زندان جي جھروڪن مان

“ڄامشوري شهر جي مالڪي ڪريو!”

پوري سنڌ ته ڇا پر دنيا ۾ مشهور سمجھيو ويندڙ شهر ڄامشورو جتي ايشيا جون ٽي وڏيون يونيورسٽيون پڻ قائم آهن پر افسوس ٽي يونيورسٽيون رکندڙ هي شهر تفريحي ماڳن ۽ پارڪن کان محروم بڻيل آهي. ٽنهي يونيورسٽين جي شاگردن توڙي شهر ۾ رهندڙ فيملين توڙي ٻارڙن لاءِ حڪومت طرفان ڪا به سهولت ميسر ڪونهي، انهيءَ کان سواءِ اسڪولي ٻارڙن جي کيڏڻ لاءِ ڪرڪيٽ جو ڪو گرائونڊ به موجود ناهي، جتي ٽنهي يونيورسٽين جي شاگردن سميت اتان جا پڙهيل لکيلي صحت مند شهري انهن سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺي سگھن، جنهن جي ڪري اتان جي يونيورسٽين جا شاگرد توڙي عوام يا ڄامشوري شهر سان تعلق رکندڙ عام شهري حيدرآباد جي تفريح گاهن راڻي باغ، عسڪري پارڪ، نيو حيدرآباد سٽي جو رخ ڪن ٿا، جڏهن ته  ڄامشورو شهر ۽ ان جي يونيورسٽين اندر يا ٻاهر ڪافي سرڪاري زمينون خالي به پيون آهن جن زمينن تي بااثرن سميت ٽنهي يونيورسٽين جي ملازمن جا گڏيل قبضا ٿيل آهن، جن زمينن کي خالي ڪرائي انهن زمينن تي شاگردن ۽ ڄامشوري شهر جي رهندڙ عوام لاءِ تفريح گاهون ۽ پارڪ ٺهرائي سگھجن ٿيون، ڇو ته پڙهيل لکيل شاگردن ۽ ڄامشورو شهر جي باشعور عوام کي هِن وقت تفريحي ماڳن ۽ پارڪن جي تمام گھڻي ضرورت آهي ۽ گڏوگڏ ٻارن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ پلي گرائونڊن جي به سخت ضرورت آهي پر افسوس زمين هوندي به هتان جي ٽنهي يونيورسٽين جي شاگردن سميت آسپاس جا شهري مجبورن روڊن ۽ ٽٽل ڦٽل رستن تي واڪ ڪندي ۽ رانديون رهندي نظر اچن ٿا. منهنجي اعليٰ اختيارين سميت سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کي گذارش آهي ته ڄامشوري شهر جي عوام کي واڪ، تفريح لاءِ پارڪ ۽ ٻارن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ پلي گرائونڊ ڏنا وڃن، جيئن ڄامشوري جو عوام سولائيءَ سان واڪ ڪري سگھي ۽ حيدرآباد وڃڻ کان بچن.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

استاد جو احترام هر حال ۾ ضروري آهي!‎

انسان جو پهريون اسڪول سندس ماءُ جي هنج هوندي آهي، جتي هو پهريون لفظ چوڻ سکي ٿو ۽ پوءِ تربيت جا مرحلا طئي ڪري ٿو، پوءِ ماءُ ٻار کي وقت جي گرمي ۽ سرديءَ کان واقف ڪرڻ لاءِ استاد ڏانهن پنهنجو درد ٻڌائي ٿي، انسان شروعات ۾ هڪ قيمتي پٿر آهي، جنهن تي استاد نقاشي ڪري کيس هيرو بڻائي ٿو.  ماءُ پيءُ ٻار کي آڱر کا وٺي قدم قدم تي هلڻ سيکارين ٿا، استاد کين دنيا کي منهن ڏيڻ سيکاري ٿو ۽ پوءِ افق جي بلندين تي اڏامڻ سيکاري ٿو. تعليم جو اهو سلسلو شروع کان ئي قائم آهي. خدا تعاليٰ هميشه هن دنيا ۾ انسانن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سامان فراهم پي ڪيو آهي. سڀ کان وڌيڪ، انسان کي باشعور بڻائڻ لاءِ هن کي علم جھڙي دائمي دولت ڏني. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ڪنهن قوم پنهنجي استاد جو قدر ڪيو ته نتيجي ۾ اها قوم دنيا ۾ ڪامياب ۽ طاقتور بڻجي وئي. سڀني سڌريل ملڪن ۾ استاد جي عزت، مان ۽ مرتبو انهن ملڪن جي صدرن ۽ وزيراعظمن کي نٿو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻن ٿا ته استاد ڪاميابيءَ جو ضامن ۽ علم جي اها شمع آهي، جيڪا دنيا ۾ روشني ڪري ٿو. استاد هڪ ڏاڪڻ آهي جيڪا اسان کي بلندين تائين وٺي وڃي ٿي، استاد هڪ انمول تحفو آهي جنهن کان سواءِ انسان مڪمل نٿو ٿي سگهي. مذهب اسلام اسان کي استاد جو احترام ڪرڻ سيکاريو آهي. رسولﷺ جا اصحابي سڳورا تعليم ۽ تربيت لاءِ مسجد ۾ رهندا هئا ۽ ٻين اصحابن سڳورن کي سڏيندا هئا. حضرت علي ڪرم الله وجه فرمائيندا هئا ته جيڪو مون کي هڪ حرف به سيکاري ته مان ان جو غلام آهيان، چاهي مون کي آزاد ڪري يا وڪرو ڪري. تنهن ڪري اهو اسان جو فرض آهي ته پنهنجي استادن جو احترام ڪريون ۽ انهن سان پيار ۽ شفقت سان پيش اچون ۽ پنهنجي استادن جي عزت ڪريو ۽ انهن لاءِ خدا تعاليٰ جي اڳيان دعا ڪريو.

محمد علي سيٺار/ شڪارپور

ڳوٺ حاجي نورمحمد لغاري

واسين سان واپڊا وارن جا ڪلور!

گهوٽڪي تعلقي يوسي کوهارا ۾ ڳوٺ حاجي نورمحمد خان لغاري قديمي ڳوٺ آهي جن ۾ مختلف برادرين جا رهواسي ويٺل ھئا، لغاري برادري، مينگھواڙ برادري، ڀيا برادري، ڪولاچي برادري ۽ لانگاهه برادري ويٺل هئا، انهيءَ وقت اسان وٽ هڪ ٽرانسفارمر هو جنهن مان هر برادري جا رهواسي بجلي هلائيندا هئا، لانگاهه برادري جا ماڻهو لڏي ويا، انهن جي بقايا هن ٽرانسفارمر تي رهجي وئي ۽ ڪجھه ڀيا برادري جا رهواسي لڏي گهوٽڪي شهر وڃي ويٺا، انهن جي بقايا رهجي وئي، ميگھواڙ برادري ڪجھه لڏي شهر وڃي ويٺا، انهن جي به بقايا رهجي وئي ۽ ڀيا برادري پنهنجي بجلي منظور ڪرائي آئي آهي ۽ انهن جي بجلي جي بقايا اسان جي ڳوٺ جي ٽرانسفارمر رهجي وئي آهي، ايس ڊي او ربنواز ڪلوڙ کي گهڻو سمجهايوسين جنهن ڏي بقايا آهن اهي هتان لڏي ويا آهن پر هن اسان جي هڪ ڳالھه به نه ٻڌي، پوليس ساڻ ڪري اسان جي ڳوٺ جو ٽرانسفارمر لاهي کڻي ويو. قانون موجب جنهن ڏي بقايائون هونديون آهن انهن مٿان ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي پر افسوس هن ملڪ ۾ ڪو قانون ناهي جيڪي ٽرانسفارمر مان بجليءَ هلائي رهيا آهن انهن جا بل ڪلئير آهن، ڳوٺ جي رهواسين ايس ڊي او کي اهو بار بار چيو ته اوهان ايل ٽي تارون ڪٽيو جنهن جا بل ڪلئير آهن انهن جي بجلي بحال ڪري ڏيو پر هنن ڪنهن جي ڳالھه نه ٻڌي ۽ زبردستي ٽرانسفارمر لاهي کڻي ويا آهن جيڪي ڳوٺ حاجي نورمحمد خان لغاري مان لڏي ويا آهن انهن ڏي بقايائون هيون اهي بل کڻي آفيس وڃي ڏيکاريوسين پر ايس ڊي او ڳوٺاڻن جي ڪا به ڳالھ نه ٻڌي، هي ڪٿان جو قانون آهي؟ اسين هاءِ ڪورٽ ۽ واپڊا جي وس وارن عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون ته صاف شفاف انڪوائري ڪري ڪئي وڃي جنهن مٿان بجليءَ جي بقايا آهي انهن مٿان قانون موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ جنهن جا بل ڪلئير آهن انهن جي فوري طور بجلي بحال ڪئي وئي.

فرمان علي لغاري /ڳوٺ حاجي نورمحمد خان لغاري

استاد جي عظمت!

پڙھائڻ ھڪ اھڙو ھنر ۽ پيشو آھي جيڪو صرف هڪ استاد ئي ڄاڻي سگھي ٿو، هڪ سٺو استاد ئي معاشري کي سٺو ڪري سگھي ٿو. ماءُ ۽ پيءُ کان پوءِ استاد ئي اها واحد هستي آھي جيڪا پنھنجي شاگرد کي اڳتي ڏسي خوش ٿيندي آھي، مطلب ته استاد جي لاءِ جيترو لکجي سو گھٽ آھي، استاد جي شان ۾ ھڪ شعر عرض آهي ته:

‘‘رہبر بھی یہ عدم بھی یہ غم خوارِ ہمارے،

استاد یہ قوموں کے ہیں معمار ہمارے۔’’

استاد شاگرد کي فرش تان کڻي عرش تائين پھچائيندو آھي، استاد جو پيشو نبين سڳورن وارو پيشو آھي، حضرت محمد ﷺ جن فرمايو آھي ته “مون کي توهان جو استاد ڪري موڪليو ويو آھي.” استاد جي اھميت ايتري آھي جو حضرت علي عليه السلام فرمائين ٿا ته “جنھن مون کي ھڪ حرف سيکاريو مان ان جو غلام آھيان، چاهي اھو مون کي وڪڻي، غلام ڪري رکي يا آزاد ڪري ڇڏي.” استاد پاڻ ته بادشاهه ناھي ھوندو پر پنھنجي شاگرد کي ضرور بادشاهه ٿيندي ڏسڻ چاھيندو آھي. سياڻن جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن ڪنھن قوم کي ختم ڪرڻو آھي ته ان قوم جي تعليم کي ختم ڪريو ته اها قوم پنهن جو پاڻ ختم ٿي ويندي.

اسدالله جعفري/ شڪارپور

گنگھور گھٽا

جو گھيرو آ!

نگران حڪومت جي اچڻ سان ملڪ ۾ ٻيڻين مهانگائي جي ڪري روزانون مزدوري مَڙي ڪندڙن لاءِ ھڪ ويلي جي ماني کائڻ به محال ٿي ويو آھي، ملڪ ۾ هلندڙ تازي بک، بدحالي، بيروزگاريءَ جي دور جيڪي سرمائيداري نظام جي نامياتي بحران جي ڪري ٽئين دنيا جي پسمانده ملڪن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، برطانيا، ارجنٽينيا ۽ جنت سمجھيو ويندڙ ملڪ سوئٽزرلينڊ به معاشي خساري جي وڪڙ ۾ آھن، تنھن ڪري مهانگائي ۽ پينشن جا پئسا به عام سرڪاري ملازم کي ملڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، ڪيترن ئي سالن کان وٺي فوڊ اٿارٽي، لوڪل وڏيرن بيوروڪريٽن سرمائيدارن ڪڻڪ جا ذخيرا گودامن ۾ رکي عوام کي بک واري زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪرڻ سان گڏ اٽي جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آھي ۽ اٽي جي خريدڻ لاءِ ھزارين سفيد پوش به لائينن ۾ بيٺل نظر ايندا آھن. جنھن سبب ھڪ ئي وقت ويهه ماڻھو ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري ڪراچي جھڙي شهر ۾ فوت ٿيڻ جون خبرون به ٻڌڻ ۾ آيون. نگران حڪومت کاڌي پيتي جي شين جا اگھه گھٽ ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناھن ورتا، ٻئي پاسي پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ وارو سلسلو پڻ جاري ڪري عوام مٿان ٽيون ڀيرو مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي پر عوام روز آپگھات ڪرڻ تي مجبور آهي. غريب ڪورونا جي وبا، چوماسي جي برساتن جي حالتن کان وٺي ھن وقت تائين مهانگائيءَ جي مصيبت ۾ ڦاٿل آهن پر نگران حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ مهانگائيءَ طرف وڌندي پئي وڃي. ملڪ اندر ٻه نمبر جعلي دوائون، يوريا ڀاڻ ٻه نمبر ساريلي ٻيڄاري جي استعمال ڪرڻ سان مسڪين ھارين جي فضل کي ٻه نمبر دوائون يوريا ڀاڻ جي ڪري تباهه ٿيڻ لڳو آهي. ٻئي طرف سرڪار جي طرفان عوام جي لاءِ مقرر ڪيل يوٽيلٽي اسٽورن ۾ روز مرهه جون شيون اٽو گيھه کنڊ به اڻلڀ ٿي ويون آهن، عوام روز پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ٿي پيو آھي.

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي

دولتپور جي ڪاليجن کي استاد ڏيو!

دنيا جي سڌريل سماجن ۾ تعليم جو بنيادي ۽ ڪليدي ڪردار ھجي ٿو، تعليمي ادارا پنهنجي مڪمل اسٽاف ۽ سھولتن سان ادارن کي ھڪ اھڙين ڏَسائن ڏانھن وٺي وڃن ٿا، جتي شاگرد فھم، فڪر ۽ پروڙ جي عالم مان نوان موتي آڻي جڳ کي جرڪائن ٿا، سنڌ جي تعليمي ادارن جي ڳالھه ڪجي ته هتي اسان کي ھڪ وڏو الميو نظر اچي ٿو. تعليمي ادارن جي حالت رحم جوڳي پئي نظر ايندي. ھتي دولتپور صفن جي ڪاليجن جي ڳالھه ڪجي ٿي ته دولتپور ۾ بوائز ڪاليج جتي يارھين درجي کان وٺي اي ڊي سائنس ۽ آرٽ جي داخلا مجموعي طور 1500 جي لڳ ڀڳ آهي، جتي ايس اين ئي موجب 20 استاد ھجڻ گھرجن، اتي صرف پنج استاد مقرر ٿيل آھن، جن مان ٻه فزڪس جا، ڪيمسٽري، زولاجي، باٽني جو ھڪ ھڪ، جڏھن ته ڪمپلسري سبجيڪٽن جو ڪو به استاد موجود يا مقرر ناھي. ھاڻ ھي ھيترو سارو شاگردن جو ڌڻ ۽ پنج استاد، ڪيئن ٿو بھتر پڙھائي جو ماحول جوڙي سگھجي؟ ٻئي پاسي گرلس ڪاليج دولتپور جي ڪھاڻي ئي ڪجھه الڳ آھي جنھن تي ويھي روئجي يا مٿي ۾ مٽي وجھجي، سمجھه کان ڳالهه ٻاهر آهي! پنج سئو شاگردياڻين جي داخلا تي ھڪ به استاد مقرر ناهي، جڏھن ته ايس اين ئي 15 استادن جي منظور ٿيل آھي. جتي بوائز ڪاليج مان ھڪ استاد کي پرنسپال جي چارج مليل آهي جيڪو آن لائين ڪلاسن ذريعي تدريسي عمل ھلائي رھيو آھي. ھاڻ سوچجي ته ڇا اسان جون نياڻيون ان سسٽم ۾ تعليم حاصل ڪري ڪنهن اعليٰ عهدي تائين پھچي سگھنديون؟ انهن اهڙن مسئلن جي نشاندهي لاءِ والدين پاران درخواستون ۽ اپيلون ۽ احتجاج لاڳيتا ھلي رھيا آھن، جنھن ھوندي اڃا تائين انهن جو ڪو خاطر خواهه نتيجو ناهي نڪري سگھيو. اسان تعليم سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري، وزير تعليم سميت سنڌ جي نگران وڏي وزير کان اھو ئي مطالبو ورجايون ٿا ته دولتپور جي ڪاليجن جي استادن جي کوٽ پوري ڪري شاگردن والدين ۽ شھرين جي پريشاني ختم ڪري تعليمي ماحول کي سگھارو ڪيو وڃي ته شاگردن ٽڙڻ جي موسم ۾ مرجھائجن کان بچي وڃي.

گلاب خان انڙ/دولتپور

ھوليڪا جي ڪھاڻي سندس زباني!‎

(حصو پهريون)

ايڪويھين صديءَ جا دراوڙ باشندو! توھان جي تاريخ دشمن تباهه ڪري ڇڏي آھي، توھان اصل حقيقتون نٿا ڄاڻو ۽ دشمنن جي ٻڌايل تاريخ تي يقين رکي چڪا آھيو ۽ پنھنجي سورمن کي راڪشسن ۽ ظالم راڪشسن جن توھان جي وڏن کي قتل ڪيو ۽ توھان کي غلام بڻايو تن کي وري نجات ڏياريندڙ سمجھي انهن جي پرستش ڪري رھيا آھيو، توھان ذھني غلام بڻجي چڪا آھيو، ظالمن توھان جي سوچڻ جي شڪتي ختم ڪري ڇڏي آھي، ھاڻ توھان جا ذھن سوچڻ کان محروم ٿي چڪا آھن، توھان کي سوچڻ جي آزادي ناھي، بس جيڪي دشمن جا ذھن سوچين ٿا اھا سوچ توھان جي ذھنن ۾ وڌي وڃي ٿي، ان ڪري اڄ توھان کي ٻڌايان ٿي ته اصل ۾ ڪھاڻي ڇا آھي؟ راوڻ ۽ ھولڪا ساڙڻ کان اڳ توھان اھو سوچيو ته توھان ڪنھن کي ساڙي رھيا آھيو؟ سچ کي ساڙي نٿو سگھجي، ھزارين سالن کان دشمن لاڳيتو راوڻ ۽ مون يعني ھولڪا کي ساڙي رھيا آھن پر اسان اڄ به زندهه آھيون، ڇاڪاڻ ته اسان سچ آھيون. اچو ته سچ توھان کي ٻڌايان ته اصل ۾ انھي پويان ڪھڙي ڪھاڻي آھي! منھنجي ڪھاڻي ماڻھن کان لڪائي وئي ته ھن رات مون سان ڇا ٿيو ھو ۽ مان ڪيئن سڙي ھئس. منھنجو گھر لکنئو جي ويجھو ھردوئي ضلعي ۾ ھو، منھنجا ٻه ڀائر راجا ھرڻاڪشپ ۽ راجا ھرڻاڪش ھئا، منھنجي ڀاءُ ھرڻاڪشپ آرين جي قبضي ۾ ٿيل سڄي ڀوميءَ کي آرين کان کٽي ورتي ھئي. ھتان کان آرين اسان سان دشمنيءَ ۾ چالون هلڻ شروع ڪيون. منھنجي ڀاءُ ھرڻاڪشپ کي وشنو نالي آريي راجا دوکي سان ماري ڇڏيو ھو، تنھن ڪري منھنجي ننڍي ڀاءُ ھرڻاڪش پنھنجي ڀاءُ جي قاتل وشنوءَ جي پوڄا تي پابندي وجهي ڇڏي ھئي پر  ھرڻاڪش جي پٽ پھلاج کي وشنو نارد نالي آريي کان جاسوسي ڪري ان کي ورغلائي پنھنجي جھانسي ۾ آڻي ڇڏيو ھو، تنھن ڪري گھر ۾ ڪروڌ ۽ اشانتي اچي وئي ھئي، پھلاج غدار نڪتو ۽ آرين سان ملي ويو، آرين جي نشي آور صحبت ۾ رھي پھلاج مڪمل آواره بڻجي چڪو هو، پھلاج کي سڌارڻ جون سڀئي ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون هيون، راجا ھن کي گھر کان نيڪالي ڏئي ڇڏي ھئي، ھاڻ پھلاج آرين جي آواره منڊلي سان گڏ رھڻ لڳو هو، پھرين نمبر جو شرابي ۽ آواره بڻجي ويو هو پر منھنجي دل ۾ اڃا به پنھنجي ڀاٽيجي پھلاج لاءِ جگھه ھئي، مون پھلاج کي سمجھائڻ جون ھزارين ڪوششون ڪيون پر ھو سمجھي نه سگھيو، آئون اڪثر راجا کان لڪي پھلاج کي ماني کارائڻ لاءِ ويندي ھئس، ڦڳڻ مهيني جي پونم جي رات ھئي منھنجو وواهه ٿي چڪو ھو، ڦڳڻ پورنيمان جي ڏينھن جو منھنجي بارات اچڻ واري ھئي. مون سوچيو ته آخري دفعو پھلاج سان ملي وٺان، ڇاڪاڻ ته اڳئين ڏينهن مان پنھنجن ساھرن جي گھر وڃڻ واري ھئس.(جاري)

دولت راءِ دراوڙ/ڳوٺ ڀيل نگر، اسلام ڪوٽ

سنڌ ۾ پ پ مخالف پارٽيون ۽ انهن جون سرگرميون!

عوامي سطح تي سياسي سرگرميون کي ڏيکارڻ ڪنهن به پارٽي جي مضبوط ۽ مقابلي لاءِ تيار هجڻ ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي جو پيغام هوندو آهي، ڏٺو وڃي ته جيترو پ پ سياسي سرگرمين ڏيکارڻ لاءِ خاص ڪري سنڌ ۾ نمبر ون هجي ٿي ٻي ڪا پارٽي اهڙي طرح سياسي ميدان سجائي سرگرميون ڏيکارڻ ۽ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر هجن ٿيون. سنڌ ۾ پ پ کي اقتدار کان بيدخل ڪرڻ جو خواهشمند پارٽيون پنهنجي چونڊ حڪمت عملي ۽ سياسي سرگرمين کان وڌيڪ سڄو ڌيان ۽ اميدون هن وقت ان سان سلهاڙي رکيون ويٺيون آهن، جي احتساب جو عمل زور سان هليو ته انهن لاءِ سٺو ثابت ٿيندو ۽ اهن چونڊن ۾ پ پ اميدوارن کي ڪرپٽ قرار ڏينديون ۽ مخالفت ڪنديون تنهن سبب انهن جا سٺا ڏينهن اچي سگهن ٿا. مسلم ليگ (ن) جي سنڌ ۾ سياسي دلچسپي آهي ته اها هڪ ٻه سيٽن جي حد تائين ته جيئن قومي سطح تي هر صوبي ۾ نمائندگي ڏيکاري سگهي. (ن) ليگ جو ته سنڌ ۾ جنرل سيڪريٽري تائين ناهي. مسلم ليگ (ف) اڪيلي ۽ جي ڊي اي ۾ شامل شخصيتون ملي به ڪي اهڙيون سياسي سرگرميون عوامي سطح تي نٿيون ڪري ڏيکارن جنهن سان اهي ثابت ڪن ته اهي پ پ جو مقابلو ڪرڻ چاهن ٿيون. سياسي طور تي پ پ مخالف پارٽين کي سنڌ ۾ نه ڪي سرگرميون آهن نه تنظيمي طور تي ڪو اسٽرڪچر انهن وٽ موجود آهي ته اهي چونڊن واري سياست ۾ ڪامياب ٿي سگهن. عام چونڊن ۾ پ پ  مخالف الائنس اليڪشن واري موسم ۾ بڻيا. وڏا جلسا ٿيا پر پنهنجي ڪارڪردگي ۽ پوليٽيڪل مئنيجمنٽ نه هجڻ سبب ختم ٿيا. 2018 ۾ اليڪشن بعد پي ٽي آءِ جي صورت ۾ سنڌ ۾ مضبوط اپوزيشن آئي پر (ن) ليگ سميت پ پ مخالف پارٽين جون سرگرميون پنهنجي حلقي جي ماڻهن سان رابطا نه هجڻ برابر هيون. جن مسئلن تي پ پ مخالف محاذ اٿارجي ها ان تي جي ڊي اي، (ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ گهڻو وقت خاموش رهيون. عملن سنڌ ۾ پ پ مخالف پارٽين جي سڄي مهم پريس ڪانفرنس جي حد تائين رهي. ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ تبديلي خواهشمند پارٽين جو ڪردار صرف چونڊن حد تائين ڏيڻ محدود رهجي وڃي پر ان باوجود به چونڊن ۾ گهڻن هنڌن تي پنهنجا اميدوار ٻيهاري پ پ جو مقابلو ڪنديون رهنديون آهن.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل