ڪالھه ميڊيڪل ڪاليج خيرپور فائنل ايئر جي شاگردياڻي جو ھاسٽل ۾ دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. ڊاڪٽر توڙي شاگردياڻي سنيھا جا مائٽن جو چوڻ آھي ته کيس دل جي تڪليف جي ھسٽري ھئي ۽ اھو طبعي موت آھي. پر ان جي برعڪس سوشل ميڊيا تي شيزوفرينا ۾ ورتل سنڌ جي ساڃاهه پاران ھيجان متل آھي ته پراسرار موت، قتل، ھراسمينٽ، قاتل انتظاميه وغيره وغيره.

مان وري به گذارش ڪرڻ چاھيان ٿي ته

  1. ڪنھن به اھڙي اچانڪ يا حادثاتي موت بابت ڪنھن به قسم جي سنسني ڦھلائڻ يا ھيجان برپا ڪرڻ جي بجائي ۽ پوسٽ مان پوسٽ ڪاپي ڪرڻ بجائي حقيقت سامھون اچڻ جو انتظار ڪجي
  2. تعليمي ادارن ۾ ڇوڪريون/ڇوڪرا/فيڪلٽي يا ڪير ٻيو ملازم پڻ اھڙي قسم جي دل جي دوري يا دل بيھڻ جي ڪري طبعي موت مري سگھي ٿو، ان ڪري ھر موت کي قتل چئي ڇوڪرين جي تعليم خلاف ماحول ٺاھڻ يا والدين کي مستقل خوف جو شڪار بنائي ڇوڪرين جي تعليم ۽ انھن جي ھاسٽلن ۾ رھڻ کي ڏکيو نه بنايو.
  3. ان قسم جي سنسنيت ڦھلائڻ ۽ عدم تحفظ واري فضا تيار ڪرڻ جي ڪري اعليٰ تعليمي ادارن يعني يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين جي اعليٰ تعليم ۾ داخلا جو رجحان گھٽجي رھيو آھي. ھن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ شايد ويھه سيڪڙو مس ڇوڪريون داخل ٿيون آھن ڇوڪرين جي داخلا ۾ اھا لاٿ انتھائي تشويشناڪ آھي ان ڪري سنڌ جي ساڃاهه کي ان موسم جي ھيجان ڦھلائڻ بجائي حقيقتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري تجزيو ڏيڻ کپي.
  4. ڇوڪرين جي گھرن اندر توڙي تعليمي ادارن اندر خودڪشي جي واقعن توڙي انتظاميه جي نااهلي کي الڳ الڳ ڏسڻ جي ضرورت آھي.

وڏيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته سماج ويچارڻ شروع ڪري ته ڇوڪريون گھرن ۾ يا وري ھاسٽلن ۾ خودڪشي ڇو ٿيون ڪن.

(چار ڏينھن ٿيا جو ھاسٽل اندر مون کي اليڪٽرانڪ تار تي ٻانھن لڳڻ ڪري ڪرنٽ جو شديد جھٽڪو آيو. مان سڄي لڏي ويس ۽ اڌ ڪلاڪ تائين منھنجي دل جيدڙڪن قابو ۾ نه پئي اچي ۽ ٽنگون ڏينديون رھيون. ھوش سنڀاليندي منھنجي ذھن ۾ صرف اھو خيال آيو ته جي اتي مان مري وڃان ھا ته منھنجي ان  اچانڪ حادثاتي موت تي ڪيتريون اسٽوريون اچن ھا. قتل يا خودڪشي کان علاوه قتل جي سبب يا خودڪشي جي سبب تي شايد ايندڙ ڏھاڪو سال تائين پيو لکجي ھا ته مائي اڪيلائپ ۾ مري ويئي ڪير لاش کڻڻ وارو به نه پھتو جو ان وقت ھاسٽل ۾ ڪير به نه ھو. ۽ عام طور تي ٻه ٻه ڏينھن ڪنھن سان رابطو نه ھوندو آھي ڪنھن کي دروازو کڙڪائي پڇڻ جي به ھرڀرو عادت به ڪونھي ۽ مون منع به ڪيو آھي ته ٽي ڏينھن به دروازو نه کوليان ته ھرو ڀرو مونکي ڊسٽرب نه ڪيو وڃي..

سچ پڇو ته ان وقت موت جي خوف ۽ قبر بجائي شيزوفرينا جي شڪار سنڌ جي سوشل ميڊيائي ساڃاهه جو تصور منھنجي ھڏين سرد لھر جيان گذري ويو. ٻن ڏينھن کان پوءِ ان ڳالھه جو ذڪر مون ذڪيه سان ڪيو ته اھا به پريشان ٿي ويئي تي اھڙي صورت ۾ ڇا ٿي سگھيو پئي)…. (فيس بوڪ تان ورتل)