اشو آف دي ڊي … سوشل ميڊيا جي طاقت، هيڪ جا پويان پير: هولي ۽ سنڌ ڪڏهن ڌار نه ٿيندا، هن ڀيري ثقافتي ڏينهن وانگر هولي ملهائبي: عوام

0
257

 يونيورسٽين ۾ هولي ملهائڻ تي هيڪ پاران پابندي واري عمل خلاف سوشل ميڊيا تي ڪالهه ٻئي ڏينهن به ردعمل جاري رهيو، هولي واريون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون ويون، اهو به چيو ويو ته هيڪ پاران پابندي وارو قدم واپس ورتو ويو آهي، ان حوالي سان فقير آزاد سنڌي هولي جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته روڪ جي روڪي سگهين.. هي ڌرتي پيار، محبت، امن، ڀائچاري ۽ رواداري جو ويس اوڍيل ڌرتي آهي، هتي هر انساني خوشي جو تهوار ملهايو ويندو، اسين هولي به ملهائينداسين ۽ عيدُون به ڪنداسين، هي ڌرتي ۽ اُن جا تهوار اسان جا گڏيل اثاثا آهن، اوهان جي جاگير ناهن. خانزادي ڪپري، قاسم سومرو،  عرفان عالماڻي، جوڻيجو رسول بخش، ويرجي ڪولهي، سحر شاهه رضوي، سيف سميجو، سورٺ سنڌو، حيدر جوڻيجو، ڪرن نظاماڻي، شوڪت ميمڻ، هولي واريون تصويرون ڪيون، انعام سيال ۽ روهت ڇاٻڙيا لکيو ته هن دفعي هولي ايئن ملهائجي جيئن ثقافتي ڏينهن ملهائبو آهي، شڪيل ڇڄرو پوسٽ لکيو ته

 دين ڌرم سڀ ڌرتي ڄايا، ڌرتي آھي اُتم…

‏عيد به ساڳي، ھولي به ساڳي،

پاڻ ٻنھي جي ٻولي به ساڳي،

مون وٽ تو لئه مانُ وڏو آ،

مذھب کان انسان وڏو آ.

آءُ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي صوفين واري سنڌ جو حامي آھيان ، جتي ماڻھو پاڻ ۾ امن ، ڀائيچاري، محبت ۽ پيار جا پرچارڪ ٿي رھن… ۽  پنھنجي جيئڻ جو منشور پڻ اھو آ:

عشق، محبت، پيار سلامت…

ھر ڪنھن جو دلدار سلامت…

ساٿ سلامت سنڌ سلامت….

سراج چانڊيو لکيو ته

آ ته رنگن جا ڪي ٻڪ ڀريون

ھولي ھولي ٿئي سارو سنڌو،

خوشين جا ڪي ڍڪ ڀريون.

جيڪڏھن رنگن جو ڪو مذھب آھي ته ان جو نالو سنڌو سڀيتا آھي ۽ اسين سڀ سنڌي ان سڀيتا جا پوئلڳ آھيون. ھن دفعي ھولي ثقافتي ڏڻ وانگر ملھائبي. سردار شاهه لکيو ته هولي مذهبي کان وڌيڪ ثقافتي ڏينهن آهي ۽ رنگن جو ڪو به  مذهب ناهي، برصغير ۾ صدين کان ماڻهو هڪٻئي کي رنگ هڻندا آهن، هيڪ جو فيصلو ثقافتي روح جو قتل آهي، پاڪستان کي مذهبي رواداري گهربل آهي جنهن جو واعدو آئين جي شق 20 ۾ ڪيو ويو آهي، هيڪ جي عمل کي وادي سنڌ جي ثقافت جي توهين سمجهان ٿو. ولي ناريجو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اسان ڪو مذهب نه ڄاڻون سڃاڻون، محسن رند لکيو ته تعليمي ادارا اسانجا اتي پڙهندڙ شاگرد به اسانجا ۽ مرضي به اسانجي رنگن جا تهوار ملهايون يان محبت جا ڏينهن ملهايون، علي ڪامران سهتو لکيو ته هيڪ هجي يا فيڪ يا نيڪ اسان “هولي” ملهائيندا ئي رهنداسين!!! روڪ جي روڪي سگهين، محسن خاصخيلي لکيو ته پاڪستان جا ادارا تباھ آھن پر ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جيڪا سوچ لاڳو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ان مان صاف ظاھر آھي ته ان اداري جي تباھي جو ڪيڏو نقصان ٿي رھيو آھي، علي رضا ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏رنگن جو ڪوبه مذھب ناھي ھوندو، رنگ ته بس پيار محبت ۽ امن جو درس ڏين ٿا،اسد ممتاز رڏ لکيو ته رنگ کان ڊڄن ٿا، ڊاڪٽر راشد کهڙو لکيو ته تون هولي ملهائڻ کان نه، منهنجي تهذيب جي رنگن کا ڊنل آهين. تنهنجو خوف اڄ جو نه صديون پراڻو آهي. تنهنجي ان خوف جو جواب مان سدائين پنهنجي تهذيب جا رنگ ڦهلائي وڌائيندو رهندس. سنڌ جي سڀني يونيورسٽين کي ڀرپور نموني هڪ ڏينهن تي هولي ملهائڻ گهرجي. آفاق احمد لکيو ته هولي رنگن جي عيد آهي، انتهاپسندي واري سوچ کي رد ڪريون ٿا، عائشه ڌاريجو لکيو ته هائر ايجوڪيشن جي اهڙي فيصلي جي مذمت ڪجي ٿي، هولي ته محبتن جو ڏهاڙو آهي ، احساسن جو ڏهاڙو آهي ،تعليمي ادارن ۾ هولي ملهائڻ سان شاگردن جو هڪٻئي لاءِ عزت پيار محبت ءِ احساسن جو رشتو جڙي ٿو  هائر ايجوڪيشن کي هولي ملهائڻ تي اعتراض ڇو آهي، هر رستو محبتن وارو خوشين وارو کولڻ گهرجي نڪي بند ڪرڻ گهرجي ،ايوب کوسو لکيو ته هولي ۽ سنڌ ڌار نه ٿيندا ڪڏهن. تهذيبن جو روح فقط اُهي قومون ڄاڻينديون آهن جيڪي زنده رهڻ جو وچن پنهنجي پاڻ سان ڪنديون آهن. فاروق سومرو لکيو ته ذهني نابينا ئي رنگن تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، اسان جو الميو اهو آهي ته اهڙا ماڻهو هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ ويٺا آهن، ورثا پيرزادو هولي واريون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هلو هڪ ڀيرو ٻيهر هولي ملهايون ٿا، هنن کي رنگن کان ڊپ لڳي ٿو، هنن کي رنگن سان ڊيڄاريون ٿا، نقاش خاصخيلي لکيو ته سنڌ رنگ آھي رنگن تان ھٿ نه کڻنداسين، اعجاز سمون لکيو ته

سنڌڙيءَ جي سينڌ ۾ رنگن ڀري رات..!!

ھولي ۽ بارات ٻئي سھيليون سونهن جون

رنگ سدائين پيار محبت ۽ امن جو پيغام ڏيندڙ آهن، اسان هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اهڙي نوٽيس کي ٿڏو هڻون ٿا..!! منٺار گوپانگ لکيو ته هولي هڪ مذهبي تهوار کان وڌيڪ هڪ ثقافتي تهوار آهي، حبيب جمالي ۽ حسن عسڪري لکيو ته وائيٽ هائوس ۾ افطار پارٽي ٿي سگهي ٿي، فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جو بيان ٿي سگهي ٿو، نريندر موديءَ جي سامهون قرآن پڙهي سگهجي ٿو، نيوزيلينڊ جي اسيمبلي جو اجلاس تلاوت سان شروع ٿي سگهي ٿو ۽ چرچ جي جاءِ تي مسجد ٺهي سگهي ٿي يا ماسڪو ۾ اسلام جي تبليغ ٿي سگهي ٿي پر پاڪستان جي ‘تعليمي ادارن’ ۾ هندو شاگردن جي ‘هولي’ ملهائڻ سان اسلام خطري ۾ اچي ٿو وڃي ملڪ جو تشخص خراب ٿو ٿئي ڄڻ هونئن ته دنيا ۾ تشخص وڏو سٺو آهي.، اعجاز چانڊيو لکيو ته هولي ۽ سنڌ ڌار نه ٿيندا ڪڏهن، عزيز سولنگي هيڪ پاران پابندي وارو حڪم واپس وٺڻ جو ليٽر شيئر ڪندي لکيو ته پاور آف سوشل ميڊيا ، ايڇ اي سي ھولي ملھائڻ بابت پنھنجو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو،  شرن ڪمار پنجواڻي لکيو ته ڊڄي وئي هيڪ، ذوالفقار علي سولنگي لکيو ته سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل بعد هائير ايجوڪيشن ڪميشن ھولي خلاف جاري ڪيل نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، آڪاش انصاري لکيو ته هيڪ چيئرمين پاران نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ ڪافي ناهي، انهي کي عهدي تان هٽايو وڃي، صدام سولنگي لکيو ته ورسٽيز ۾ هولي تي بندش وارو حڪمنامو واپس، سنڌ جي ينگسٽرز جو پاور، ٽاپ ٽرينڊ سبب سڀ پريشان ٿي ويا، هريش ڪمار لکيو ته هيڪ پنهنجو نوٽيفڪيشن واپس وٺندي معافي به ورتي آهي، نظام شيخ لکيو ته سوشل ميڊيا تي عوام جي شديد احتجاج کانپوءِ ڪميشن پنهنجي خط جي وضاحت ڪندي ان کي واپس وٺي ڇڏيو آهي.