ کي ڪا ھٿي ڏيندي؟ رڳو ڪتاب لکڻ سان سنڌي ٻولي ۾ ترقي نه ايندي پر ڪتاب پڙھڻ ۽ پڙھائڻ سان ترقي ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ اھڙي ڪا تجويز عمل ۾ آڻجي جو جيڪا سنڌي ٻولي جي زندگي وڌائي سگهي.

علي شير ابڙو/سيوھڻ

ڳڙھي حسن جي آسپاس ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ڏيو!

ڳڙھي حسن شھر جي آسپاس ۾ سوين جي تعداد ۾ ڳوٺ موجود آھن، جيڪي بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آھن، دنيا زمين کان نڪري مريخ تي وڃي آباد ٿيڻ لڳي آهي ۽ ڳڙھي حسن جي آسپاس جي ڳوٺاڻن کي بُنيادي سهولتون نه ملي سگهيون آھن، ڳڙھي حسن کان مانهجي تائين ۽ پهنور سنھڙي کان ڳڙھي حسن تائين ۽ ڳڙھي حسن کان ڪريم بخش کوسو ۽ ڪريم بخش کان باهو کوسو تائين جيڪي مين روڊ ٽٽل ۽ تباھ بڻيل آھن جن جي ھن وقت تائين مرمت نه ڪئي وئي آهي، جيڪي سيلاب ۽ ٻوڏ دوران تباھ ٿي ويا، ڳوٺ پيارو کوسو، ڳوٺ بدلو کوسو ۽ ڳوٺ پارو کوسو جيڪي پيپلز پارٽي حڪومت جا هميشه اتحادي رهي چڪا آھن، جنھن کي ھن وقت تائين مٺو پاڻي بجلي ۽ روڊ نه ملي سگهيا آهن، ٻيا ڪيتيرائي ڳوٺ آھن جن کي روڊ جي سخت ضرورت آھي، جيڪي سيلاب جي دوران ٻاھر نڪرڻ لاءِ رستو به ناھي، سنڌ حڪومت وفاق جي اتحادي به آھي، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، ايم اين اي ڪشمور سردار علي جان مزاري ۽ ايم پي اي ٺُل ڊاڪٽر سھراب خان سرڪي صاحب کي کپي ته هنن ڳوٺن کي ترقياتي ڪم ڀلي نه ڪرائين بس بنيادي سهولتون ڏئي ماڻھن ۽ ڳوٺاڻن جي زندگي سولي بڻائين.

محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن

نوان جتوئي کان چودگي اسٽاپ تائين وڌندڙ حددخلين جو آزار!

نوان جتوئي شھر کان چودگي اسٽاپ تائين ڏيڍ ڪلوميٽر جومفاصلو آھي، ان مفاصلي جي وچ ۾ بيسڪ رورل ھيلٿ سينٽر نوان جتوئي، ٽي سي ايف اسڪول نوان آھن، ان مفاصلي وچ ۾ وڌندڙ حددخلين عوام لاءِ سخت ڏکيائيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، ھڪ طرف پلاٽنگ عيوض روڊ جي حد ۾ ٺھندڙ دڪان ۽ گھر ته ٻئي طرف روڊ جي حدن ۾ ريتي بجريءَ جا دڪا لڳائي روڊ کي وڌيڪ سوڙھو ڪيو ويو آھي. روڊ تي حددخلين سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آھن، روڊ تي سفر ڪرڻ ۾ ڪافي ڏکيائيون پيش اچن ٿيون پر انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي. ڊي سي نوشھروفيروز، ايس ڊي ايم مورو ۽ لاڳاپيل عملدار ان معاملي جو نوٽيس وٺي حددخليون ختم ڪرائين.

الھ بخش کوسو/ نوان جتوئي

چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ چئلينج ۽ فيصلو اليڪشن ٽربيونل وٽ!

پ پ اميدوار کي پنهنجي ڪامبابي لاءِ چيئلج ڪندڙ اميدوار جنهن معاملو اليڪشن ڪميشن ٽربيونل وٽ پهچايو آهي جنهن ڪري اليڪشن ٽربيونل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 30 مئي تائين حاضري ٻڌائيندي، پ پ جي ڪامياب اميدوار کي حاضر ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڇاڪاڻ ته هي اهم نوعيت جو ڪيس هن وقت ٽربيونل وٽ پهتل آهي، تڪ جي عوام پاران ووٽ ذريعي پنهنجي حق کي استعمال ڪرڻ بعد ڪنهن به ڪامياب اميدوار جي اميدن ۽ مستقبل جو فيصلو هوندو آهي، هن ڀيري خاص ڪري پي ايس 22 پنوعاقل ننڍي سيٽ تي پ پ اميدوار جي مقابلي ۾ چيئلج ڪندڙ اميدوار مضبوط اميدوار ثابت ٿيو، جيڪو دعويٰ ڪري ٿو ته پي ايس 22 تي هو ڪامياب ٿيو آهي ۽ جنهن کي علائقي جي عوام ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آهي پر ان سان ڌانڌلي ڪئي وئي آهي ۽ پنهنجي ڪاميابي لاءِ هو هن وقت مدمقابل اميدوار کي چيئلنج ڪندي ثابت قدم بيٺو آهي پر اليڪشن ڪميشن وٽان پهرين ڏينهن کان آيل ۽ ٻڌايل نتيجن ۾ پ پ اميدوار جيڪو فارم 47 موجب ڪامياب ٿي ظاهر ٿيو ۽ اڳيان آهي پر ڳالهه ڪجي هن ڀيري علائقي ۾ جي يو آءِ پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهڻ واسطي اميدوار جي جنهن جو اهم مقصد ووٽ حاصل ڪرڻ وارو ڪاميابي طرف رهيو تڏهن ته کيس ايترا ووٽ مليا جنهن ڳالهه ۾ شڪ ناهي ۽ جي يو آءِ اميدوار کي چونڊرائڻ لاءِ علائقي اندر ماڻهن کيس ڀرپور نموني ووٽ ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ۽ ووٽ ڏنو هو جنهن لاءِ اهو سبب به ٻڌايو وڃي پيو ته تڪ جي عوام هن ڀيري چونڊن ۾ هاليجي شريف جي گادي نشين سائين عبدالصمد هاليجوي جي رحلت سبب به جي يو آءِ اميدوار کي چونڊرائڻ لاءِ جي يو آءِ سان لاڳاپيل توڙي غير واسطيدار ماڻهن وڏو غور ڪيو هو، بهرحال اميدوار تڪ جي عوام وٽان ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجا سمورا حربا هلايا هئا ۽ پنهنجي تيز ورڪ ڪري ڏيکاري هئي، ٻيو سبب اهو به هو ته پ پ اميدوار مقابل جيڪو اميدوار اچي اليڪشن وڙهڻ لاءِ بيٺو اهو تڪ جي عوام لاءِ نئون هو ان کي پ پ اميدوار ڀيٽ ۾ تڪ جي عوام ڪجهه وڌيڪ هن ڀيري چونڊن ۾ قبول ڪيو ۽ اهو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ اچي ويو آهي ته علائقي جي عوام آزمايل کي آزمائڻ بعد هن ڀيري ان لاءِ ووٽ ڏيڻ واري ڳالهه سوچي ئي نه هئي ۽ ان جي مدمقابل اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائڻ جو پنهنجي طرفان فيصلو ڪيو هو جنهن سبب به پ پ مخالف اميدوار کي هن ڀيري تڪ اندر ووٽ گهڻا مليا ڏٺو وڃي ته 2008ع چونڊن کان پوءِ 05 سال پورا ڌاريجن وٽ ميمبري ۽ منسٽري رهي ان بعد 2013 چونڊن ۾ به ڌاريجن کي هتان ميمبري ملي ۽ هو ڪامياب ٿي منسٽر رهيا. (جاري)

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي امتحانن ۾ شاگردن کي گرمي کان بچايو!

گذريل سال اڳ جي ڀيٽ ۾ هيل گرميون وڌي ويون آھن، سنڌ حڪومت گرمي جي شديد لھر ڏسي امتحان پوئتي ڪيا آھن. 21 مئي کان امتحان شروع ٿيڻا ھئا جيڪي ايندڙ 28 کان شروع ٿيندا، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي نظر ۾ رکندي امتحانن کي پوئتي ڪيو ويو آھي پر سنڌ ۾ ھي ھفتو ته شديد گرميءَ ٻڌائي وئي آھي، حڪومت طرفان ادارن جي ھيڊ ماسترن ۽ ڪاليج جي پرنسيپالن کي نوٽيفڪيشن به ڪڍيو آھي ته امتحاني سينٽرن تي شاگردن کي ٿڌي پاڻي، بجلي ۽ ڪلاس ۾ 25 شاگردن کان مٿي شاگرد نه ويھارڻ گھرجن. پاڻي ۽ بجلي تمام ضروري آھي پر سکر ريجن ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نه ته امتحانن دوران ٿڌي پاڻيءَ جو بندوبست ھوندو آھي نه وري بجلي ھوندي آھي، امتحان جي سينٽرن تي ڪلاس ۾ 25 شاگردن بجاءِ 45 ٻاھر مٿي ويھاريا ويندا آهن. ان جو ھڪ سبب ته فيڪٽوڊم وڌيڪ شاگرد ته ويھاري ۽ پئسا وري بورڊ کان 25 جي ئي وٺن ٿا، ان ڪري شاگرد پريشان به ٿين ٿا ۽ صحيح طرح بئنچن ميزن جون بندوبست نه هجڻ تي ويھي نه ٿا سگھن، ٻيو سبب بالا آفيسرن کي تسلي ته ڏين ٿا ته اسان شاگردن کي گرميءَ کان بچاءَ خاطر ٿڌي پاڻي، شربت ۽ بجليءَ جو انتظام ڪنداسين پر صرف ڏيکاءَ خاطر پيپر جي پھرين ڏينھن بندوبست ڪندا آهن، باقي ٻين پيپرن ۾ ڪنھن به قسم جو بندوبست ناهن ڪندا. امتحاني سينٽرن تي ھڪ عدد ڊاڪٽر به ھجڻ ضروري آھي. پوليس اھلڪار به ھجڻ گھرجن، ڪراچي ۾ ته جون مھيني ۾ گرمي جي شدت گھٽ ٿي ويندي، باقي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ گرمي گھٽ نه ٿيندي پر اڃان به وڌنڌي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي جيترو ٿي سگھي آر ڊي، ڊي او ۽ ضلعي جي انتظاميا ۾ ڊي سي، ٽائون آفيسر ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن پرنسيپالن کي شاگردن کي سھولتون ڏيارڻ لاءِ پابند ڪن جي ڪو به پابندي ۽ گرمي کان بچاءَ لاءِ انتظام ڪرائڻ ۾ ناڪام يا نه ڏئي سگھي ته انھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. گرمي اڃان وڌندي ان ڪري گرمي کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ گھرجن.

شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

صحافي نصر الله گڏاڻي تي ٿيل حملي جي مذمت!

سنڌ جي ضلعي گھوٽڪي سان تعلق رکندڙ بيباڪ دلير صحافي نصر الله گڏاڻي جيڪو سدائين حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪري ٿو ۽ عوام جي اجتماعي مسئلن کان ويندي سنڌ جي اھم مسئلن تي وڏي دليريءَ سان رپورٽنگ ڪندو رھيو آھي سنڌ ۾ اھڙا ڪي ٿورا ئي صحافي آھن جيڪي سردارن ڀوتارن توڙي انتظاميه سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھائڻ جي جرئت رکن ٿا. صحافي نصر الله گڏاڻي سنڌ جي ھر اھم مسئلي تي آواز اٿاريندو رهيو آهي پوءِ اھو مڪاني سطح تي قائم خانگي ادارن مان بيدخل ۽ نظرانداز ڪيل مڪاني ماڻھن جو مدو ھجي يا سرداري نظام سميت گھوٽڪي ۾ بدامني جي خلاف وڏي دليري سان پنھنجو موقف خبر رسان ادارن ۽ سماجي رابطن وارن وسيلي عوام آڏو واضح موقف پيش ڪندو رھيو آھي. سندس ايڏي دليري ۽ صاف گوئيءَ ئي کي ڏکيا ڏينھن ڏسڻ جو ڪيئي ڀيرا ڪارڻ بڻيا آهن. سندس خلاف ڪيئي ڀيرا ڪوڙا ڪيس به داخل ڪيا ويا آھن ته جيئن ھي سست ٿئي پر ھي سنڌ جو ارڏو پٽ پوءِ به پنھنجي ھوڏ تي قائم رھيو آھي ۽ حق سچ لکڻ پڙھڻ ۽ چوڻ کان اڳ کان اڳرو رھيو آھي. شايد تنھن ڪري ئي مٿس ھاڻ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي جنھن ۾ ھو سخت زخمي ٿي پيو آھي، اسان حڪومت وقت ۽ ان جي ادارن کي پرزور گذارش ٿا ڪريون ته صحافي نصر الله گڏاڻي تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سندن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ صحافي جي علاج لاءِ حڪومت کي ھر ممڪن سھولت مھيا ڪرڻ گھرجي.

محمد رضا خاصخيلي/حسين آباد. ڪوٽڏجي

ڳوٺ علي شير کوسو جي اسڪولي عمارت ڪڏهن مڪمل ٿيندي؟‎

ڳوٺ علي شير کوسو جي اسڪولي عمارت جو ڪم ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟ ڪاڇو تعليم جي لحاظ کان تمام گهڻو پوئتي آهي، اڪثر عمارتون تباھ برباد آهن، ڪٿي استاد ناهن ته ڪٿي وري شاگردن اچڻ لاءِ تيار ناهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو اسڪول سٺي نموني هلندڙ هجي ته استاد ڊيوٽي جا پابند هجن، ٻارن جي داخلا به سٺي هجي، جيڪڏهن ان اسڪول جي عمارت جو مسئلو هجي ته اهو تعليم کاتي کي فوري هلڻ گهرجي، وڏو ظلم آهي اهو اسڪول ڪاڇي جي ڳوٺ علي شير کوسو ۾ واقع آهي جنهن جو سيميز ڪوڊ 402020314 آهي، هن جي عمارت جو ڪم 2008ع ۾ شروع ٿيو هو ايترو وقت گذرڻ باوجود اسڪول جو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو آهي. افسوس جي ڳالھ آهي ته 2008ع ۾ اسڪول جي ڊي پي سي تيار ڪرائي وئي وري لاڳيتو ڪم بند رهيو. ڳوٺاڻن جي ذاتي ڪوشش سان 2016ع وري ڪم شروع ٿيو. ٺيڪيدار اسڪول جي لينٽر تائين ڪم ڪرايو وري ٺيڪيدار ڪم ڇڏي غائب ٿي ويو .ڳوٺاڻن وري ميڊيا جو سهارو ورتو، اسڪول بابت لاڳيتيون خبرون رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ نيٺ ٺيڪيدار ظاهر ٿيو، جنهن ڇت تائين ڪم مڪمل ڪرايو، اڃا اسڪول جو ڪم باقي آهي پر ٺيڪيدار بجيٽ نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي اسڪول جو ڪم بند ڪري هليو ويو آهي، هن وقت ٻارڙا ڪچي ڪوٺي ۽ وڻن جي ڇانو هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن. عمارت جو ڪم مڪمل نه هجڻ ڪري درس ۽ تدريس جو عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ تعليم جي وزير کي ڪاڇي جي پوئٿي پيل اسڪول جي سار لهڻ گهرجي جيئن هن اسڪول جو باقي رهيل ڪم جلد مڪمل ٿي سگهي ۽ ٻار تعليم پرائي سگهن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو