سوال/سروي … اغوا وارداتن ۾ سردار ملوث آهن، انهن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي: عوام

0
179
اغوا وارداتن ۾ سردار ملوث آهن، انهن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي: عوام

 دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ساگر ڪمار آزاد ٿي ويو، نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته اغوا ۾ هڪ سردار ملوث آهي: ڇا سردارن خلاف ڪارروائي ٿيندي؟ ٻيا مغوي ڪيئن آزاد ٿيندا؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته گهرو وزير کي سردار جو نالو کڻڻ گهرجي، سمورن سردارن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي، مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي، اغوا ۾ سردار ئي ملوث آهن، سردارن جي آشيرواد سان ڌاڙيل هلن ٿا ۽ پوليس به انهن جي ساٿاري آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي موهن لال لکيو ته سردار پارٽين جا اثاثا آهن انهن ۾ هٿ وجهڻ سان سياسي پارٽيون ٻِرن مان ٻاهر نڪري اينديون، نام نهاد سردارن کي ختم ڪرڻ لاءِ حارث نواز هڪ سردار کي وائکو ڪري عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ اڳڀرو ٿيئي ٿو ته اسين آجيان ڪريون ٿا. علي حسن ٽالپر لکيو ته سنڌ ۾ سردار ۽ وڏيرا سڀ سياست جو حصو آهن ۽ پ پ ۾ هوندا آهن انهن کي ڪجهه نه ٿيندو سرداري ۽ وڏيرا شاهي نظام کي ختم ڪيو وڃي، حاڪم لکيو ته جنهن جي لٺ انهن جي مينهن، مختيار مولائي لکيو ته سردار سنڌو سئون ملوث آهن ضلعي جي ڏوھن ۾ ڪچي کان وڌيڪ ڌاڙيل ڪلچر پڪي جي سردار وڏيرا آهن، گدا حسين لکيو ته ڪڏهن به ڪنهن سردار خلاف ڪارروائي نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته پوليس ساڳئي سردار ميرن پيرن جي رکيل آهي اها ڪيئن ڪارروائي ڪندي اهڙا بيان اڳ به آيا آهن پر عمل ناهي ٿيو صورتحال ساڳئي آهي، نماڻو نوناري لکيو ته سردار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي امن ٿي ويندو، نديم نياز ميمڻ لکيو ته سنڌ ڌرتي جا امن پسند ديوان ڀائي ساگر ڪمار آزاد ڪيو ويو آهي ڇا سنڌ رڳو ڌاڙيلن ۽ ڪرپٽ سردارن جي حوالي ڪيو ويو آهي…؟ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي کان گهڻي ڪمزور آهي رڳو سنڌ جي عوام کي اغوا ڪري يرغمال بڻائي رکيو ويو آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته جڏھن عملدار سردارن جي چوڻ تي مقرر ٿيندا ته پوءِ عملدار ڪهڙو سردارن خلاف ڪم ڪندا، اشفاق چانڊيو لکيو ته پوليس سردارن آڏو بيوث بڻيل آهي، بابر رستماڻي لکيو ته ڌاڙيل صرف ريل جا مال گاڏا آهن اصل انجڻ سردار آهي جيستائين ھنن سردارن کي پيرن کي گرفتار نه ڪندا تستائين ھي اغوا انڊسٽري بند ڪانه ٿيندي، اياز کهاوڙ لکيو ته ڪڏھن به ڪنهن سردار خلاف ڪاروائي ڪونه ٿيندي ڇا ڪاڻ پوليس ساڳي سردارن ميرن پيرن جي رکريل آهي پو ڪئين ھُو چاهيندي ته اسان هنن خلاف ڪاروائي ڪيون. اهڙا بيان اڳ به جام ٿيا جيڪي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايا ويا

هاڻَ به ساڳي صورتحال ٿيندي، قادر بخش زئور لکيو ته جيستائين سردار ۽ انتظاميا راضي نه ٿيندا تيستائين مغوي بازياب نه ٿي سگھندا، مظفر شبير بوزدار لکيو ته مشڪل آهي سردار خلاف ڪارروائي ڪندا ته پوليس آفيسر بک مرندا ڇو جو سياسي اڳواڻ سردارن جي ڏڌ تي اليڪشن کٽندا آهن حڪمران ڪڏهن به نه چاهيندا ته هي ڪم ٿئي، ممتاز علي عارباڻي لکيو ته ساگر ڪمار اغوا توڙي بازيابي معاملو سنڌين جي ڪيل جدوجھد سا به اھڙي جدوجھد جيڪا منظم ۽ جدت واري طريقي جي جدوجھد آھي جنھن سبب انتظاميه توڙي طاقتور سردار نه صرف پريشان ٿيا آھن پر گڏوگڏ تمام گھڻو بيڪ ٿيا آھن، ۽ سڌو سنئون وائکا به اھو سمورو سوشل ميڊيا جو ڪمال آھي ھاڻي ڪاروائي گورنمينٽ ڪري ٿي يا نه اھو ھڪ الڳ معامرو آھي ھا البته گورنمينٽ ڪاروائي نه ڪري وڌيڪ بدنام ضرور ٿي ويندي ۽ ھلندڙ فوجي آپريشن تي پڻ آڱريون کڄنديون، باقي جنھن حد تائين باقي مغوين جي آزادي جو سوال آھي ته ھو ٿي ويندا .. پر اسان سنڌين جو وڏيرن جو ۽ گورنمينٽ جو گڏيل امتحان معصوم پريا ڪماري جي بازيابي آھي ڏسون ته اسين گورنمينٽ توڙي وڏيرا ان نياڻي جي آزادي ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيون ٿا ..مدهوش مير لکيو ته مغوی آزاد پئسن سان ٿيندا، ھي سڄو ڊرامو تيار ٿيل ھوندو آھي، پوليس، سردارن ، ڌاڙيل بس ڏور ڇڪبي سڀ گڏ ٿيندا. نقاش پيرزادو لکيو ته پوليس تي زور رکو سردار به گوڏا کوڙيندا تي ڌاڙيل به، مراد علي لکيو ته ڏوهي وارداتن ۾ گهڻي کان گهڻا سردار ملوث آهن ۽ انهن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ٿئي تنھڪري ڏوهه وڌن ٿا ۽ انهيَ سردار خلاف به ڪا ڪارائي ڪونه ٿيندي، جاويد احمد لاشاري لکيو ته مڃون ٿا نگران گهرو وزير جو بيان گهڻي ڀاڱي سٺو آهي، مگر ان تي عمل ڪرائڻ انتهائي ڏکيو آهي ۽ ها جيڪڏهن اغوا وارداتن ۾ سردار ملوث هجڻ جي پڪ اٿن تنهن جي باوجود سنڌ جي ٻين اغوا ٿيل مغوين ۾ ڪهڙا سردار ملوث آهن انهن کي وائکو ڪري مغوي آزاد ڇو نٿا ڪرائن… ؟

اهو وڏو هڪ سوال آهي جنهن جو جواب نگران گهرو وزير کي ڏيڻ گهرجي..ايم حسن کوسو لکيو ته نگران گھرو وزير جيڪو بيان ڏنو ان بيان ۾ دم آھي ڇو ته ھي ڳالھه ڪنھن کان لڪل ناھي ته اغوا انڊسٽري سنڌ جا سردار بڻيل آھن اگر سردارن کي ڏنڊو ڏنو ويو ته مغوين جي ته بازياب ٿيڻ ڪو مسئلو ناھي پر سنڌ جي رستن تي اگر ڪا شئي پيل ھوندي ته اھا به ڪير نه کڻندو، ڇو ته ڪچي ۾ جيڪي ڌاڙيل سڏائين ٿا اھي ڪجھه به ناھي اصل مسئلو پڪي جي ڌاڙيلن جو آھي ته ڌاڙيل ٺاھيندڙ ڪير آھن ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪري مالڪي ڪندڙ ڪير آھن اھو ڪنھن کان لڪل ناھي اسان جڏھن پنھنجي ڳوٺ جي وڏيري کي ووٽ ڏيئي اقتدار تائين پھچائي پوءِ اھي ئي ڳوٺ جا وڏيرا ۽ سردار حڪومتي مشنيري جو حصو ٿي طاقتور بڻجي ويندا آھن ۽ سڀ پاور کين ھٿن ۾ اچي ويندا آھن سنڌ جو ڪھڙو به کاتو ڏسو سڀ جا سڀ وڏيرن سردارن وٽ استعمال ۾ اچي ويندا آھن اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي پوءِ پاور استعمال ڪندا آھن سنڌ پوليس جون بدليون ۽ مقرريون به اقتداري وڏيرن ۽ سردار جي ھٿ ۾ ھونديون آھن ان ڪري ڪچي ۾ جڏھن اغوا انڊسٽري وڌي وئي روز اغوا ڦرون ڌاڙا لڳي رھيا ھئا ڪچي جا ڌاڙيل روز پوليس ۽ عام ماڻھن کي وڊيو وائرل ڪري سرعام ڌمڪيون ڏيئي للڪاري رھيا ھئا ته انھن خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿي؟  اصل سبب ھو اقتداري وڏيرا ۽ سردار کيس رڪاوٽ ھوندا، حارث نواز جيڪو بيان ڏنو سردار ملوث آھي ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي ڇو ته ھنن کي خبر آھي سردارن وڏيرا ئي ته ذميوار آھن اصل ۾ ھي مجبور ڇو ٿيا ھنن کي عوام جي شعور ۽ سجاڳي مجبور ڪيو ھنن سوچيو جي وڌيڪ ڪجھه نٿا ڪيون ته دنيا ۾ خوار ٿينداسين ھاڻ به لڳي نٿو ته ھي سردارن ۽ وڏيرن کي ڪجھه ڪندا ڇو ته ھو اليڪشني اتحادي پاور وارا ماڻھو کپن ٿا، اگر سردارن ۽ وڏيرن کي ھٿ نه وڌا ويا ته ھي آپريشن فارملٽي ھوندو ڪچو وري مشھور ٿيندو اگر سردارن وڏيرن پڪي جي ماڻھن کي ھٿ وڌا ويا ته پوءِ مغوي سڀ جا سڀ باياب ٿيندا وري ڪو اغوا نه ٿيندو ڪجھه امن ٿي سگھي ٿو ۽ مڪمل رونقون بحال ٿي وينديون، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته سردارن خلاف ڪير ڪو به ايڪشن نٿو کڻي انهي جي ڪري اهي اغوا ۽ قتل ٿين ٿا، جي گهرو وزير کي ايترو به علم آھي ته هِڪ سردار ملوث آھي ته پوءِ ان جي خلاف ايڪشن ڇو نٿو کڻي، آخر پوليس ۽ رينجرز اهلڪار ڇا جي لاءِ مقرر ٿيل آھن ضلعي اندر؟ ڪاشف علي لکيو ته جيڪڏهن نگران حڪومت هڪ سال تائين هلي ته جيڪي به بدمعاش سردار آهن اهي سڀ جيل۾ هوندا ۽ ڌاڙيل هڪ ئي نه بچندو، ڄام فقير رند لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو

ممتاز علي سميجو لکيو ته سنڌ جا سردار مير پير وڏيرا ڀوتار سڀئي پارٽين جا اثاثا ڪاري اڇي جا مالڪ آهن امن امان بحال ڪرائڻ ۽ ڌاڙيل ڪلچر کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سردارن کي نڪ ۾ نوڙي وڌي وڃي جيڪي اصل قبائلي تڪرارن ۽ خون ريزي جو ڪارڻ آهن بقايا مغوي به آزاد ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز بنا فرق آپريشن تيز ڪري سردارن کان سهولتڪارن تائين ڪنهن کي معاف نه ڪيو وڃي ڌاڙيل ڪلچر ۽ امن امان جي خراب صورتحال جا اصل ذميوار سياسي نمائيندا سردار ۽ پوليس جي خراب ڪاڪردگي آهي گهرو وزيرحارث نواز به ملوث سردار کي وائکو ڪري کيس گرفتاري جو حُڪم ڏئي . عبدالواحد سوڍو به ردعمل ڏنو، منصور علي لکيو ته اگر پوليس سچي ٿئي ته سڀ اغوا ٿيل بازياب ٿي ويندا، ليلا رام لکيو ته جيڪي به اغوا ڪاري ۾ ملوث سردار آھن، تنهن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.امير علي لکيو ته هتي انصاف نه ملندو، عابد جمالي لکيو ته سردار جو گرفتار ٿين ته اسنڌ ۾ امن ٿي ويندو ڌاڙيل ڪلچر ھلي ئي انهن جي آشيرواد سان ٿو ۽ انهن سردارن تي ھٿ چونڊيل نمائيندن جو آهي،ڄام محمد بلوچ به ردعمل ڏنو، سيف الله پنهور لکيو ته حارث نواز کي گهرجي ته انهن سردارن ۾ هٿ وجهي سمورا مغوي بازياب ڪرائي، ديشي عابد حسين ابڙو لکيو ته ساگر ڪمار ته وڏيرن جي بنگلي تي قيدي هيو هي سڄو هٿ جو ڊرامو آهي پوليس وڏيرا سردار هڪ آهن مشڪل لڳي ٿو ڇوته ڌاڙيل سردار ۽ پوليس ھڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آھن ھنن جو روزگار ۽ وڏيرن ووٽ ھن نظام ۾ رکيل آهي..جاويد جان ڪيريو لکيو ته سردار ته ڇا مونکي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن به ڪرڻ مشڪل لڳي ٿو ڇوته ڌاڙيل سردار ۽ پوليس ھڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آھن ھنن جو روزگار ۽ وڏيرن ووٽ ھن نظام ۾ رکيل آهي ؟؟؟؟ اڪبر علي لکيو ته ملوث سردارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي راءِ ڪھڙي ٿي سگھي ٿي، احسان علي چانڊيو لکيو ته ڪڏھن به ڪنھن سردار خلاف ڪاروائي نه ٿيندي ڇو جو ھو پوليس جا پنھنجا ماڻھو آھن، وحيد مستوئي لکيو ته انھي عمل ۾ سردار ملوث آھن جن جو گھيرو تنگ ڪيو وڃي. محمد ابراهيم لکيو ته سردار ته ڇا مونکي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن به ڪرڻ مشڪل لڳي ٿو ڇوته ڌاڙيل سردار ۽ پوليس ھڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آھن ھنن جو روزگار ۽ وڏيرن ووٽ ھن نظام ۾ رکيل آهي ؟؟؟؟ممتاز علي مهر لکيو ته جيڪڏھن نگران سرڪار ھڪ سال تائين رھي ته ڪافي بھتري اچي سگھي ٿي اغوا ڪاري سميت مختلف ڏوھ ڪرائيندڙ سردار به قانون جي پڪڙ ۾ اچي سگھن ٿا.