يوسي واھي پانڌيءَ جي چيئرمين ڏانھن کليل خط؟‎

يوسي واھي پانڌيءَ جي چيئرمين جا اڄ ڪلھ آس پاس جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ چرچا ھلي رھيا آھن، ھر ماڻھو چيئرمين جا گيت پيو ڳائي پر اتي ئي ڪجھه اھڙا به ڳوٺ موجود آھن جيڪي واھي پانڌيءَ جي چيئرمين کان ناراضگيءَ ظاهر ڪري پنھنجا سور ٻڌائيندا آھن. ڳوٺ غلام علي رستماڻي جي رھواسين جو چوڻ آهي ته اسان چيئرمين کي ڪجھه عرض ٿا ڪريون ته خدارا اسان کي بنيادي سھولتون فراهم ڪيو، ڪاڇي واسين ٻڌايو ته واھي پانڌي جي چيئرمين کي ھاڻي لڳ ڀڳ سال ٿيڻ وارو آھي، چيئرمين بس ماڻھن کي پنھنجي چالاڪيءَ جي چال ۽ مٺڙو ڳالھائيندڙ صرف اسڪولن جي شاگردن کي ڪجھه ڪتاب ۽ شھر کي ڪجھه ڏينھن ٻھارو ھڻائي پاڻيءَ جا ھڪ ٻه ٽينڪر ھاري ماڻھن جي دماغن ۾ پنھنجو تصويرون ڇاپرائي پنھنجو گھر ڪري ويو آهي. اھيا سٺي ڳالهه آهي ته ھن نئين چيئرمين پھرين چيئرمين کان ھزار دفعا بهتر ڪجھه نه ڪجھه ڪم ڪيان آھن ۽ ڪري رهيو آهي ۽ اسان جون دعائون چيئرمين سان گڏ آھن ته ايئن ئي هو شال واھي پانڌيءَ جي شھرين جي لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪري پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رهي پر واھي پانڌيءَ ۾ ڪجھه اھڙا ڳوٺ به آھن جيڪي مڪمل انساني بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آهن. ھن جديد دور ۾ دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي پر اسان جي سنڌ ۽ ڪاڇي ۾ اڃا تائين ماڻھو پٿر دور واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڳوٺ غلام علي رستماڻي، يوسي واھي پانڌي شھر کان لڳ ڀڳ 1000 کان 1500 ميٽر پري اوڀر طرف واقع آهي جيڪو هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي، جنهن ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ 2 کان 3 سالن کان وٺي اڄ تائين بجلي ڪٽيل آهي، رھواسين موجب اسان واپڊا وارن ڏي وڃون ٿا ته واپڊا وارا اھو ئي ٻڌائي واپس ڪندا آھن ته اسان ڳوٺ غلام عليءَ رستماڻي کي بجلي ڪيئن ڏيون؟ ٻئي پاسي واپڊا وارا تارون ھڻي وڃي بجلي ھلائن ٿا ۽ ٻيو اھو بهانو ڏين ٿا ته مٿان آرڊر ڪونھي، شھر کان سواءِ ٻاھر بجلي ڏيڻ جو! توهان وڃي انتظاميه سان ڳالھايو پوءِ اچو جي ڳوٺ جو ڪو ماڻھو وقت ڪڍي به انتظاميه ڏي وڃي ٿو ته سيڪريٽري پڻ چوندو آھي ته صاحب 15 ڏينھن کان ٻاھر ٽوئر تي ويل آھي، اھو ٻڌائي ماڻھن کي واپس ڪندا آھن. ھاڻ ڳوٺ وارا اٻوجھه ماڻھو وڃن ته ڪاڏي وڃن يا ڪنھن وٽ وڃن؟ آھي ڪو ماڻھو ڳوٺ وارن سان انصاف ڪرڻ وارو! ڳوٺ ۾ نه روڊ آهي، نه ڊرينج جو ڪو جوڳو نظام آهي نه وري برساتن جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ ڪا نيڪال جو نظام آھي، نه وري ٻئي پاسي مٺي پاڻي جو بندوبست ٿيل آهي. برسات پوندي آهي ته پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پوندي آهي، جنهن گندي پاڻيءَ جي ڪري اڌ کان وڌيڪ ڳوٺاڻان بيمارين جي ور چڙهي ويندا آهن نه وري ڪا تعليمي سهولت موجود آهي. خدارا ڪاڇي جي بنيادي سھولتن جو نوٽيس وٺي بروقت مسئلا حل ڪيا وڃن جيئن ڪاڇي جا ماروئڙا سُک جي زندگي گذاري سگھن.

امتياز احمد لغاري/واھي پانڌي

 

ڇا انساني جي خدمت هيئن به ڪبي آ؟

ضلعو خيرپورميرس تعلقو گمبٽ ڳوٺ جادو واهڻ 2 فيبروري 2000ع ۾ جنم وٺندڙ ڪاشف خاصخيلي المعروف ڪاشف سنڌي والد غلام رسول خاصخيلي انسانيت جي خدمت ڪندڙ ڪردار به تاريخ بڻبا آھن، هي تمام ننڍي عمر جو ماڻھو ڀلا ايڏو ٻين انسانن لاءِ فڪرمند آخر ڇو آهي؟ غريب، رت لاءِ لاچار، مسڪين، ماڻھن جا اهنج، مجبوريون، گهرجون، پوريون ڪرڻ واري سوچ تي آخر ايترو مستحق بي پهچ ماڻھن لاءِ پريشان ڇو آهي، آخر هي اهي سڀ ڪم ڇو ۽ ڇالاءِ پيو ڪري جيڪي ٻين ذميوارن کي ڪرڻ گهرجن پر انسانيت جي خدمت ۽ انهن سان سچي محبت ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ به ته ڪنهن ڪنهن کي اچي ٿو، اهو به هڪ عشق چئي سگهجي ٿو، جيڪو خداپاڪ جي خلق سان ٿئي ٿو. اها آھي نصيب جي ڳالھ، الله پاڪ جنهن کي نصيب ڪري، نالو ڪمائڻ تمام سولو ڪم هجي ٿو پر محنت، جستجو ۽ جاکوڙ ان تي عمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هجي ٿو، پاڻ کي مسيحا چورائڻ لاءِ ته وڏو نالو ۽ وڏو ڪردار هجي ٿو پر هي مسيحا صفت ماڻھو ڪاشف خاصخيلي المعروف ڪاشف سنڌي جي ڪردار تي ڇا لکي ڇا لکجي؟ پر آئون ڪنهن جي ڪردار تي ضرور لکيو آھي ۽ تمام گهڻي وقت کان وٺي مختلف شخصيتن جي ڪيل عمل ۽ ڪردارن تي لکندو رهيو آھيان، ڪاشف ٿيلسيما جي معصوم ٻارڙن لاءِ 50 کان مٿي بلڊ ڊونيشن ڪئمپون لڳرايون، هن 7 هزار جي قريب بلڊ بيگ ڊونيٽ ڪرايون هن هڪ سنڌ بلڊ گروپ جوڙي رت جي ضرورتمندن جي هڪ اميد بڻائي ڪاشف جي ڪيل خدمتن، چڱي، ڪمن ۽ ڪيل عمل کي ڪاٿي ۽ ڪهڙي پڙدي پويان لڪائي رکان پر هن جي انسانيت ناتي انسانن لاءِ جدوجهد کي سنڌ جي ٿيلسيمان جي مرض ۾ مبتلا ماڻھن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي ڀلا اهي سڀ ڪم ته ٻيا دوست به ڪري سگهن ٿا پر هي موچاري شخصيت خدا جي خلق جي اهنجن، ڏکن، ڏولاون کي هن کان وڌيڪ ڪير ٿو ڄاڻي جو انهن اهنجن کي پنهنجا، اهنج ڇو ٿو سمجهي ۽ هر وقت هر گهڙي هرپل، صرف ۽ صرف انسانن لاءِ سوچڻ ۽ انهن جي رت جا  مسئلا حل ڪندي انهن جي گهرجن ضرورتن سميت انهن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ بيچين ۽ بيتاب ڇو آھي! جڏهن ته اسان جي ڌڻي در دعا آھي ته ڪائنات جو مالڪ الله هن پنهنجي بندي کي غيبي خزانن مان مدد فرمائي ۽ اڃا به گهڻو عطا ڪريس جيئن مالڪ جي خلق جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهي.

غازي صدام حسين لاڙڪ/ رپڙائي

 

ڪوھستان جي ٻارڙين کي تعليم ڏيو!

ڪوھستان ۾ تعليم تباهه ٿيل آهي. ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، ڪير ڪڇي ئي ڪو نه ٿو جي ڪجھه مخصوص ماڻهو ڪن ته ڇا ڪن ڪھڙي ڪھڙي مسئلي تي ڳالهائين؟ ھر مسئلو ھتي توهان کي آجيان ڪندو ڇو جو ھي ڪوھستان آھي. ھتي سرداري نظام آهي، سنڌ جي ٻين علائقن کان وڌيڪ پوئتي پيل آھي. اسان جڏھن گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سري جي باري ۾ گڏجاڻيون ڪيون ۽ شوشل ميڍيا تي ڳالهه ظاهر ڪئي، ڪجھه شعوري ماڻھن ساٿ ڏنو باقي بس ڪل خير، پوءِ جڏهن اسان خالي يوسي سري جي بند پيل پرائمري اسڪول جي ڄاڻ ورتي ته سري ۾ 12 پرائمري اسڪول بند پيا آهن ۽ دوستن معلوم ڪري ڪجھه ڄاڻ ڏني ته ادا تعلقي ٿاڻي بولا خان جي 7 يوسيز ۾ ٽوٽل 42 کان مٿي پرائمري اسڪول بند پيا آهن، جن جي واهرَ ڪيو. تعليم کان سواءِ ڪچھه ڪونهي. اتان جا سردار نٿا چاھن ته اتان جا ٻار پڙهن، ڇو جو ھي پڙھي ويا ته پوءِ وڏيرڙن جي غلامي ڪير ڪندو؟ حقيقت ۾ پڙھيل لکيل نوجوان غلاميءَ کي گار مسئل سمجهندو آهي، اسان ڪجهه ڄاڻو ٿا ته صرف تعليمي ميدان ۾ کيڏڻ جي ڪري، ھتان جيڪي ڪجھه ماڻھو پڙھي ويا انھن وڃي پنھنجو ڪاروبار ٻين شھرن ۾ ڪيو ۽ ھتي پنھنجا ٻار پڙھايا خاص ڪري ھتان جا ديوانن ۽ اھي ماڻھو ھن ڪوھستان کي بس قبرستان ٿا سمجهن. پڙھائي آھي ڪو نه اسان جا ٻار وڏا ٿي ڇا ڪندا؟ ڪوھستان جا اسڪول ڀلا ڪي ملائڪ اچي کولرائيندا ڇا؟ پاڻ ايئن پنهنجي ڪوھستان کي روشن ڪنداسين؟ ڪوھستان ۾ ڪلھوڙن جي تاريخ پيل آھي، ڪوھستان کيرٿر نيشنل پارڪ آهي، ڪوھستان ۾ سليڪا، بجري ڀٿر ۽ ريتي جھڙا وسيلا آھن پر ڪوھستان جي تعليم پوئتي پيل آھي. ھتان جو ٻار تعليم جھڙي زيور کان محروم آھي، ھتان جون نياڻيون پراڻي دور جي عورتن واري زندگي گذاري رھيون آھن، ھتان جي ماڻھن ۾ اسپتال جي ڄاڻ سڄاڻ انهي، بس مال جي ۽ ٻني ٻاري ڪري ھتي ئي زندگي پوري ڪري ھن جھان مان لاڏاڻو ڪن ٿا. منشات ۾ ٻار ٻار غرق آهي، جڏھن تعليم ئي نه ھوندي ته پنھنجي جان جي ڪھڙي پرواھه ھوندي ماڻهوءَ کي؟ ڪوھستان ۾ پي پي ايڇ آءِ جو ھڪ ادارو آهي جيڪو صحت جي حساب سان ڪجهح سٺي طره ڪم ڪري رهيو آهي. سري ھاءِ اسڪول ۾ ٽي استاد آھن ۽ ٽي سئو کن شاگرد آھن، 6 سٽيون استاد جون خالي آھن پر استاد ڏيڻ لاءِ ڪو به تيار ناھي، توڙي جو ڳوٺ وارن پنهنجي پاران درخواست به ڊي اي او کي به جمع ڪرائي آھي، اسان ھڪ روشن، خوشحال ڪوھستان ڏسڻ چاهيو ٿا. ڪوھستان ۾ سڀ اسڪول کليل ھجن ھر ڳوٺ جو ٻار تعليم پرائي ۽ خوشگوار زندگي گذاري اهو اسان جو خواب آهي.

ريحان پالاري/ڪوهستان

 

سياست ۾ جوڙ ٽوڙ جو بادشاهه!

سنڌ ۾ سياسي مخالفن جي مضبوط اتحادن کي ڏسندي ۽ محسوس ڪندي پ پ سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ به سياسي پارٽين سان اتحاد سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي آهي، پ پ سنڌ ۾ سعيد غني ۽ ناصر شاهه کي ٻين پارٽين سان صلاح مشورا ۽ رابطي لاءِ مقرر ڪيو آهي، جيڪي عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين سان اتحاد سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان وٺي مقامي سطح تي چونڊ سهڪار بابت پارٽي قيادت کي تجويزون پيش ڪندا ۽ پارٽي جي سياسي پوزيشن جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو هڪ پبلڪ ميٽنگ ۾ چيو هو ته پراڻن ۽ پوڙهن ماڻهن کي سياست ڇڏي ڏيڻ کپي، نون نيٽن کي موقعو ڏيڻ کپي، ٻئي طرف آصف زرداري هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ چيو ته بلاول ڀٽو ناتجربيڪار آهي، اسين ان جي تربيت ڪري رهيا آهيون، ڏٺو وڃي ته آصف زرداري کي جوڙ ٽوڙ جي سياست جو بادشاهه چيو ويندو آهي. 2008ع ۾ آصف زرداري پ پ جي قيادت سنڀالي ۽ پ پ 2008ع ۾ حڪومت ۾ سندس آئي، 2013ع تائين آصف زرداري جي سمجهداري ۽ حڪمت عملين سبب پ پ حڪومت جا 5 سال پورا ڪيا پر سنڌ ۾ پ پ پنهنجو صوبائي تخت مضبوط رکندي آئي، سنڌ ۾ 03 ڀيرا حڪومت ٺاهي پنهنجو 15 سال حڪومت تي ڪنٽرول رکيائين ۽ سنڌ ۾ حڪومت ڪندي آئي. پ پ 2008ع کان 2013ع تائين مرڪز ۾ حڪومت ڪئي ۽ بعد ۾ 2022.23 جي حڪومت ۾ پ پ کي اقتدار ۾ شريڪ رکيو ويو پر پ پ حڪومت کي خاص ڪري سنڌ ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڦرمار نوڪريون پنهنجن ماڻهن کي ڏيڻ بدامني اقربا پروري جهڙا الزام لڳندا آيا آهن ۽ هاڻي پ پ لاءِ اهو چيو پيو وڃي ته ان سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، رڳو ڪرپشن ڪرڻ ۾ مصروف رهي آهي، هيڏانهن جي ڊي اي سربراهه پير سائين پاڳاري عام چونڊن ۾ سنڌ جي هر سيٽ تي اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ اڳوڻي سي ايم ارباب رحيم پڻ پير سائين سان مليو ۽ ملاقات ڪئي آهي ۽ هڪ هجڻ جي خاطري ڪرائي آهي پير سائين چيو آهي ته جي ڊي اي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ جي تقدير بدلائي ڇڏيندي، جي ڊي اي پنهنجي سياسي طاقت جي اظهار لاءِ سنڌ ۾ 05 وڏا جلسا ڪرڻ جو پروگرام ترتيب ڏئي رهي آهي، اها ئي ڳالهه آهي ته هڪ طرف پ پ مخالف سياسي پارٽيون خاص ڪري ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ پ پ کي حڪومت ٺاهڻ ۾ ناڪام ڪرڻ لاءِ ٿيڻ واري چونڊن ۾ مقابلو ڪري صوبي جي حڪومت سولائيءَ سان حاصل ڪرڻ نه ڏينديون ان لاءِ پ پ جي رستا روڪ ۽ پنهنجي اتحادي ساٿين جي اليڪشن ۾ يقيني ڪاميابي لاءِ ميدان ۾ لهي مقابلي لاءِ تيار آهن.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

ميرپورماٿيلو ۾ منشيات جو وڪرو ڪير روڪيندو؟

ميرپور ماٿيلو شھر ۽ ان جي آسپاس شراب جا واھپيدار ايترا ته وڌي ويا آھن جو ھر روز لکين رپين جي شراب وڪيو ڪيو وڃي ٿو جنھن ۾ پوڙھا، پڪا، نوجوان توڙي ننڍا ٻار به شراب سرعام خريد ڪري پيئن ٿا، ايتري قدر جو مزدور طبقو به سڄو سڄو ڏينھن محنت مزدوري ڪري شام جو شراب خريد ڪري ٿو، شراب واپرائيندرن ۾ اڪثريت مسلمانن جي ھوندي آھي، جڏھن ته اسان جو ملڪ اسلامي نظرئي تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ نشي آور شين جو واھپو وڏو ڏوهه سمجهو ويندو آهي. اسان جي مختلف شهرن ۾ هندو ڌرم جي ماڻهن کي شراب جو پرمٽ جاري ڪئي ويندي آھي. ھن وقت ميرپورماٿيلو واسين لاءِ ناسور بڻجي چڪو آھي، ھڪ ته نوجوان نسل تباھي ڏانھن وڃي رهيو آهي، ميرپورماٿيلو ۾ ملڪ جا شرابي ۽ ڏوهاري لٿل ھوندا آھن، شراب سان گڏ ٻيون نشي آور شيون به سرعام وڪرو ٿينديون آھن، جنھن جي ڪري چوريون ھرروز جو معمول بڻيل آھن. ايس ايس پي گهوٽڪي کي گهرجي ته وچ شھر اندر ھنلدڙ شراب جو گتو بند ڪرائي گتو ھلائيندڙ کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، جيئن نوجوان نسل ھن تباھي کان بچي سگهي.

علي حسن “احسن“ چڍڙ/ميرپورماٿيلو

 

 

اسان جي سزا آخر ڪڏهن ختم ٿيندي؟!

صدين کان وٺي اسان اهڙي سزا ڀوڳي رهيا آهيون جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿيندي، اسان جي وسيلن تي ته هونئن به قبضا آهن، پنهنجا حق گهرڻ لاءِ به هتي عبرتناڪ سزائون ٿيون ملن، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ته ويڌن آهي. اسڪولن جون عمارتون ڪونهن. روڊ رستا تباھ حال بڻيل آهن، اسپتالن ۾ اسٽاف ۽ دوائون ڪونهن، مريضن سان قصاب وارو ڪم لڳو پيو آهي. سنڌ جي وسيلن تي ڌاريان قابض آهن، سنڌ جيترو ڪمائي ٿي اوترو ئي هڪ اڻکٽندڙ سزا ڀوڳي رهي آهي. سنڌ واسين سان ته جيڪو ڪجهه ظلم ٿي رهيو آهي اهو به ڪنهن کان ڳجهو ٿوري آهي. هڪ ته قبيلائي جھيڙا جيڪي ڪڏهن به رياست ختم ڪرڻ نٿي چاهي. ٻيو ته سرداري، شاهي نظام جيڪو پڻ اسان سڀني جو رتي چوسي رهيو آهي. هتي رياستي نظام اهڙي طرح جو ٺهيل آهي ته توهان جيڪڏهن چور تي ڪيس ڪندا ته چور ٻڌجي يا نه پر ڀاڳيو ضرور ان ئي ڪيس ۾ ٻڌجي ويندو آهي. جتي ڪرپشن سرعام تاج پايو ويٺي هجي، ٺڳي ۽ فراڊ ملڪ جو نظام هجي، جتي معصومن کان ويندي، نياڻين جون عزتون محفوظ نه هجن، جتي قانون صرف اميرن جي پاسداري ڪرڻ لاءِ ٺهيل هجي، غريب پيٽ پارڻ لاءِ دردر جا ڌڪا کائيندو هجي. جتي شريف پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ خاموشي جو تالو لڳائي چپ ٿي ويهي رهي. عوام کي پنهنجي حق ملڻ بجاءِ ٿاڻن ۽ ڪورٽن جي چڪرن ۾ روز دربدر ٿيڻو پوي. ان سماج ۽ ملڪ ۾ بلڪل اڻ کٽندڙ عبرتناڪ سزائون کي منهن ڏئي جئيڻو ٿو پوي.

سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول

 

سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب!

(حصو ٻيون)

جھڙيءَ طرح سڄي انسان ذات بنيادي طور تي ھڪ جنس آھي پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورھايل آھي، اھڙيءَ طرح آخري طور تي سڄي انسانذات جو ڪلچر به ھڪ ٿيڻو آھي پر ھر مُلڪ ۽ قوم وٽ ھزارين ورھين جي تجربي، ڄاڻ، ماحول جي اثرن، نسلي لان ۽ گڏل ميلاپ کان پوءِ ڪلچر به وڌي ويجھي ٿو ۽ خاص صورت وٺي ٿو ۽ قومن جو قومي ورثو ٿي پوي ٿو. جنھن کي قيمتي ذخيرو سمجھي محفوظ رکندا آھن. اڳتي ھلي جڏھن جدا جدا قومن جي ثقافتن مان انسان ذات جو ھڪ ڪلچر ٺهڻو آهي ته اُن ۾ صلاحيت وارا ڪلچر تاڃي پيٽي جو ڪم ڏيندا ۽ اڀاڳا ڪلچر ڦٽا ڪري ڇڏيا ويندا. زندهه قومن لاءِ يا ايندڙ نسلن لاءِ ثقافت جو هجڻ ايئين لازمي آهي جيئن جسم ۾ دل جو هجڻ ضروري آهي. هڪ اولھ ليکڪ جو خيال آهي ته: “ثقافت جي لفظي معنيٰ آهي عقيدتمند هجڻ، نيڪ هجڻ، روحاني خواهشون، لطف جذبن ۽ احساسن جي آنند جي ذريعن ۽ وسيلن کي ثقافت چئجي ٿو.“ تهذيب ثقافت سان گڏ ٻي لاڳاپيل شيءِ تهذيب آهي، جهڙيءَ طرح روح ۽ جسم گڏجي زندگيءَ کي وجود ڏين ٿا اهڙيءَ طرح تهذيب ۽ ثقافت سماج جا بنيادي ذريعا آهن. انهن کان سواءِ زندگي صحيح رنگ ۾ اڳيان نٿي اچي سگهي. ثقافت اسان جو تخليقي سرمايو آهي. اُهي قومون يا نسل سدائين دنيا ۽ تاريخ جي سونهري ورقن تي جيئرا آهن، جن پنهنجي پاڪ ۽ پوتر سوچن کي سدائين قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ثقافت کي “جيئرو” رکيو آهي. تهذيب ۽ ثقافت اسان کي ذهني پستيءَ جي غارن مان ڪڍيو آهي پر انهيءَ سان گڏ ڏٺو وڃي ته تهذيب ۽ ثقافت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل به آهن پر سندن نقطه نظر ۾ جدا جدا حيثيت پڻ آهي. ثقافت جو لاڳاپو باطني زندگيءَ سان، احساسن ۽ جذبن سان هوندو آهي جڏهن ته مادي ضرورتن جي وسيلن ۽ ذريعن جي پورائي کي تهذيب چئبو آهي.(جاري)

صفدر عرف دودو خان سنڌي/ڪوڙيجا ڀاڻ

 

اختلافن جو شڪار سنڌ حڪومت!

(حصو ٻيون)

ان نتيجي ۾ انتظامي ڪم مقرر ٿيل ادارتي بجيٽ وقت سر استعمال ڪونه پئي ٿي سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏو نقصان عوامي ٿئي ٿو ۽ ٻي صورت ۾ انتظامي هن سموري حڪومتي عهديدارن جي جنگ سبب نقصان ستايل سنڌ جي ادارتي ڍانچي جو ٿئي پيو ۽ وقت سر عوام کي فائدو جيڪو ملڻ کپي سو ڪونه ملي سگهندو. صوبائي وزير صحت واري اختلافي معاملي جي رقم ادارتي بجيٽ 4 کان 5 ارب پڻ ٻڌائي وڃي پئي جنهن مان مختلف اسپتالن جي مشنري جي خريداري ٿيندي جنهن کي اهم اشو طور سامهون آندو ويو آھي ۽ اهڙي نموني ڪجهه ٻين ادارن جون به اربين رپين جون بجيٽون جيڪي رليز ٿي چڪيون آھن ۽ ڪجهه سببن سبب رليز ٿيڻيون آھن پر هن حڪومتي ۽ انتظامي ذميوارن جي جنگ پويان جيڪي مقصد آھن تن عام جي ڀلائي ۽ ادارتي ڪارونهوار کي ڄڻ ته ٺپ ڪيو ويو آھي. اقتداري ۽ انتظامي حلقن جي انتهائي ويجهن ذريعن اهو به خيال آھي ته ايندڙ هفتو سنڌ ۾ اهم نگران حڪومتي عهديدارن ۽ اهم صوبائي ڪابينا جي اسمن تي ويٺل انتظامي عهديدارن لاءِ ڏکيو ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان امڪان کي به وڏي هٿي ملي رهي آھي ته نگران صوبائي وزير نگران وزير اعليٰ سنڌ کان وڌيڪ بااثر ڄاڻايا وڃن ٿا جيڪي پنهنجي موقف کي سچ ثابت ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽائيندا ۽ ممڪن آ ته نگران وزير اعليٰ سنڌ مقبول باقر جنهن کي سياسي بيڪ اپ پڻ آھي ۽ صوبائي ڪابينا جي وزيرن ڪبيرن جنهن بابت اهو خيال آھي انهن کي طاقتور حلقن جي پڻ سپورٽ آھي سي ڪنهن سنڌ ۾ تبديلي جا خواهشمند آھن ۽ ممڪن آھي هو انهن عهدن تان هٽي ڪا ٻي صورت اختيار ڪري سامهون اچن يا پاڻ نگران وزير اعليٰ سنڌ انهن اختلافن سبب يا ته استعفيٰ ڏئي سگهي ٿو يا وري کيس کان استعيفيٰ به ڏياري وڃي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هتي جي سياسي توڙي اقتداري ڪاريڊورز ۾ اهو ٿيڻ جو نئون ڪم ڪونه هوندو، جنهن تي ماڻھون ڪنهن حيرت ۾ اچن. 2 ڏينهن اڳ نگران وزير اعليٰ سنڌ مقبول باقر اهل علم اهل دانش ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ 90 سالن جي جهوني ڏاهي عورت ڊاڪٽر عاليه امام کي پنهنجي صلاحڪار طور مقرر ڪيو آھي ۽ ان سلسلي ۾ ڄاڻ رکندڙ حلقن جو خيال آھي ته ٿي سگهي ٿو اڃا ڪجهه وزير ڪابينا ۾ کنيا وڃن جن بابت سياسي مارڪيٽ ۾ ڳالهيون گردش ۾ آھن ته هنن پنهنجيون واسڪوٽيون تيار ڪري رکيون آھن ته ڪهڙي مهل به سڏ اچي سگهي ٿو، انهن حڪومتي عهديدارن ۽ انتظامي ڇڪتاڻ سبب جيڪو نقصان ٿئي ٿو سو نقصان عوامي ۽ ادارتي پڻ آھي جيڪو صوبائي حڪومتن لاءِ سدائين سامهون ڪر کنيو بيٺو آھي. هن وقت هن هيڏي وڏي صوبائي حڪومتي اسمن وچ ۾ جيڪا اختيارن جي جنگ سامهون ٿي بيٺي آھي سا ڪنهن لاءِ ته ضرور آھي هن چوڻي تي فٽ ٿي بيهي ته ڇري گدري تي ڪري به نقصان گدري جو ۽ جي گدرو ڇريءَ تي ڪري ته به نقصان گدري جو.

رحمت الله ٻرڙو/ ڪراچي