جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(حصو ٻيون)

قيدين تي تشدد ۽ انهن کي ايڊمنسٽريشن بنيادن واري ڪاري قانون جو سهارو وٺي جيل بدر ڪرڻ شامل آهن، هي هر مهيني لکين رپيا صحافين، پنهنجي هيڊ آفيس، جيل سپرنٽينڊنٽ حيدرآباد ۽ اينٽي ڪرپشن عملدارن کي ڏيندو رهندو آهي جيئن هن جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگھي. مون هن جي خلاف آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي جيل خانه جات حيدرآباد ۽ مختلف ڪورٽن ۾ به ڪافي ڀيرا لکيو آهي پر هُن کي سسپينڊ ڪرڻ يا نوڪري تان ڊسمس ڪري ڪيس هلائڻ جي بدران هن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي. اسان جي هيڏين وڏين شڪايتن جي باوجود هن جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته جيئن ته هاڻي ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ رشوت جي خلاف حڪومت ڪات ڪهاڙا کنيا آهن، اسان کي اميد آهي ته اسان جون هيٺيون عرض قبول پوندو. (الف): هن کي ڊسمس ڪيو وڃي يا وري ٻيو نه ته گھٽ ۾ گھٽ ان کي سسپينڊ ڪيو وڃي ڇو جو هُن پنهنجي دولت ۽ سياسي اثر رسوخ جي ڪري غريب ۽ معصوم قيدين کي سزا کان وڌيڪ جيل ۾ رکيو آهي ۽ انهن جا جيڪي پئسا نٿا ڏئي سگھن انهن جي GCR پڻ خراب ڪري ڇڏيا آهن، هن جي آفيس ۾ مهينن جا مهينا ڪم نٿو ٿئي، جنهن جو حڪومت کي لکين ڪروڙين رپين جو نقصان ٿئي ٿو ۽ ملڪي خزاني کي هي تباهه ڪري ملڪ ۽ قوم سان غداري ڪري رهيو آهي ڇو جو رشوت اها بيماري آهي جيڪا ملڪ کي اڏوهيءَ جيان کائي ويندي آهي. (ب): اسان ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سنڌ کان پرزور مطالبو ۽ عرض ٿا ڪريون ته شڪيل بيگ تي سڀ کان پهريان عهدي جو ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ يعني هڪ ئي هنڌ 20 سال نوڪري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ايف آءِ آڙ داخل ڪري ان کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي جيئن ته سينٽرل جيل حيدرآباد جي غريب ۽ اٻوجھه قيدين کي هن جي خلاف دانهن ڪرڻ جو موقعو ملي. اسان کي اميد آهي ته سنڌ جو ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن پنهنجو فرض بخوبي نڀائي سينٽرل جيل حيدرآباد جي قيدين ۽ انهن جي خاندانن تي احسان ڪندو ۽ اهو ان جو فرض آهي ته رشوتخورن جي خلاف قدم کڻي. عرضدار: آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد.” ملاقات جو سڏ ٿئي ٿو، منهنجو ڀاءُ شان علي ڇلگري رشيد جي امڙ ۽ رشيد واريءَ گرل فرينڊ سان ملي تمام سٺو محسوس ٿيو، شام جو ڇاتيءَ جي سخت ورزش ڪيان ٿو. (21 جنوري 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

اڄ کوليءَ مان نڪرڻ شرط امام الدين قمبراڻيءَ ڏانهن سندس وارڊ ڏانهن هليو ويس، جتي امام الدين سان منهنجي ڪيس جي بابت ڪچهري ٿي، ان دوران سندس کوليءَ ۾ صادق جمالي اسان لاءِ چانهه وٺي آيو، چانهه پي امام الدين کان موڪلائي جيئن ئي اسڪول پهتس ته منهنجي نظر شاگرد سهيل عباسيءَ تي پئي، جيڪو اداس ڪلاس ۾ ويٺل هو، ان کي اداس ڏسي مون سندس اداسيءَ جو سبب پڇيو ته سهيل پنهنجي نرم لهجي ۾ مون کي ٻڌايو ته استاد محترم، آئون اصل ۾ نوشهروفيرزو شهر جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو آهيان، ٻيو وري ستن مهينن کان بيگناهه سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ڪاٽي رهيو آهيان، گھر پري هجڻ جي ڪري منهنجا مائٽ منهنجي ملاقاتي تي ايترو پري نٿا اچي سگھن، جنهن جي لاءِ جيل ۾ ڪافي پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهيان، پهرين نوشهروفيروز ڪورٽ پيشين تي ويندو هئس ۽ پنهنجن ٻچن سان ملاقاتون به ڪندو رهندو هئس، پر جڏهن کان جيلن ۾ وڊيو لنڪ تي ڪيس هلڻ لڳا آهن، تڏهن کان مون جيان ڪافي قيدي پريشان آهن. وڊيو لنڪ تي ڪيس هلڻ جي ڪري پنهنجن ٻچن سان ملڻ لاءِ سِڪي رهيا آهيون. ايئن ٿو لڳي ته اسين به سزا وارا قيدي آهيون، انهن سزا مليلن ۽ اسان ڪچن قيدين ۾ ڪو فرق ناهي رهيو، پهرين ڪجھه نه ڪجھه آسرو هو پنهنجن سان ملڻ جو هاڻي ته ان کان به هليا ويا آهيون. اڃا اسان جي پاڻ ۾ ڪچهري هلي پئي ته مٿان هڪ جوابدار ملاقات جي پرچي کڻي اسڪول اچي پهتو. آئون سهيل عباسيءَ کان موڪلائي ملاقات روم ۾ پهتس، ملاقات تي ڄامشورو مان سورج چانڊيو پنهنجي هڪ دوست سان گڏ آيل هو، جن سان ڪافي ڪچهريون ٿيون، ملاقات دوران سورج مون کي نويد چانڊيو، بچل چانڊيو، قربان چانڊيو ۽ برڪت سيال جا سلام پڻ ڏنا، سندن واپس وڃڻ مهل مون سورج چانڊيو کي نويد ۽ گڊو چانڊيو لاءِ جيل مان ورتل ٽوپيون ڏنيون، نويد چانڊيو ۽ گڊو چانڊيو اڄ ڪلهه سعوديه ۾ آهن.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

انفرادي مفادن ھٿان مجبور ماڻهو!

زندگيءَ جي راھن ۾ ڪجهه اھڙيون شيون جيڪي ماڻهو کي ڪڏهن ڪڏهن ماڻھپي کان به ھيٺ بيھاري ٿيون ڇڏين پر افسوس جو انسان  اجائي لوڀ لالچ ڪارڻ انهن جي غلامي ڪري ماڻھپي جا معيار ئي وڃائي ويھي ٿو، انهن ۾ اسان جا انفرادي مفاد سرفھرست آهن، جنهن سبب ماڻهو جيڪو مفادن جي ڪڍ لڳڻ کان پھرين زنده ضمير به ھجي ٿو، ھن ۾ ماڻھپي وارا سمورا عنصر موجود به ھجن ٿا پر جڏهن کان ھو ذاتي مفادن جي پورائي پويان ھٿ ڌوئي لڳي ٿو ته پوءِ ھن ۾ ڄڻ ماڻهپو نٿو رھي، پوءِ اھي مفاد پاڻ کي ڪنهن جي به اڳيان جھڪڻ ۽ انهيءَ جي، جي حضوري ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا، ٽڪي جا مفاد ھڪڙي انسان کي ڪنهن اھڙي شخص جي پيرن ۾ ڪرائي سگهن ٿا جنهن ۾ ماڻھپي وارو ڪو عنصر نه ھجي، جيڪو ماڻهو انسانيت جي اعليٰ قدرن کان اڻ واقف ھجي پر مفادن ھٿان مجبور شخص انهيءَ جي به جي حضوري ڪندي کيس ذھني طور پاڻ مٿان حاوي ڪري ٿو وٺي، معاشري ۾ اھي ماڻهو اڪثريت ۾ موجود آهن جيڪي ذاتي مفادن خاطر ذھن، ضمير ۽ عقل سان به دشمني نڀائي خصيص مفادن تان ھٿ کڻڻ لاءِ تيار ناھن ھوندا پر انهن کي عزيز رڳو پنهنجا ذاتي مفاد ھوندا آهن باقي ڳالهه جڏهن اجتماعي ۽ قومي مفادن جي ايندي آهي ته اھي ماڻهو ائين لنوائيندا آهن ڄڻ ته وطن سان، قوم سان ۽ قومي مفادن سان انهن جو پري پري تائين ڪو تعلق ئي ناهي. دراصل اھڙا مفادپرست ماڻهو جيڪي سڄو ڏينهن رڳو پيٽ پوڄا لاءِ در در وڃي غلامي ڪرڻ ۽ جي حضوري جا فرائض پابندي سان انجام ڏيندڙ ماڻهو حقيقتن تمام خسيس قسم جا ماڻهو ھوندا آهن، اھي ماڻهو پنهنجي ضمير جي طاقت کان اڻ واقف ھوندا آهن، انهن کي خبر ئي ناهي ھوندي ته ڪنهن به قسم جي غلامي کي قبول ڪرڻ اسان جي نسلن لاءِ ڪيتري ھاڃيڪار ثابت ٿيندي؟ ذاتي مفادن ۽ خواهشن جا غلام ماڻهو ھر انهيءَ ماڻهو کي خوش ڪرڻ لاءِ پيا جتن ڪندا آهن، جيڪو انهن کي موقعي پرستي، چمچاگيري، پنهنجن سان دوکيبازي، پنهنجي وطن ۽ قوم سان منافقي ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪري ڏي ته ھي انهيءَ مٿان گھور گھور پيا ٿيندا پوءِ ڀلي اھو ماڻهو کين استعمال ڪري ڦٽو ڪري ڇڏي. سماج ۾ اھڙي قسم جي ماڻهن جي ڪا کوٽ ڪونهي ڇاڪاڻ ته لالچن ۽ خواهشن جو ڳلو دٻائي غلامي ۽ جي حضوريءَ کان انڪار ڪرڻ ھر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي، انهيءَ لاءِ جيءُ جوکي ۾ وجھڻو ٿو پوي. تنھن ڪري ماڻهو رڳو پنهنجو بت جھلي ته ڳالهه ۾ ڪجهه ڪونهي، ماڻهو محنت سان جدوجهد سانم سچائي سان پنهنجي ڪرت ڪندو رھي ته زندگي ۾ ڪڏهن به ذلالتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، جيڪڏهن انسان اجاين خواهشن جي غلامي مان ڇوٽڪارو ماڻي ۽ اھي رات جي پيٽ ۾ پرايا حق ماري کرب پتي ٿيڻ جا خواب ذھن مان ڪڍي ڪري پنهنجي حال موجب حلال جي ڪمائي سان ئي جيئڻ شروع ڪري ته ڪڏهن به ايترو ھلڪڙائپ جو شڪار نه ٿئي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

غريب مسڪينن

تي رحم ڪيو!

توهان کي خبر آھي ته گذريل سال ڪڻڪ جو ٻج جيڪو 8000 ۾ هارين کي ملي پيو جيڪو سراسر ظلم ھو پر ھاري مجبور ھئا ويچارا وٺندا اها ڳالھ سوچي هئا ته ڪڻڪ 6000 مڻ ويندي، اسان جا ٿڪ لهي پوندا پر انھن کي ڪهڙي خبر ته هتي وڏا وڏا واڳون ۽ مڇ ويٺا آھن. ھاڻي اچون ٿا ساريالي فصل تي، ھاڻي ساريالو فصل پوکڻ جو وقت آھي توهان کي خبر آھي ته هڪ ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري جيڪا 4 هزار هئي هاڻ گورنمنٽ 11000 هزار اگھه مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اڳتي ھلي بليڪ تي 15 ھزار ۾ کپندو ۽ ٻيا ڪيترائي ڀاڻ آھن جيڪي اسان جو اصل موضوع آھن ڇو ته ٻج جيڪو به آھي اُھي سمورو ھاري تي آھي، ان ۾ زميندار جو ڪو به سهڪار ھاري سان نه آھي، هڪڙو 2 ڪلو جي ٿيلهي ٻج جيڪو ايڊوانس بڪنگ ۾ 3500 رپين تي ملڻ لڳو هو جيڪو ھڪ 2 ڪلو جي ٿيلگي جي ڳالھ ڪيان ته هتي ھارين کي ڪلو جي حساب سان نه پر مڻن جي حساب کپندا آھن، توهان سوچيو ھڪ مڻ جي قيمت ڪيتري ٿي سگهي ٿي؟ 140000 هزار رپيا صرف هاري جي مٿان ٻج جا ھوندا آهن باقي ڀاڻ ۽ ٻيو ٽريڪٽر وغيره حساب ڪتاب الڳ هوندو آهي، سڀاڻي جڏھن هاري جو فصل تيار ٿي رائيس ملن ۽ واپارين وٽ ويندو آھي پوءِ ھزار بهانا يا حڪومتي لاپرواهي جي ڪري اگھه ڪري پوندا آھن، گذريل سال ساري جو في مڻ 3500 کان مٿي ھو جيڪڏھن هن سال ان اگھه کان مٿي نه ٿيو ته غريب تباهه ۽ برباد ٿي ويندو ڇو ته ھن ڪڻڪ واري فصل ۾ غريب کي وڏي تباھي کي منهن ڏيڻو پيو آهي جيڪو هاري ويچارو قرض ۽ وياج وٺي پورو ڪري ٿو.

محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن

ٽنڊو الهيار کان حيدرآباد تائين پيپلز بس سروس جي سهولت ڏيو!

سنڌ ۾ ڪجهه سال اڳ تائين به ٽرانسپورٽ جي جوڳي سهولت موجود نه هئي، هنن پراڻن روٽن تي پراڻيون کٽارا بسون جن کي هيٺ مٿي ماڻهن سان سٿي هلايو ويندو هو جنهن جي ڪري مسافر ۽ خاص طور عورتن کي تمام ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر جڏهن کان پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پيپلز بس سروس جي تحت ڳاڙهيون گلابي ۽ بجليءَ تي  هلندڙ بسون هلائڻ شروع ڪيون آهن ته سنڌ صوبي جي ماڻهن کي ڪنهن حد تائين سفر جون بهتر سهولتون ملڻ شروع ٿيون آهن، اها پيپلز بس سروس سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کان سواءِ لاڙڪاڻي، سکر، حيدرآباد، ميرپورخاص ۾  دستياب آهي. جديد سهولتن سان آراسته هئڻ ۽ مناسب ڪرائي سبب اها سروس سنڌ جي عوام لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، جنهن جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت تعريف جي مستحق آهي، جيئن ته ٻين شهرن ۾ پيپلز بس سروس روان دوران آهي، اسان سنڌ حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ کي گذارش ٿا ڪريون ته ايئن ئي ٽنڊو الهيار کان حيدرآباد تائين به پيپلز بس سروس شروع ڪئي وڃي جيئن ٽنڊو الهيار شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا مسافر بھترين ۽ سستي سفري جوين سهولتن مان فائدو وٺي سگهن.

مجاهد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالهيار

باقر خان نظاماڻي ھڪ مثالي ڳوٺ!‎

جي بلڪل مٿي ڏنل عنوان مان ئي ظاھر آھي ته ڳالهه ھڪ مثالي ڳوٺ جي ٿي رھي آھي، جنهن جو نالو باقر خان نظاماڻي آھي، ھي ڳوٺ سانگھڙ-تعلقي ٽنڊي آدم روھڙي ڪئنال جي ڪپ تي واقع آھي، جتي روھڙي جي وھندڙ پاڻي جي ڪري سر سبز باغ، وڻ ٽِڻ ۽ ڪيتري ساوڪ آھي، خدا جي قدرت سان ھي ڳوٺ روھڙي  ڪئنال جي ڀرسان آباد ٿيو، ان ڪري ھتي جو پاڻي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ خاص ڪري شھر شھدادپور جا ماڻهو به پاڻي ڀرڻ ايندا رھندا آھن، جيئن ڳوٺ انمول آھي، تئين انھي ۾ رھندڙ ماڻهو. ھن ڳوٺ ۾ صرف ھڪڙي قوم نه پر ھڪ کان وڌيڪ قومون رھن ٿيون۔ ھتي ھر ذات جو ماڻهو توھان کي خوشگوار موڊ ۾ ملندو، ھن ڳوٺ ۾ ڪافي انمول ھيرا جنم وٺي چڪا آھن، آئون اڄ صرف ٻن شخصيتن جو ذڪر ڪندس جي ھر ھڪ کي الڳ ڪري لکان ته شايد ھٿ ٿڪجي پون پر انمول حستيون نه کٽن، هن ڳوٺ ۾ اھڙي ڪھڙي خاص ڳالهه آهي جو ٻين ڳوٺن ۾ شايد نه ھجي! ڏٺو وڃي ته ڳوٺ جي سلامتي لاءِ ڪجھ ماڻهو وڏي دليري سان اڳيان ايندا آھن جيئن يوسي چيئرمين مقبول احمد نظاماڻي ۽ ادا دلبر نظاماڻي، سائين جن پنهنجي ڳوٺ جي مالڪي سان گڏ پنهنجي باشعور عوام جي به خدمت ڪئي آھي، ساٿ سلامت جي نالي تي ھڪ اھڙو پليٽ فارم جوڙڻ جنهن ۾ ھر ماڻهو کي پنهنجون ذميواريون ڏيڻ ۽ ڳوٺ لاءِ گڏجاڻيون ڪوٺائڻ انھن گڏجاڻين ۾ ڳوٺ جي مسئلن تي سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون. آخري ھفتي جي ڳالهه آھي ته ڳوٺ ۾ منشيات نشي واريون سوپاريون، مائو، پڙي کي ڪنٽرول ڪيئن ڪجي، اتي سڀن دڪاندارن جيڪي گڏجاڻي ۾ موجود ھئا، سڀن اھيا ذميواري قبول ڪئي ۽ ٢ ڏينهن ڇڏي ان ڳالهه تي عمل پڻ ڪيو ۽ ان ڳالھ کي ٻيو ھفتو ٿيڻ وارو آھي باقر نظاماڻي ڳوٺ ۾ ڪا به نشي واري شيءِ دڪان تي نٿي ملي. دڪاندارن جي ھمت کي سلام آھي ساٿ سلامت جي پوري گروپ کي، ٻي ڳالهه ته ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ رات جي وقت روز چوڪي ھلندي آھي، جنهن کي ھر روز ھڪ ايڊمن ليڊ ڪندو آھي، ھر واري جي حساب ساب لسٽ ھوندي آھي ۽ ماڻهو پنهنجي ذميواري نڀائڻ کان ڪڏھن به نٽائين نٿا، انھي کي چئبو آھي سات سلامت گروپ جنهن ۾ اسان جو پورو ڳوٺ اچي وڃي ٿو. نمبر ٽي ڳالھ ته ڳوٺ ۾ ڪھڙو به مسئلو ھجي ان تي سڀ ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي ويھي ڪيف CAFE ڪندا آھن ۽ پوءِ ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اڃا به ڪافي اھڙيون ڳالهيون آھن جيڪي اسان جي ڳوٺ جي مثالي ھجڻ جو ثبوت ڏين ٿيون. اسان جو پورو ڳوٺ ادا دلبر، ادا مقبول، ادا طارق، ادا آصف، ماما مير محمد ۽ ٻين ھيرن سان گڏ ڪم ڪرڻ ڄاڻي ٿو، اميد ته ٻين ڳوٺن وارا به اھڙا قدم کڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا ۽ پنهنجن ڳوٺن جي مالڪي ڪندا، انشاءُاللھ وڌيڪ تفصيلن لاءِ حصو ٻيو لکندس.

مدثــر پيربخش/ باقر خان نظاماڻي، سانگھڙ

لاڙ ڪئمپس بدين جو نئون ڪئمپس تعمير ڪرايو!

آئون واسطيدار اختيارين جو ڌيان سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين جي حالت زار ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو. سنه 2007ع ۾ بدين شهر ۾ هي ڪئمپس قائم ڪيو ويو، جنهن لاءِ ايليمينٽري ڪاليج جي پراڻي عمارت کي  استعمال ۾ آندو ويو ۽ اسلاميه ڪاليج بدين جي اولڊ بوائز هاسٽل ۾ آفيس بلاڪ ٺاهيو ويو. ان وقت کان وٺي نامناسب انفراسٽرڪچر ڪئمپس لاءِ هڪ مسئلو بڻيل آهي، خاص ڪري برسات جي موسم ۾ جڏهن ڪئمپس جو سمورو ايريا ٻوڏ واري علائقي جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو. جنهن سبب استاد ۽ شاگردن جن ۾ ڪافي نياڻيون شامل آهن سخت ڏکين حالتن کي منهن ڏين ٿا. لاڙ ڪئمپس ۾ هن وقت 5 شعبن ۾ 800 کان مٿي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جن کي پڙهائڻ لاءِ 30 کان مٿي استاد آهن، مختلف موقعن تي يونيورسٽي جي نئين ڪئمپس جي تعمير لاءِ وڏا واعدا ڪيا ويا پر اڃا تائين ڪئمپس لاءِ مختص ٿيل 94 ايڪڙ زمين تي ڪا ڊولپمينٽ نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته ڪئمپس جي زمين تي غيرقانوني قبضا جاري آهن. لاڙ خطي لاءِ تمام وڏي اهميت رکندڙ هن اهم منصوبي لاءِ سنڌ حڪومت کي تمام سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي ۽ ان جي بجيٽ جاري ڪري جلد ڪئمپس جي اڏاوت شروع ڪرڻ گهرجي. هتان جي چونڊيل نمائندن جن ڪڏهن به هن معاملي کي گهربل اهميت نه ڏني آهي انهن کي هن اهم مسئلي تي تحرڪ وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجي خطي ۾ بهترين تعليم دوست ماحول جوڙڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي لاڙ ڪئمپس جي تعمير لاءِ ڀرپور سرگرمي ڏيکارڻ گهرجي. آئون سنڌ جي وڏي وزير، تعليم جي وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ذميوار ادارن کان اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس جي تعمير کي اوليت ڏين، ان ڳالھ کي يقيني بڻايو وڃي ته مناسب انفرااسٽرڪچر جي تعمير لاءِ مناسب وسيلا مختص ڪيا وڃن جيئن هن پوئتي پيل علائقي جا غريب شاگرد سولائيءَ سان شاندار تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ استادن کي به هڪ بهترين ماحول ميسر ٿئي جيئن هو شاگردن کي جديد علم سان نوازي سگهن.

جبار حبيباڻي/ علي ٽائون، بدين

آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کي اپيل!

بخدمت جناب اعليٰ، جيئن ته ڪجھ ڏينهن پھريان اوھان جي طرفان سنڌ جي ٿاڻن جي جوڙ جڪ جي لاءِ تجويزون گھريون ويون هيون، انھيءَ سلسلي ۾ اسان يونين ڪائونسل ٺٽي تعلقو سوڀوديرو جا رھواسي اوھان جي خدمت ۾ عرض ٿا ڪريون ته جيئن ته اوائلي دور کان وٺي اسان جي ديھ ٺٽي جا سڀ ڳوٺ تعلقو سوڀوديرو ٿاڻي جي حد ۾ ھئا پر لڳ ڀڳ ڏھ سال اڳ انڄاتل سببن جي ڪري يونين ڪائونسل ٺٽي کي اڳڙا ٿاڻي جي حد ۾ شامل ڪيو ويو هو، جيڪو اسان جي يونين ڪائونسل کان 27 ڪلوميٽر پري آهي ۽ سوڀوديرو ٿاڻو صرف 7 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، تنهن جي ڪري سائين جن کي التجا ٿي ڪجي ته يونين ڪائونسل ٺٽي کي تعلقي سوڀوديرو ٿاڻي جي حد ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن قانوني ڪم ڪار خاطر پوليس تائين پھچ/ رسائي ۾ سولائي ٿئي. مھرباني

محڪم الدين گلال/ڳوٺ خليفو ناريجو

حڪومت طرفان ڊي آءِ جي ۽ ڊي پي او سکر جي پوسٽنگ!

سنڌ ۾ بدامني صورتحال سبب حڪومت سنڌ ۽ آءِ جي پوليس پنهنجي انتظامي مشينري لحاظ کان ضلعي ۽ ڊويزن سطح تي تبديلي ڪندي سکر ڊويزن جي ڊي آءِ جي ۽ ڊي پي او کي تبديل ڪيو آهي، سکر ضلعي ۾ ڊي پي او امجد شيخ جي پوسٽنگ ڪئي وئي آهي، گڏ ئي سکر جي ڊي آءِ جي کي به بدلي ڪري سينئر پوليس آفيسر سيد سائين پير محمد شاهه کي ڊي آءِ جي سکر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو پوليس گروپ جو هڪ سٺو ۽ ناليوارو آفيسر آهي، اميد ته جنهن سکر پوسٽنگ ٿيڻ تي پنهنجي پاران پوزيشن سنڀالي ورتي هوندي ۽ سومر تائين پنهنجي چارج وٺي سکر ڊويزن ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏيندو، جنهن جي پوسٽنگ سبب ڊويزن ۾ بدامني مان تنگ ۽ امن امان خراب هجڻ سبب عوام ۾ خوشي جي لهر اچي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو اهڙن آفيسرن جي پوسٽنگ جو انتظار ڪندا آهن ته جيئن سک جو ساهه کڻن، جيڪو قابل پوليس آفيسر واريون صلاحيتون استعمال ڪندي ڊويزن ۾ پنهنجو ڪم ڏيکاريندو، بدامني ۽ ڏوهن تي ڪنٽرول واسطي سٺا اپاءَ وٺي ماتحت پوليس آفيسرن کان ڪم وٺندي ڊويزن رينج ۾ علائقي ۾ پنهنجو ڪم ڏيکاريندو. هوڏانهن پنوعاقل ۾ ٻار اغوا معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير پاران نوٽيس وٺندي پوليس انتظاميا کي ٻار کي فوري بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو ۽ سنڌ جي مرڪزي ڊويزن سکر ۾ امن امان جي بحالي ۽ بدامني جي خاتمي سان گڏ ڏوهن تي ڪنٽرول لاءِ ناليوارن آفيسرن کان ڪم وٺڻ لاءِ سنڌ جو وڏو وزير پڻ ڪوشان آهي، اها ئي ڳالهه آهي ته ان سلسلي ۾ اڳوڻي ڊي پي او سکر عابد بلوچ کي هٽائي پوليس ڪمانڊر امجد شيخ کي پوسٽنگ ڏني وئي آهي، جيئن ضلعي ۾ امن امان کي يقيني بڻائي سگهجي. ياد رهي ته هي ڊويزن پ پ جي آهي جيڪي پيپلز پارٽي ۾ پنهنجي سياست ڪن ٿا سنڌ ۾ پ پ حڪومت آهي جي ڳالهه ڪجي نئين پوسٽنگ ٿي آيل ڊي پي او سکر امجد شيخ جي ته اهو جڏهن شڪارپور ڊي پي او هو ته اتي به ان هڪ ٻار اغوا ڪيس حل ڪيو هو ۽ ٻار کي بازياب ڪرايو هو، هاڻي حڪومت شايد ان جي ان سلسي ۾ ڪاميابي سبب پنوعاقل ٻار اغوا معاملي تي کيس ڊي پي او سکر لڳايو آهي.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

هڪڙي چٽي صدر پاڪستان آصف علي زرداري ڏانهن!‎

سڀ کان پهرين اسلام عليڪم، اميد ته آصف علي زرداري صاحب خوش هوندا، جيئن ته ڳوٺ پريو جمالي پي او واهي پانڌي تعلقو جوهي ضلعي دادو سنڌ ۾ واقع آهي، ڳوٺ پريو جمالي واسي پيپلز پارٽيءَ جا پراڻا ووٽر آهن، ڳوٺ پريو جمالي ۾ سدائين پيپلز پارٽي کٽيندي آئي آهي. هن وقت ڪاڇي ۾ تمام گهڻي گرمي واري موسم هلي رهي آهي، ڳوٺ پريو جمالي واسي صاف پاڻي پيئڻ لاءِ سخت پريشان آهن، تمام گھڻي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، صدر صاحب کي عرض ڪندس ته ڳوٺ پريو جمالي ۾ سولر واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏني وڃي، ڳوٺ پريو جمالي ۾ پيئڻ جي پاڻي واري مسئلي جو نوٽيس وٽي مسئلو جلد کان جلد حل ڪيو وڃي، ڳوٺ پريو جمالي واسين کي توهان مان تمام گھڻي اميد آهي، اميد ته توهان پنهنجي ووٽرن کي تڪليف کان بچائيندا.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو