جيڏا اُٺ اوڏا لوڏا!

جيئن ئي ھن اسيمبليءَ جو مدو پورو ٿيڻ پيو وڃي ته حڪومت ۾ ويٺل اتحادي حڪومت جا ميمبر اڳواڻن جا لڪل اختلاف حقيقي توڻي نقلي اختلافي مامرا سوشل ميڊيا تي ظاھر ڪيا پيا وڃن ته جيئن جڏھن اليڪشن جو ميدان سجي ته ڏي سوال وٺ جواب وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏجي، ڀليل ۽ ويساهه وسوڙيل خلق کي وري نوان سُرُ تال ٻڌائي سندن دماغ وائڙو ڪري ووٽ وٺي جاوا ڪجن ۽ خلق جيڪا ھاڻي اقتصادي طور ڏئي وٺي بيٺي آھي، جنهن وٽ شايد ڦاٽل ڪپڙو به شل تَن تي نه بچيو ھجي، ھاڻي ته ھُن وٽ تيل، گئس، پاڻي به ناھي، جي آھي به ته ايترو مھانگو جو ھو چنگچيءَ جو 20 کان 30 رپيا ڪرايو ڀرڻ کان به لاچار آھي. اھو جنهن جي ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو ھڻي طاقتور ڌرين بوٽن ۾ اُڇلي يا بيمانو ڪري اقتدار جا مزا به وٺن ٿا ۽ دنيا جھان کان ورتل قرضن مان عياشيون به ڪن ٿا ۽ اُھا خلق پوءِ وري ايتري مھانگائيءَ سان منهن ڏئي پئي ۽ پنهنجي بيوسيءَ ۽ پنهنجن چونڊيل نمائندن جي بيحسي ڏسي آپگھات پڻ ڪري رهي آهي پر ڪنهن به حاڪم جي ڪن تي جونئن به نٿي سُري. ھاڻي جڏھن اليڪشن ويجھي پئي اچي ته اختلافن جو ڊرامون رچائي پنهنجن خاص نمائندن ۽ واٺن واتان پروپئگنڊا ڪرائيندا ته ابا ڏٺَو پاڻ اوھان سالن کان دربدر ماڻھن لاءِ ڪيئن وفاق جھيڙو ڪيو. توھان کان وات جي کسيل گرَھ جو ذميوار اسان نه پر مٿي ويٺل آھن، ان ڪري بابا پاڻ جدوجھد ۾ لڳا پيا آھيون ته ھيل ووٽ ڏيو ته جيئن ان جدوجھد کي مسلسل جاري رکئون ڇو جو توھان کي خبر ھجي ته جيڏا وڏا اُٺ ھوندا آھن لوڏا به اوڏا وڏا ھوندا آھن.

سريش ھوتچنداڻي/ لاڙڪاڻو

اليڪشن ٿيندي به يا نه !

ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ٻڌائي ٿي ته حڪومتي مدو 12 آگسٽ 2023ع تي پورو ٿي رهيو آھي، ان سلسلي ۾ سوال اهو ٿو پيو سامهون اچي ته اليڪشن به ٿيندي يا نه؟ جي ٿيندي ته پنهنجي وقت تي ٿيندي يا دير سان ٿيندي؟ انهن سوالن ملڪ جي سياسي ماحول کي ٻڏتر واري صورت ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو آھي. ان سوال ته عام اليڪشن وقت تي ٿيندي يا نه ٿيندي اهو دير سان ٿئي يا وقت تي ٿئي پر سوال ان نوعيت جو آھي ته موجوده اقتدار ڪهڙي پارٽي حاصل ڪندي يا حاصل ڪري سگهڻ جي سگھ رکي ٿي؟ ان صورتحال ۽ سمورن سوالن کي سامهون رکندي هڪ ڳالھ چئي سگهجي ٿي ته هاڻي ملڪ گير مقابلو مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامنٽيرين وچ ۾ ٿيندي نظر اچي رهيو آھي. اسان جي ملڪ ۽ سياسي ماحول ۾ اقتدار ۾ اچڻ جون دعوائون ته هر هڪ سياسي پارٽي پنهنجي سياسي سگھ، سياسي ڏاهپ يا سياسي اڳڪٿي تي ڪندي رهندي آھي پر ڪجھ سياسي حلقا وقت کان اڳ پنهنجي وزيراعظم کي ڊڪليئر ڪندي دير ڪو نه ٿا ڪن، ان لاءِ 2 وڏا مثال سامهون آڻي سگهجن ٿا. مثال طور 2018ع واري عام اليڪشن کان اڳ عمران خان جون تقريرون ۽ سندس قوم کي خطاب ٻڌائين پيا ته خان صاحب ڄڻ ته وزيراعظم شپ حاصل ڪري ورتي آھي، هاڻي وقت جو انتظار آھي ۽ هو ان جي ريهرسل پيو ڪري.

رحمت اللھ ٻرڙو/ڪراچي

گاج ڊيم تي هلندڙ ڪم ۾

ناقص مٽيريل جو استعمال!

گاج ڊيم تي هلندڙ ڪم ۾ سيمنٽ، لوھ، ريتي ۽ بجري کان ويندي بند جي ڪم ۾ پٿر ۽ لوهي ڄاري تائين  غير معياري مواد استعمال ڪري ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا پي وڃن، ناقص مٽيريل سان ٺهندڙ ڊيم ۽ گاج بند علائقي واسين جي لاءِ وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو، لاڳاپيل ادارن ۽ چونڊيل نمائندن کي ميڊيا جي معرفت آگاھ ڪيو ويو آهي پر ڊيم تي ڪم بابت عوامي شڪايتن جو اڃا تائين ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي، جيڪا نهايت افسوس ۽ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالھ آهي، هي هڪ وڏو منصوبو آهي جنهن کي ٺيڪيدارن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ عوام ان باجنسي دشمنيءَ جي برابر هوندي، علائقي جي ساڃاھ وندن کي هن منصوبي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ غيرمعياري ڪم بابت پنهنجو ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي ته جيئن علائقي واسي مستقل ۾ ڪنهن نقصان کان بچي سگهن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

سيڪريٽري تعليم نوٽيس وٺو!

ظاھري طور تي موجوده دور ۾ ھر اداري ۾ ڪرپشن عروج تي پھتل آھي پر افسوس ته سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن جي روشن مستقبل لاءِ قائم ٿيل ادارن ۾ به ڪرپشن ڪرڻ، گھوٻيون هڻڻ يا وري پنهنجا نوازي ڪرڻ وارو ڪاروبار عروج تي پھتل آھن، اسان جي ضلعي مٽياري جي تعلقي سعيدآباد ۾ اسان جي اسڪولن لاءِ آيل فرينچر سميت اسڪول جي عمارتن جي ايس ايم سيز فنڊز ۾ راتاها ھنيا پيا وڃن پر تعليم کاتو گھري ننڍ ۾ ستل آھي يا ته سڀ ڪجھ خبر ھجڻ باوجود به هو چپ جو روزو رکيو ويٺا آھن. اسان جي علائقي جا ڪيترائي اسڪول، عمارتون، ايس ايم سيز فنڊز ۽ فرنيچر جھڙي سھولتن کان سالن کان محروم آھن پر انهن شين جو ڪير به نوٽيس وٺڻ جي لاءِ تيار ئي ناھي، چيڪ اينڊ بينلس وارا ادارا به لاڳيتو خاموش تماشائي بڻيل آھن، اسان جي ڳوٺ جو گورنمنٽ پرائمري اسڪول علي شير خاصخيلي 1965ع کان منظور ٿيل اسڪول آھي پر اڄ تائين اسان جي ھن اسڪول کي ڪا سرڪاري عمارت به نه ملي سگھي آهي نه ئي ڪڏھن فرنيچر ملي سگھيو آهي، لڳ ڀڳ 80 کان 90 ٻارڙن جي حاضري واري ھن اسڪول ۾ 2 استاد حاضر ڊيوٽي آھن پوءِ به کين نظرانداز ڪيو پيو وڃي. بيٽ بکر جمالي جي انڊر ۾ ايندڙ ھن اسڪول کي پنهنجا نوازيءَ جي تحت ھٿ سان پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. تعلقي سعيدآباد ۾ ڪيترائي ڀيرا فرنيچر آيو آهي، الماريون آيون، سولر سسٽم آيا پر اسان جي اسڪول کي ڪجھ نه ملي سگھيو. اسان تعيلم کاتي جي وزير سميت سيڪريٽري تعليم کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي اسڪول کي فرنيچر سميت سرڪاري سھولتن سان نوازيو وڃي ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل روشن مستقبل جو مالڪ بڻجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگھي.

گل حسن خاصخيلي/ بکر جمالي موري

اڪئايرڊ اميون ڊيفيشنسي سنڊروم، ايڊز!

مدافعتي سگهه جي کوٽ وارو مرض، طبي سائنس 1981ع ۾ هن بيماريءَ جي پهريون ڀيرو سڃاڻپ آمريڪي هم جنس پرست مردن ۾ ڪئي، ان کان پوءِ ٻن سالن جي عرصي ۾ آمريڪا ۽ فرانس ايڊز جي جيوڙي HIV Human Immunodeficiency Virus کي ڳولي لڌو. عام طور تي دُنيا ۾ هي مرض يا جيوڙو HIV-I ۽ اولهه آفريقا ۾ اهو HIV-2 طور سڃاتو وڃي ٿو. هن بيماريءَ جي لڳڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. مثال طور: “ايڊز” جا جيوڙا کڻي هلندڙ مرد يا عورت سان جنسي تعلق پيدا ڪرڻ يا منجهائن ڪنهن هڪ جو رت استعمال ڪرڻ، مريض جون واپرايل سرنجون، ڏاڙهي لاهڻ جي بليڊن سميت ٻين جي استعمال ۾ آيل شيون ڪتب آڻڻ وغيرهه. ايڊز جي جيوڙن کان متاثر ٿيل عورت جو ٻار به هن بيماريءَ کان بچي نٿو سگهي. عالمي صحت جي اداري WHO موجب هن وقت دنيا ۾ 2 ڪروڙن کان به وڌيڪ ماڻهو ايڊز جي بيماريءَ ۾ ورتل آهن. هن تقريبن لاعلاج مرض کي روڪڻ لاءِ بين الاقوامي سطح تي ڪافي ڪوششون ويون آهن. 1986ع ۾ عالمي صحت جي اداري Global Program on AIDS شروع ڪيو، جنهن جا 3 خاص مقصد هئا: هڪ: HIV کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ، ٻيون: مريض کي محفوظ ماحول ڏيڻ ۽ معاشري جي طرفان ناڪاري روين کان مريض کي بچائڻ ۽ ٽيون: بيماريءَ جي علاج ۽ احتياط لاءِ تحقيق ڪرڻ. اڄوڪي دور ۾ بين الاقوامي تعلقات جي مدد سان هن بيماريءَ کي روڪڻ جون وڌ کان وڌ ڪوششون ٿي رهيون آهن.

اويس سونو خان راڄپر/ نوشهروفيروز

سنڌ سرڪار ۽ آءِ بي اي سکر جي انتظاميه جي نانءُ!

سنڌ سرڪار جو آءِ بي اي سکر سان تعليم جي بهتري لاءِ ٿيل معاھدو ساراھ جوڳو قدم آھي، ان سان تعليم ۾ اڃا به بهتري ايندي. ھن معاھدي جي جيتري به تعريف ڪجي اھا گھٽ ٿيندي، معاھدو ڪجھ ھن ريت آھي ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي سنڌ حڪومت صوبي جي پبلڪ سيڪٽر يعني گورنمينٽ جي ماتحت ھلندڙ تعليمي ادارن ۽ سيف (سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن) جيڪي پڻ سنڌ سرڪار جي مالي امداد تحت ھلي رھيا آھن. انهن ٻنهي تعليمي ادارن مان پنجون درجو پاس ڪندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين لاءِ اسڪالرشپ جو موقعو فراھم ڪري ٿي. ان اسڪالرشپ جي تحت جيڪي به ميرٽ جي بنياد تي ٻار چونڊيا ويندا آھن اھي ٻار ٻارھين درجي تائين پنهنجي ضلعي، ڊويزن جي حد جي آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليجز ۾ تعليم پرائيندا ۽ سندن سمورو خرچ سنڌ سرڪار ڀريندي. ھاڻي آئون پنهنجي اخبار جي ذريعي سنڌ سرڪار ۽ آءِ بي اي سکر جي انتظاميه جو ڌيان جنهن مسئلي طرف ڇڪرائي رھيو آھيان اھو تمام اھم ۽ سنجيدہ مسئلو آھي جيڪو ڪجھ ھن ريت آھي ۽ اوھين سڀئي ان مسئلي کان چڱي ريت واقف به آھيو ته سرڪاري تعليمي ادارن ۾ توڙي اڪثر سيف جي ادارن ۾ ڪورس سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙھايو وڃي ٿو پر وري جڏھن ٻارڙن کان ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي اھا انگريزي ميڊيم ۾ جنهن سبب مستقبل جا معمار ۽ سندن والدين پڻ ٻڏتڙ جو شڪار ٿيو وڃن ته سندن ٻار پڙھي سنڌي ميڊيم ۾ ٿو ۽ وري ٽيسٽ انگريزي ميڊيم ۾ ڏئي ٿو، جنهن سبب انهن جو نتيجو مطمئن ڪندڙ گھٽ ھوندو آھي ۽ اڪثر اھل شاگرد توڙي شاگردياڻيون ان سبب سليڪٽ ٿيڻ کان رھيو وڃن. ان کان سواءِ ڪافي اھڙا به شاگرد توڙي شاگردياڻيون آھن جيڪي ٽيسٽ ۾ ويھن ٿيون جن جي صرف سرڪاري يا سيف جي ادارن ۾ داخلائون آھن باقي اھي پڙھن خانگي ادارن ۾ ٿا تنهن ڪري اھڙن ٻارڙن جي ڇنڊ ڇاڻ به صاف شفاف طريقي سان ڪئي وڃي جيئن حقدارن کي پنهنجو حق ملي سگھي. اميد ٿي ڪجي ته آئون مٿي جيڪي به مسئلا بيان ڪري آيو آھيان انهن طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏنو ويندو.

ستار سنڌي/ ڪنب

منشيات جو ڪڌو ڪاروبار ڪڏهن بند ٿيندو؟!

منشيات جي خاتمي لاءِ هر علائقي جي پوليس جو ڪرادر اهم هجڻ لازمي آهي پر هن وقت جي پوليس منشيات فروشن سان ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي جنهن سبب پوري سنڌ هن وقت منشيات جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي، اهڙي طرح ئي ضعلو ٽنڊو الهيار پڻ منشيات جي لسٽ تي موجود آهي، ضعلي ٽنڊوالهيار جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ هن وقت به منشيات جو سرعام وڪرو جاري آهي، جنهن ۾ مين پڙي، سفينه، گٽڪو، عاداب سميت چرس، آفيم، ڪرسٽل سميت ٻي منشيات عروج تي پهتل آهي. اهڙي طرح ئي بڪيرا شريف ٿاڻي جي حد ۾ مختلف منشيات فروش ڊيلرن جي منشيات سرعام وکر جيان وڪامي رهي آهي پر حد جي پوليس رشوت يا کڻي منٿلي عيوض خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي. بڪيرا شريف ٿاڻي جي حد ڄاموٽ فارم ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ منشيات جو ڊان نسيم خاصخيلي جيڪو علائقي ۾ ڊان 2 جي حيثيت ٿو رکي پاڻ سان گڏ گارڊ کڻي هلندڙ هي منشيات فروش نسيم خاصخيلي منشيات جو وڏو ڊيلر بڻيل آهي، جنهن سبب پورو علائقو منشيات جي موذي مرض ۾ وڪوڙيل آهي. ٻئي پاسي اهو پڻ ڏٺو وڃي ته هڪ طرف ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جي حڪم آهي ته جيڪو ماڻهو منشيات واپرئي ٿو ان کي به سزا جو حقدار آهي پر ان سڄي عمل يا ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جي حڪم کي بڪيرا شريف ٿاڻي جي هڪ اي ايس آءِ هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي ۽ منشيات فروش سان ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي، جنهن سبب علائقي جا نوجوان توڙي اسڪولي ٻارڙا پڻ منشيات جا عادي بڻجي ويا آهن. سڄاڻ ڌرين توڙي علائقي واسين پاران ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو آهي ته منشيات فروش ۽ پوليس جي اي ايس آءِ خلاف سخت ڪارروائي ڪري منشيات فروش گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن علائقو منشيات جھڙي موذي مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي.

ماڻڪ حڪيم جروار/ بڪيرا شريف

سلمان عبداللہ مراد مان ڪراچي جي عوام کي اميدون!

سلمان عبداللہ مراد کي پيپلزپارٽيءَ ڊپٽي ميئرشپ جي سيٽ ڏني آھي جيڪو سندس جو ساراھ جوڳو عمل آھي سنڌ جي دل ۽ روشنين جي شهر ڪراچي لاءِ عبداللہ مراد جي فرزند سلمان عبداللہ مراد کي ھڪ ذميواري ڏني وئي آھي جيڪا قابل تعريف عمل آھي، عبداللہ مراد پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو ھڪ سچو ۽ بهادر ورڪر ھو جنهن کي سچائي جي اھا سزا ڏني وئي جو 6 مارچ 2004ع تي کيس شهيد ڪيو ويو. اسان سمجهون ٿا ته سلمان عبداللہ مراد ۾ ان شهيد والد جو خون آھي جنهن ھميشه مسڪين ۽ غريب، پورھيت ۽ مزدور لاءِ پاڻ پتوڙيو ھو ۽ سلمان عبداللہ مراد به والد جي مشن تي ھلي پورھيتن ۽ مسڪينن جو ڀرجهلو بڻجندو. ڪراچي ۾ پيلپزپارٽيءَ کي سلمان عبداللہ مراد مان ڀرپور فائدو حاصل ٿيندو، سلمان عبداللہ مراد ھڪ نوجوان آھي سندس جي ذھن ۽ سوچ ۾ ڪراچي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آھي ۽ اسان سمجهون ٿا ته سلمان عبداللہ مراد ڪراچي لاءِ چمڪندڙ تارو ثابت ٿيندو سندس وٽ ھڪ پري پلان آھي جيڪو صحت، تعليم ۽ صفائي سٿرائي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙي ڪراچي ۽ ان جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندو رھندو.

مير عرفان علي ڪلمتي/ گڏاپ، ڪراچي

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم

جو خاتمو ڪڏھن ٿيندو؟!‎

ڪو زمانو ھو جڏھن ڪراچيءَ کي روشنين جو شھر ڪوٺيو ويندو ھو پر بدقسمتيءَ سان اھو شھر ڌرتي ڌڻين جي عدم دلچسپي ۽ ڌارين جي لوڌ جن ۾ پٺاڻ، افغاني، بنگالي ۽ برمي جي اچڻ سبب انيڪ وڏن مسئلن جي ور چڙھي ويو آھي، انهن وڏن مسئلن مان شھر ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ ڪرائيم به ھڪ نهايت وڏو ۽ فوري حل طلب مسئلو آھي، ڇو ته شھر جي مالڪي نه ٿيڻ جي ڪري حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قانون تي سختي سان عمل نه ڪرائڻ سبب اسٽريٽ ڪرائيم ڏينهون ڏينهن وڌنڌو پيو وڃي ۽ شھرين جون گاڏيون، موٽر سائيڪل، موبائل ته ٺھيو پر جان به محفوظ ناھي رهي، ڏينهن ڏٺي جو شھر جي روڊ رستن ۽ گھٽين ۾ ڏوهاري پيشا عنصر جيڪي ڪي خاص تربيت يافتا ۽ عادي ڏوهاري به ناھن، 5 ھزار جي موبائل يا 50 ھزار جي موٽر سائيڪل لاءِ مزاحمت ڪندڙ شھرين تي سڌا فائر ڪري کين ابدي ننڊ سمھاري ٿا ڇڏين ۽ ھر روز ڪيترائي شھري نه رڳو پنهنجي ملڪيت پر جان به وڃائي رھيا آھن، ڪيترا نه وحشي نما انسان آھن، اھي جن وٽ انسان جي جان جي قيمت 5 ھزار جي موبائل جي برابر آھي ۽ ان کان وڌيڪ بيحس آھي حڪومت جنهن جي سر تي جون به نٿي سُري جو اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ ڪو جوڳو قدم کڻي، اھڙن وحشي صفت ڏوھي ماڻھن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ڇا ڪراچيءَ جو عوام سدائين انهن اسٽريٽ ڪرمنلز ڏوھارين جي نشاني تي ھوندو؟ ڇا سدائين ڪراچي جو عوام ايئن  لٽجندو رھندو؟ حڪومت سنڌ کان مطالبو آھي ته عوام جي جان ومال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ اھڙن ڪڌن  سرگرمين ۾ ملوٽ پرڏيهين کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ لاءِ مربوط نظام جوڙيو وڃي جيئن ڪراچيءَ مان اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو ٿي سگھي.

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

ڊاڪٽر عافيه

صديقي ڪير آهي؟

(حصو ٻيون ۽ آخري)

هن جو پنهنجو ذاتي فيصلو جنهن ۾ فوج جي مداخلت شامل نه هئي، پنجن سالن تائين ڪنهن کي به خبر نه هئي ته ڊاڪٽر عافيه ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي، جڏهن عافيه جي گرفتاري جي تصديق ٿي ته ڊاڪٽر عافيه جي روپ ۾ پاڪستان هڪ ذهين ۽ هوشيار ذهن وڃايو ويو هو. هڪ لائق عورت کي وڃائڻ سان ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهتو، آمريڪين ڊاڪٽر عافيه کان تحقيقي ڪم حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو دٻاءُ وڌو، جنهن لاءِ ڊاڪٽر عافيه کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويو پر عافيه کي پنهنجي هڪ ٻار جي به نه کولي سگهيا ۽ ڊاڪٽر عافيه تي تشدد ڪيو ويو. سندس تحقيق ۽ فارمولي جي ڪري اڄ به هوءَ زندهه آهي، جيڪو ايترو ته طاقتور آهي جو آمريڪا مجبور آهي ته عافيه صديقي کي ان وقت تائين زندهه رکي، جيستائين ان کان اهو فارمولو حاصل نه ڪيو وڃي، آمريڪا به ڊاڪٽر عافيه جي ڪجهه ساٿين کي بلگرام جيل موڪليو ته جيئن اهي عافيه سان ڳالهائي ۽ ان کان فارمولو وٺي سگهن پر اهي سڀ ناڪام ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر صاف انڪار ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا کي اهو فارمولو مليو ته هو دنيا کي تباهه ڪري ڇڏيندو. مون کي مارڻ کان پوءِ جيڪو مان نٿو چاهيان. ان انڪار کان پوءِ ڊاڪٽر عافيه تي ان حد تائين تشدد ڪيو ويو جو هوءَ ذهني طور مفلوج ٿي وئي پر ڳالهائي نٿي. 2013ع جڏهن آمريڪا عافيه کان مايوس ٿيو ته بارڪ اوباما پاڪستان کي چيو ته هو ڊاڪٽر عافيه جي واپسي لاءِ تيار آهي پر پاڪستاني حڪومت دل نه هاري ۽ هن وقت تائين عافيه صديقي آمريڪا جي جيل ۾ آهي. هڪ اسلامي جماعت ڊاڪٽر عافيه جي آزاديءَ لاءِ پنهنجا وڪيل آمريڪا موڪليا ۽ ساڳئي وقت مارچ جو اعلان ڪندي هنن مطالبو ڪيو ته پاڪستان جي حڪومت آمريڪا سان ڳالهيون ڪري ڊاڪٽر عافيه جي آزاديءَ لاءِ، (ياد رهي ته اها جماعت ان کان اڳ به ڪيترائي مطالبا ڪري حڪومت پاڪستان کي گوڏن ڀر جھڪائڻ تي مجبور ڪري چڪي آهي) پر هن وقت تائين حڪومت ان ڳالهه جو ڪو به جواب نه ڏنو آهي، ڪو به ردعمل نه ڏٺو ويو آهي، سندس ڀيڻ فوزيه جي ملاقات کان پوءِ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو گوڙ ڪيو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته ڊاڪٽر عافيه کي جلد آزاد ڏسي سگهنداسين.

قربان زرداري/سانگھڙ

ڪراچيءَ جو قيدي!

(حصو ڇهون)

ملاقات روم ڏي سڏ ٿيو، جتي پاڻ کان پهريان رشيد کي ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي، هُن جي گرل فرينڊ ۽ ان جي ماءُ کان سواءِ هُن جو سمورو خاندا پهتل هو. هُن جي ماءُ چيو ته تنهنجا پئسا پنهنجي ڀاءُ اسد علي ايزي ڪيا آهن، هُن چيو ته اسد علي پاڻ ٿي آيو پر عمران خان رات گرفتار ٿيو آهي، ان لاءِ هن سوچيو ته متان ملاقات وغيره بند نه هجي، مون کي سڀن سمجھايو ته آئون بُک هڙتال ٽوڙيان پر مون سڀن کي جواب ڏيندي اسد ڏي پيغام موڪليو ته صبح سويل وڪيل سان مون سان اچي ملاقات ڪر ۽ اسان جي به اچي ڪا سار لهو. سامان، پئسا، مافي وغيره رشيد جي بيرڪ ڏي روانا ڪري ڇڏيم، رشيد بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي، اها به خبر پئي، شام جو رشيد جي گرل فرينڊ ۽ ان جي ٻارن جي بار ي۾ سوچيندو ئي رهيس جيڪي ٻار رشيد جي ئي هم عمر محسوس ٿي رهيا هئا، انهن ٻارن جي ماءُ جو چوڻ آهي ته هو رشيد سان گڏ شراب به پيئندي آهي ۽ پنهنجي مڙس کي ڌوڪو به ڏئي رهي آهي. آئون پاڪ ۽ پوٽر شين جي باري ۾ سوچيندو ٿي رهيس، قرآن ڪريم، گيتا، انجيل، ماءُ، ڀيڻ، گُل ٻوٽا، برسات، پکي پکڻ، باغ بهار، مسجد، مندر، گرجا، سنڌوءَ جو پاڻي، مڪليءَ جو ماڳ، ڀائرن جا ڀاڪر، دوستن جا ٽهڪ، والد جون مضبوط ٻانهون، امڙ جي پياري هنج، ڪا ڪنواري مُرڪ، ٻنين جي ساوڪ، ڀٽن تي ببڙهه، مال جو رنڀڻ، چيلن جو مٽرين جو سُر ۽ ڄامشوري جو پلو، چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ڪنهنجي جھوليءَ ۾ سمهڻ ۽ ان کي پنهنجو لباس بڻائي ڇڏڻ، سمونڊ جون ڇوليون، تارن جو ٽمڪڻ، نم جي ڇانوَ، انبن جو ٻُور، تازو ڏڌل کير، ٿر جي واري، مٺيءَ جي ٻولي، لطيف جو رسالو…(11 مئي 2023). ڊاڪٽر بي پي چيڪ ڪرڻ آيو، ڊآڪٽر مُرڪي سپاهيءَ کي چيو ته ڪافي سخت جان قيدي آهي، ٽن ڏينهن جي بک هڙتال کانپوءِ هن جو بي پي مٿي ئي پيو وڃي، ڊاڪٽر بُک هڙتال جو سبب پڇيو جنهن کي مون ڪو به جواب نه ڏنو، منهنجي ذهن ۾ علم دين کوسي جا راتوڪا نعرا اڃان لاٽونءَ جيان ڦري رهيا آهن. ياعلي… حيدر… ياعلي… حيدر! هن مون کي تمام گھڻا آواز ڏنا پر مون کيس ڪو به جوان نه ڏنو، بس منهنجي بدران رحيم خاصخيلي اهو چيو ته ڀائو جي طبيعت ٺيڪ ناهي، هو به توهان کي سلام ڏئي رهيو آهي. جواب ۾ علم دين ٽهڪ (هڪ خوفناڪ ٽهڪ) ڏئي چئي رهيو هو ته چوينس ته نعرا هڻي ياعلي… حيدر.. ياعلي حيدر..(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/ 4B بند وارڊ، سينٽرل جيل ڪراچي