سنڌ کي منشيات مان ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ٿيندو !

منشيات ھڪ زھر آھي، جيڪو پوري سنڌ ۾ ڦهلجي چڪو آھي، جنھن کي پاڙ کان ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ھن وقت سنڌ پوليس جا منشيات خلاف آپريشن ھلندڙ آھن، جنھن ۾ گھڻي ڀاڱي هاڪاري ڪاروايون سامھون آيو آھن، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي پر اسان هر ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ پڙھي رھيا آھيون ته اھو سمورو ڪريڪ ڊائون مين پڙي ۽ نشي آور سوپارن خلاف ٿي رھيو آھي، ان ڪريڪ ڊائون بهتر نتيجا ڏنا آهن پر ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي، ھن وقت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ منشيات خلاف ھلندڙ ڪريڪ ڊائون ۾ گٽڪي ۽ مين پڙي تي گھڻو ڌيان پيو وڃي، ڪراچيءَ جا ڪيترائي سينٽر اھڙا آھن جتي منشيات جا وڏا واپاري نه رڳو پناهه وٺڻ لاءِ ايندا آھن، پر اتي اچي پنھنجا گراھڪ پڻ ٺاھيندا آھن، جنھن سان نشي آور شيون نوجوان تائين سولائيءَ سان پهجن ٿيون، اھو سلسلو جيئن جو تيئن ھلندو رھيو آھي. سنڌ حڪومت ۽ ان جي وزير شرجيل ميمڻ ۽ آءِ جي سنڌ جنھن قسم جو اسٽينڊ ورتو آهي منشيات جي ڪاروبار کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ اھو قابل تعريف آهي، انھن سان گڏ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته نشي آور سوپارين ۽ نشي آور شين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھن کي مفت دوائون فراهم ڪيون وڃن، ميڊيڪل ڪئمپس لڳايون وڃن ته جيئن ان شيءِ جو پاڙ کان خاتمو ٿي وڃي. ماضيءَ ۾ ڪافي ڀيرا اھڙا ڪريڪ ڊائون ٿيندا رھيا آھن پر ماڻھو اڃا تائين انھن شين کان ڇوٽڪارو حاصل ناھن ڪري سگھيا. ان جو حل ميڊيڪل ڪئير آھي. سنڌ ۾ نشي آور شين جي ھيراڪن جو سٺي طرح علاج ٿيڻ گھرجي، انھي سان ڇا ٿيندو جو ماڻھو ان زھر مان جان ڇڏائي ويندا، نه ته سنڌ ۾ جڏھن به ڪنھن شيءِ تي پابندي لڳيندي آهي ته اھا شيءِ ٻيڻن پئسن تي ملڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ نشي آور شيون پڻ ٻيڻي اگھه تي وڪرو ٿيڻ لڳنديون آھن ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ وري اھا شيءِ عام جام ٿيو وڃي، انھي ڪري ان جو ھڪ ئي حل آھي، جنھن سان منشيات جو خاتمو ٿي سگھي ٿو، آئون سمجھان ٿو ته سنڌ جي بهتر مستقبل لاءِ سنڌ جي عوام کي منشيات کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ عوام کي ميڊيڪل ڪيئر ڏني وڃي ته جيئن سنڌ جي عوام منشيات پاڙان پٽجي وڃي.

نجيد انجم لغاري / ملڪاڻي شريف

حقيقي خوشي

جي حاصلات!

(حصو پهريون)

خوشي ھڪ شخصي احساس جو نالو آھي، اھا ھڪ اندروني ضرورت آھي، ان ڪري اندروني ضرورت کي فقط اندران ئي تسلي(Satisfaction) ڏياري سگھجي ٿي. جڏھن ته ٻاھرين ڪاميابي ڪيتري به وڏي ھجي پر پوءِ به اھا اندروني تسلي جي تشفي لاءِ ڪافي نه ھوندي آھي ۽ نه ئي عياشي جي حصول لاءِ ڪيل ڊوڙ اسان کي خوش رکي سگھي ٿي. ان اندروني تشفي ۽ خوش رھڻ جو دارومدار روح جي سڌاري ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ اطمينان  (Grantification)تي آھي، انھن جا بنيادي جز، اندروني امن ۽ تسلي جو احساس، خوشي جو احساس، ڪاميابي ۽ ڀائيچاري جو احساس ۽ بهترين بردباري ۽ خاموشي ۽ بهتري جو احساس. انھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته اسان جي ٻاھرين زندگي، اندروني احساس موجب ھئڻ کپي ۽ اسان جي اندروني حيثيت ۽ شخصيت موجب ھئڻ کپي. ڪنھن به اندروني ضرورت کي فقط ٻاھرين طاقت ذريعي نٿو پورو ڪري سگھجي ۽ ٻاھرين ڪا به طاقت ڪيتري به ھجي سا اسان کي امن ۽ تسلي جو احساس نٿي ڏئي سگھي. ناخوش انسان سان ھڪ ٻيو مسئلو اهو به ھوندو آھي ته ھر وقت ٻاھران پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو ناخوش انسان ھروڀرو جي کل ۽ خوشي ظاھر ڪندو آھي ته جيئن پنھنجي اندروني ناخوشي واري حالت کي لڪائي خوش نظر اچي ۽ اھڙي حالت جو پڻ تدارڪ ڪري. ائڊيسن چيو آھي ته حقيقي خوشي ھڪ رٽائرڊ فطرت واري آھي، اھا گوڙ ۽ ڏيک جي دشمن آھي، ان لاءِ اندروني تسلي جو حصول ئي سڀ ڪجھه آھي ۽ ان کي ڪنھن به ٻاھرين بي حساب شاھدن جي ضرورت نه آھي، جڏھن ته بناوٽي خوشي ھميشه جھگٽن ۾ رھڻ پسند ڪندي آھي ۽ ڪوشش ڪندي آھي ته جيئن ھرڪوئي ان کي ڏسي. ايف اي پي ايولنگ چيو آھي ته اصل ۾ خوش رھڻ وارو انسان گھٽ کلندو آھي، ھو فقط مسڪرائيندو آھي، ڇو ته ھن کي کلڻ جي ضرورت نه ھوندي آھي، روئڻ وانگر کل به دماغي ڇوٽڪاري جو سبب بڻجي ٿي پر خوش رھڻ رھندڙ انسان ڪڏھن به گھڻو پريشان(Over strung ) نه ھوندو آھي. آسٽن لکيو آھي ته خوشي حقيقت ۾ خاموش نگاهه جو لاڀ آھي.(جاري)

طاھر حسين مھيسر/قانون جو شاگرد، يونيورسٽي آف پنجاب

ڪنهن در ڏجي  دانهن؟!

(حصو پهريون)

ڪنهن به سماج کي سنوارڻ، سڌارڻ ۽ سينگارڻ ۾ استاد جو تمام اهم ۽ بنيادي ڪردار هوندو آهي، جيئن هڪ سنگتراش ڀتر کي تراشي خراشي خوبصورت مورت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، ساڳي ريت استاد به پنهنجي علم، ڏاهپ ۽ قلم ذريعي پٺتي پيل سماج کي ڪاري رات مان ڪڍي، سنگتراش جيان تراشي بلندين جي مقام تي پهچائيندو آهي پر افسوس جو اسان جي سماج ۾ استاد کي اهو مقام ئي ناهي ڏنو ويندو، هڪ استاد بنا ڪنهن سهولت جي ڏورانهن علائقن ۾ پنهنجي هڻان وڻان، موسم جون سختيون ۽ تڪليفون برداشت ڪندي پنهنجي ڊيوٽي ته ڪندو آهي پر ان  استاد مان نه سرڪار سڳوري راضي هوندي آهي نه ئي وري اهو سماج جنهن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ استاد موسم جون سختيون ۽ گرميون سهندي ايمانداريءَ سان ڊيوٽي انجام ڏيندو آهي .سنڌ سرڪار تازو ئي آءِ بي اي سکر جي سهڪار سان ٽيسٽ وٺي سڄي صوبي ۾ لڳ ڀڳ 50 هزار کان وڌيڪ PST پرائمري اسڪول ٽيچر ۽ JEST جونيئر ايليمنٽري اسڪول ٽيچر ڀرتي ڪري سوين بند پيل اسڪولن کي کولي، کين سنڌ جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ ڊيوٽين تي موڪليو آهي پر افسوس جو سنڌ سرڪار کين بنيادي سهولتون ئي نه ڏئي سگهي آهي، نه، بلڊنگ، نه فرنيچر نه پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ۽ نه ئي وري ڪا ٻي سهولت تنهن هوندي به سنڌ جا استاد پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان انجام ڏئي رهيا آهن، ڪيترائي گريجوئيٽ نوجوان روشن مستقبل جا سپنا سجائي، پنهنجيون پرائيوٽ ڊيوٽيون ڇڏي ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ ۾ بطور PST ۽ JEST طور شامل ٿيا پر افسوس جو انهن استادن سان سنڌ سرڪار ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، انڌير نگري چرٻٽ راڄ واري سماج ۾ دادو ضلعي ۽ ڪجھه ٻين ضلعن جا استاد گذريل هڪ سال کان بنا ڪنهن پگهار جي ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، پر مجال آهي جو هن ملڪ جي عدالت يا ڪنهن ٻي ڊپارٽمينٽ استادن جي حقن جي  ڳالھه ڪئي هجي.(جاري)

عمران چانڊيو /ميهڙ

ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسن تي ٿيندڙ حملا ۽ اسان جي بيحسي!‎‎

ڪافي وقت کان سڄي سنڌ پر خاص طور تي اتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪا بهتر ڪو نه آھي پر سرڪاري ادارن تي به حملا آور حملا ڪري آرام سان بنا خوف جي نڪتا وڃن ٿا ڄڻ ته ملڪ ۾ ڪو قانون ئي موجود نه ھجي. اھڙي صورتحال سنڌ ۾ قائم سرڪاري ملازمن جي سھولتن لاءِ خزانا آفيسن ۾ روز مرهه جو حصو بڻجي وئي آهي. تازو خزانا آفيس دادو ۾ معمولي ڳالھه تان ڀڃڊاهه ڪري وري اتان جي ملازمن تي سڌي فائرنگ پڻ ڪئي وئي، جنھن جي نه رڳو اسان مذمت ڪريون ٿا پر اسان سموري سنڌ جي خزاني جي آفيسن جا ملازم گورنمينٽ کان تحفظ جي گهر ڪيون ٿا. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته خزاني آفيس دادو تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. اسان پنھنجي اعليٰ آفيسرن کي به نماڻي گذارش ٿا ڪريون ته خزاني آفيسن تي ٿيندڙ حملن جو نوٽيس وٺي عملي جي مالڪي ڪئي وڃي ۽ سموري سنڌ جي خزانا آفيسن جي ملازمن مان بيچيني ۽ غير محفوظ رهڻ واري ڪيفيت کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.

شعيب احمد جاگيراڻي/ لاڙڪاڻو

عمران خان جي گرفتاري ان کي وڌيڪ مقبول ڪندي!

(حصو پهريون)

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اسلام آباد جي عدالتي احاطي مان نيب جي هڪ ڪيس ۾ رينجرز جيئن ئي زبردستي کيس وهيل چيئر تان کڻي ڪالر مان پڪڙي بڪتربند گاڏي ۾ ويهاري گرفتار ڪري ورتو، ان مان اها ڳالھه واضح ٿي رهي آهي ته گذريل 75 سالن کان جيڪا مداخلت ٿيندي هئي ۽ هاڻي وري چيو پي ويو ته اها مداخلت ختم ڪئي وئي آهي، اها مداخلت اڃا به جاري آهي ۽ هاڻي جڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي ته ڇا عمران خان جي سياست ختم ٿي ويندي ۽ ڇا عمران خان جي شهرت ۽ مقبوليت گهٽجي ويندي، جيڪڏهن ڪو اهو سوچي ٿو ته مان سمجهان ٿو ته اها سوچ غلط آهي، اچو ته هڪ سال پوئتي ٿا هلون، جڏهن عمران خان جي حڪومت جا آخري ڏهاڙا هئا ۽ عمران جي حڪومت پنهنجي پوڻن چار سالن جي اقتدار ۾ ملڪ جي عوام لاءِ ڪي خاص ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه وئي هئي، هن پنهنجي اقتدار ۾ بس رڳو مخالفن تي ڪيس ڪرڻ ۽ ٻين اجاين ڪمن ۾ گذاري ڇڏيا هئا، جنهن جي ڪري پي ٽي آٰءِ اڳواڻ جي مقبوليت صفا وڃي ترو ورتو هو پر ڀلا ڀاڳ عمران خان جا جو ملڪ جون سڀ پارٽيون گڏجي پي ڊي ايم جي نالي سان هڪ اتحاد ٺاهي عمران خان جي حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪيا، احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ عدم اعتماد واري رٿ پيش ڪري سندس جي حڪومت کي ڪيرائي، عمران خان جي سڄي رسوائي ڦٽڪار وغيره سڀ پنهنجي ڪنڌ هنئي سو به خوشي خوشي وجهي ڇڏيون ۽ ان ڏينهن کان وٺي عمران خان جي مقبوليت هنن پي ڊي ايم وارن جي مهربانين سان وڌندي وئي ۽ ايتري ته وڌي وئي آهي جو پي ڊي ايم جي حڪومت هوندي به جيڪا اليڪشن ٿئي پئي عمران خان کٽي پيو وڃي ۽ ايئن پي ڊي ايم وارا پنهنجي رضا خوشي سان ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويا ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو پي ويو ويتر ڌٻڻ ۾ اڃا وڌيڪ ڦاسندا پي ويا ۽ ان ڌٻڻ مان ڪوششن باوجود نڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ پنهنجي مقبوليت جيڪا پهريان عمران جي زيرو ٿي وئي هئي اها اڃا به وڌي وئي. (جاري)

محمد خالد ميمڻ/ڦل

بايونڪ اکين جو تصور!

(حصو پهريون)

سائنس جي افسانن جو گهڻو وقت آهي پر ٽيڪنالاجي ۾ تازيون واڌايون اسان کي ان کي حقيقت بڻائڻ جي ويجهو آڻي رهيون آهن،  سائنس جي اکين جو هڪ منصوبو هن وقت ترقي ۾ آهي، مقصد صرف اهو ڪرڻ آهي ته جديد آپٽڪس، ڪيمرا ۽ اليڪٽروڊس جي ميلاپ کي استعمال ڪندي هي بايونڪ اک انهن ماڻهن جي نظر بحال ڪري سگهي ٿي جيڪي اکين جي خراب ٿيڻ يا زخمن جي ڪري اکين جو نور وڃائي چڪا آهن پر هن ٽيڪنالاجي جي امڪاني ايپليڪيشنون جاري آهن،  بايونڪ اکيون پڻ انسانن کي انهن جي حقيقت کي هٿي ڏيڻ جي قابل ڪري سگهن ٿيون، بنيادي طور تي اسان کي اسان جي ميٽرڪس جي نسخي ۾ وجهي  ٿي جڏهن ته اهي خيال اڃا تائين مضبوطيءَ سان قياس جي دائري ۾ آهن، سائنس جي اکين جي ترقي نظر کي بحال ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي انساني صلاحيتن کي وڌائڻ جي جستجو ۾ هڪ دلچسپ قدم پيش ڪري ٿي CNET جي موجب سائنس جي اکين جي پويان خيال اهو آهي ته اکين جي اندر ٻين سيلن کي گڏ ڪرڻ لاءِ روشني سگنل حاصل ڪرڻ ۽ ترجمو ڪرڻ لاءِ. Retinitis pigmentosa  ۽ عمر سان لاڳاپيل macular degeneration موروثي خرابيون آھن، جن جي نتيجي ۾ ريٽينا جي ٻاھرين ايٽمي ساخت جي غيرمعموليت جي ڪري ريٽينل فوٽوورسيپٽرز جي موت واقع ٿيندو آھي. جڏهن اهي روشنيءَ سان حساس سيلز جن کي ڦوٽو ريڪٽرز جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو گم ٿي وڃن ٿا، روشنيءَ کي اليڪٽريڪل سگنل ۾ ترجمو نٿو ڪري سگهجي، جنهن جي نتيجي ۾ مستقل انڌائپ ٿئي ٿي. سائنس جي اکين جو مقصد RGCs کي ڦوٽو ريڪٽرز ۾ تبديل ڪرڻ آهي، جيڪي روشنيءَ جو جواب ڏين ٿا ۽ ان ڄاڻ کي دماغ تائين پهچائين ٿا، ھن تبديليءَ لاءِ آر جي سيز کي ھدف ڪرڻ لاءِ لڪايل وائرس جي اندر جڙيل جينياتي طور تي تبديل ٿيل اوپسين کي انجڻ جي ضرورت آھي. سائنس جي ٽيم انڪشاف ڪيو آهي ته اوپسين آر جي سيز تائين پهچايو ويندو آهي، نيورون استعمال ڪندي جنين جي اسٽيم سيلز ۽ ريٽينل آرگنائيڊس، جيڪي ننڍا انساني ريٽينا آهن. اختصار ڪرڻ لاءِ ماڻهو پنهنجن گهرن کي روشن ڪرڻ لاءِ بلب بدران بتيون استعمال ڪري سگهن ٿا. اسٽيم سيلز مان نڪتل RGC-  ۽ ٻيا سيل، قسم مڪسڊ آرگنائيڊز جو علاج اوپسن تي مشتمل وائرل تعميراتي حل سان ڪيو ويندو آهي. اٽڪل ڏهن هفتن کان پوءِ سيل انجنيئر Kevin Smith جيان محقق هڪ خوردبيني ذريعي چمڪندڙ ڳاڙهي سيلن کي ڏسندا آهن. (جاري)

نثار احمد باجڪاڻي/ يوسي دنياپور. غوثپور

پرزنٽيشن ۽ ان کي پيش ڪرڻ وقت ٿيندڙ ڏکيائيون!

جڏھن مون پھرين ڀيرو پرزنٽيشن ڏني ھئي تڏهن مون  کي تمام گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو هو، آئون ڊائيس تي ته اچي ويو هئس پر ڪجھه ڳالهائي نه سگهيو هئس. مون مي ڊائيس تي اچڻ کان پوءِ ڳالهائڻ جي سگھه ئي نه رهي هئي. ڳالهائڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪيم ٿي پر لفظ نڙي ۾ ڦاسي ٿي پيا. ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ مون تي ڪو ڳرو وزن يا تمام گهڻو پريشر اچي ويو هجي. سڄو جسم ڏَڪي رهيو هو ۽ پگهر ۾ شم ٿي ويو هئم. هٿن کي حرڪت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪيم پر ناڪام ويس. ڇاڪاڻ ته هٿَ ڏڪي رهيا هئا. آئون پرزنٽيشن پرزنٽ نه ڪري سگهيس. آخر ۾ ايترو چيم سوري سر! آئون پرزنٽيشن نٿو ڏئي سگهان. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو. آئون واپس اچي سيٽ تي ويهي رهيو هئس. ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان پرزنٽيشن ڏيڻ اچون ٿا تڏهن اسان ڊپ ۽ هچڪچاهٽ ( Fearness and Hesitation)  محسوس ڪندا آهيون. انهي جي ڪري سولائيءَ سان پرزنٽيشن نه ڏئي سگهندا آهيون. ڊائيس تي ته اچي ويندا آهيون پر پاڻ سان انصاف نه ڪري سگهندا آهيون. اسان کي گهرجي ته جڏهن به ڪو ٽاپڪ يا موضوع(Topic)  ملي ته اسان سڀ کان پهرين ان موضوع کي پنهنجي لکڻي ۾ سادن اکرن ۾ لکي، صحيح نموني سان سمجھي وڃون (نڪي رٽي) پوءِ ان کي ڪلاس ۾ پرزنٽ ڪريون، يا آرسي جي سامهون بيهي بار بار ريهرسل ۽ پريڪٽس ڪرڻ سان به ڊپ ۽ هچڪچاهٽ کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ايئن ڪرڻ سان اسان سولائيءَ سان پنهنجي مڪمل ۽ بااعتماد پرزنٽيشن ڏئي سگهون ٿا.

ويرم نيتاڻي/ ٿرپارڪر

عمران خان، سياست کان عدالت تائين!

(حصو پهريون)

تازا ترين خبرون آيون آھن ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي سپريم ڪورٽ پاران عدالت مان گرفتار ڪرڻ واري غير قانوني عمل جي خلاف فيصلو ڏيندي کيس آزاد ڪيو ويو آھي ۽ ان کان پوءِ عدالت وڌيڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري عمران خان، ان کان پوءِ واري صورتحال ۾ عدالت پاران اهو به چيو ويو ته عمران خان پوليس هيڊ ڪوارٽر جي گيسٽ هائوس ۾ رات گذاريندو. اهڙي فيصلي کان پوءِ واري ملڪي سياسي ماحول ۾ آيل بدنظمي واري صورتحال جتي ماٺار طرف ويندي اتي ۽ اهڙي اوليتي انصاف مهيا ڪندڙ عدالتي فيصلي خلاف عمران مخالف سياسي حلقا احتجاجن ٻاهر اچي سگهن ٿا، اهڙي سوال ۽ خدشي پويان سوچيندڙ حلقن وٽ بحث طلب سوال اهو به آھي ته اهڙي فيصلي سان عمران مخالف ۽ سياسي بنيادن تي عدالتي فيصلن تحت سياسي طور متاثرن حلقن پاران احتجاجي سياست  نئون رخ اختيارڪري سگهي ٿي .عمران خان جي گرفتاري ۽ آزادي جي وچ ۾ ملڪ ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو سو ڪنهن حيراني ۽ پريشاني کان گهٽ ناهي! ملڪي رياستي ۽ سلامتي وارن ادارن تي حملا ۽ ان کان پوءِ واري ملڪي سياسي ۽ رياستي ماحول ۾ هي فيصلو ڪنهن اچرج ۾ اچڻ بنا رهي نٿو سگهي ته ڪنهن رمانڊ مليل قيدي کي وچ ۾ گهرائي رليف ڪيئن ٿو ڏئي سگھجي ۽ سندس هٿ ۾ اها ڪهڙي گدڙ سنگهي آھي جو هو عدالتي طور رياست ۽ سياست جي هيڏي وڏي بحران کي پنهنجي حق ۾ ڪيئن وٺي ويو ۽ شام جو ساڍي 5 وڳي تائين انتظار ڪندڙ چيف جسٽس آخرڪار اهو ايڏو عمل يا فيصلو ڪيو ڪهڙي پسمنظر ۾؟ اسان جي ملڪي سياست ۾ هن جديد انفارميشن واري دور ۽ سهولتن ۾ ڪا به اڳ ڪٿي ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي آھي پر خبر تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندڙ حلقن جو چوڻ آھي ته ملالا مائيءَ تي سياست ڪندڙ ۽ حق ۾ مهم هلائيندڙ حلقن کان ويندي عافيه صديقي سان ٿيندڙ آمريڪن ظلمن خلاف خاموش رهندڙ سياسي ۽ رياستي ادارن بابت ڳالهين جي ڳهيرن چيو ته عمران خان جي آزادي يا عدالتي رليف ڏيڻ ڪا اهميت نٿو رکي، ممڪن آھي ته ان فيصلي پويان ٿي سگهي ٿو ته اسان جي ملڪي سياسي کلاڙين لاءِ اڃا وڌيڪ حيران ڪندڙ خبرون اچي سگهن ٿيون. هڪ اهم ذريعي پنهنجي سياسي نابالغي جي بنياد تي چيو ته جي هڪ اڌ ڏينهن اندر ايم ڪيو ايم جيڪا عمران جي حامين پاران رياستي ادارن جي ڀڃ ڊاهه کي برو عمل سڏي پئي سي جيڪڏهن سڀاڻي ميهڙ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي حق ۾ ريليون ڪڍي سياست ۾ وري سرگرم ٿئي ٿي ته ان تي به ڪنهن کي حيران ٿيڻ نه کپي. (جاري)

رحمت اللھ ٻرڙو/ڪراچي

ايندڙ مون سون ۽ حڪومتي پاران اختيار ڪيل اپاءِ!

موسميات کاتي پاران ھر سال جيان هن سال به مون سون جو الرٽ جاري ڪرڻ کان پوءِ به حڪومت روايتي سستي ۽ بي ڌيانيءَ جي ڪري ڪجھه به ناھي ڪري سگھندي ۽ نه ئي اسان جي سڳوري حڪومت هن وقت تائين ڪي حفاظتي اُپاءَ اختيار ڪيا آهن. جيئن گذريل سال مون سون جو خطرناڪ الرٽ جاري ڪرڻ کان پوءِ به حڪومت ڪي به اپاءَ نه ورتا هئا، جنهن جي ڪري لکين خاندانن برسات ۾ بي گھر ٿي ويا، ھزارين ماڻھو سيلابي وهڪرن جي ور چڙهي لڙھي مري ويا ۽ ان کان سواءِ ماڻهن جو چوپايو مال ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل ساريالي فصل سميت ٻيا قيمتي فصل ۽ باغ پڻ تباهه ۽ برباد ٿي ويا ۽ غريبن جي اھنجن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. برساتن ۾ تباهه ٿيل فصلن جو اجورو حڪومت ماڻهن کي اٽي ۾ لوڻ برابر ڏنو پر ھاري اڄ به فصل تباهه ٿيڻ جي ڪري وياجي سيٺن ۽ ڀوتار وڏيرن وٽ قرضي لڳا پيا آهن. ھارين تان وڏيرن ۽ زميندارن طرفان قرض ماف ناھن ڪيا ويا، انساني توڙي معاشي طريقي سان تباهه ڪندڙ گذريل مون سون جيڪو نقصان ڪيو، ان نقصان جو خال ڪئين سالن تائين به نٿو ڀرجي سگھجي، اھڙي طرح گذريل سال جيان ھلندڙ سال لاءِ به مون سون بابت تڪراري بيان جاري ڪيا پيا وڃن ته گذريل سال کان ھلندڙ سال وڌيڪ مون سون جون براستون پئجي سگھين ٿيون. بهرحال اھو ھڪ خدا جي علم ۾ ئي آھي ته ٿيندو ڇا؟ ھاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي هن وقت کان ئي تياري ڪرڻ گھرجي، سنڌ جي سم نالن توڙي ڊرينيج جي نظام جي ڪم کي يقيني بڻايو وڃي، سنڌ ۽ سنڌ جي ماروئڙن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ايندڙ امڪاني تباهيءَ کان بچايو وڃي.

وڪيل جمالي/ نوابشاهه