بندوق ھٿان قلم جو قتل!

 

اها خبر پڙھندي منهنجي زبان کي لفظن ھٿ ٻڌي لڙڪن سڏڪن ۽ آھن دانھن سان چيو ته اڄ اسان کي نه اچارجان، منهنجي آڱرين اکرن جي اڻت ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، سمورن خيالن، سوچن ھن سماج جي روشن مستقبل وارين اميدين پنهنجو مٿو پٽڻ شروع ڪيو پر مان ڪيئن خاموش رھان؟ ھن ھيڏي عقل، علم، فھم ۽ فلسفي سان ڀرپور خيالن ۽ ھن سماج جي روشن صبح جي ان حسين ڪرڻي جي ھن ببيدرداڻي قتل تي، جنهن شخص دنيا جي اعليٰ ۽ مھانگين درسگاھن ۾ اھو چئي اتي پڙھائڻ کان جواب ڏنو ته اوھان ڀلي مون کي کڻي ڪيترا به پئسا ڇو نه ڏيو پر آئو اتي وڃي پڙھائيندس جتي جھالت، رسمن ۽ رواجن سان گڏوگڏ انائن جي جنگ تي ٻڌل تڪراري فسادن جو راڄ آهي، جتي منهنجي ماروئڙن جي ٻارن کان بدبودار ڀوتارڪي سوچ جي رکوالن قلم ۽ ڪتاب کسي پنهنجن ذاتي مفادن خاطر انهن معصومن جي ھٿن ۾ ھٿيار ڏئي ڪري ھڪ ٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏيو آهي. پروفيسر اجمل ساوند دنيا کي اھو چئي موٽيو ته آئون پنهنجي قابليت اتي سيڙائيندس ۽ خوبصورت لفظن جي ليڪچرن سان ان قوم جي ٻارن جي ذھن سازي ڪندس جنهن سماج ۾ اڄ به انساني جانين تي واپار ٿئي ٿو، جنهن سماج ۾ ڀوتارڪي راڄ کي رياستي آشيرواد مليل آهي ته جڏهن ھو چاھين جتي چاهين ڪنهن معصوم کي موت جي ننڍ سمھارين، پوءِ ان جو فيصلو به پاڻ ڪري ۽ پنهنجي پاڻ کي صادق ۽ امين جي لقبن سان نوازي ڇڏين پر افسوس! پروفيسر اجمل ساوند شايد ان حقيقت کان اڻڄاڻ ھو يا ته سندس ذھن ۾ قبيلائي تڪرارن ۽ بدبودار ڀوتارڪي سوچ جي ور چڙھيل ھن سماج ۾ به علم جي لاٽ سان روشن صبح ڏانهن وک وڌائڻ وارو ارادو موت کان به مٿانھون ھو جو ھو پنهنجي ان عظيم مقصد ماڻڻ واري راھ تي ھلندي ڪجھه ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرار جو نشانو بڻجي ويو. ھي ھڪ شخص جو نه پر ھن سماج جي روشن مستقبل جو قتل آهي، تنھن ڪري ھن واقعي جي ايف آءِ آر سمورن ڀوتارڪي سوچ جي سھولتڪارن تي داخل ٿيڻ گھرجي.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جو خون انصاف گهري ٿو؟

 

سنڌ ۾ هر روز قتل، ڏوهه، ڦر، لڄالٽ، قبيلائي جهيڙن توڙي ڪارنهن تحت ڪوڙن قتلن جي باھ ڀڙڪي رهي آهي. هتي قانون جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي، رياست طرفان عوام کي ڪنهن به قسم جو تحفظ حاصل ناهي. سنڌ جي شعور جي قتل واري خبر سوشل ميڊيا تي پڙهي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. ڇا اسان کي تعليم جي ضرورت ناهي؟ اسان پنهنجي انمول قيمتي فلاسافرن کي انتهائي بيرحميءَ سان قتل ڪري ايئن ماري ڇڏينداسين ڄڻ اهو انسان نه پر ڪو پکي جو ٻچو هجي. جن انسانن ۾ انسانيت هوندي آهي، اهي پکي توڙي جانورن تي به رحم ڪندا آهن پر اسان انسانن کي به جانورن جيان اجل جو شڪار ڪري ڇڏيندا آهيون. سنڌ ۾ هڪ ته تعليم جو معيار بلڪل گهٽ آهي ٻيو ته تعليم يافتا ماڻهن جو اسان وٽ ڪو قدر ناهي. ان جو مثال پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند آهي، جنهن کي بي ڏوهي شهيد ڪيو ويو. پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي هڪ ويڊيو پڻ اکين اڳيان گذري، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته جڏهن مون فرانس مان پي ايڇ ڊي ڪئي ته انهن في ڪلاڪ پاڪستان ڪرنسي جي حساب سان ٽيھ هزار ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر مون کين اهو چئي جواب ڏئي ڇڏيو ته “آئون پنهنجن کي پڙهائيندس.” هن ويچاري کي ڪهڙي خبر ته اهي ئي پنهنجا جيڪي ڪوڙا ڪارنهن جا الزام مڙهي کيس ايئن بيرحميءَ سان موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيندا. جتي وڏيرا شاهي نظام هجي اتي هڪ فلاسافر جو هجڻ يقينن دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊو هجڻ برابر آهي. اسان سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ توڙي اعليٰ قانون جي ادارن کان اهو ئي پرزور مطالبو ڪنداسين ته شهيد پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل سان انصاف ڪيو وڃي.

 

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو

خون جي ھولي ڪڏھن بند ٿيندي؟

 

ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ قبيلائي تڪرارن ٻيھر ڪر کنيو آهي، تڪرار تان سندراڻين ھٿان قتل ٿيل علم جو روشن ڏيئو اجمل ساوند قبيلائي تڪرارن جي ور چڙھي ويو. افضل جيڪو علم جي دانش پنھنجي اباڻي شھر ڪنڌڪوٽ جيڪو امن جو شھر ھو، جيڪو انهن اغوائن، ڦرن، رھزنين جي عذاب کان اڳي ئي خالي نه ھو، جيڪو اڄ خون جي رنگ ۾ رنڱجي ويو آهي، علم جو ديومالائي ڪردار اجمل ساوند جو قتل معاشري کي جنھن نموني جنجھوڙيو آھي ان جو اظھار اڄ سوشل ميڊيا تي ڏسي سگھجي ٿو، جنھن جي قتل تي سوڳ ۾ سارو معاشرو نظر پيو اچي. ضلعي اندر امن امان جي حالت انتھائي خراب ۽ ڳڻتيءَ جوڳي آھي، روز ڪيترائي ٻارڙا اغوا ٿين ٿا ته وري اغوا ڦرون ۽ قتل پڻ روز جو معمول بڻيل آھن، جاگيرداري نظام جي اثر ھيٺ ڪشمور ضلعي ۾ رياست جي ناڪامي چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جانين ۽ مال جي حفاظت جي ضامن رياست عام عوام کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي، جو اسان کي روز ڳڀرو نوجوانن جا گولين سان پروڙ ٿيل لاش ملن ٿا. اسان جي سماج جي بدنصيبي ڏسي حيرانگي ٿئي ٿي ته ھي اسان جي معاشري ۾ ڇا پيو ٿئي؟ شھيد اجمل ساوند پنھنجي محنت سان ٻاھرين ملڪ ۾ علم جي روشني حاصل ڪري به پنھنجي نج قبيلائي سماج ۾ پنھنجن ماروئڙن جي انھن غريب ٻارن لاءِ تعليم جو ديوامالائي ڪردار ٿي ڪنڌڪوٽ ۾ خدمتون انجام ڏنيون، ھو فرانس جي ڪميونسٽ پارٽي آف فرانس جي شاگرد ونگ جو صدر پڻ رھيو، اڄ ان جي ڪنھن دوست جي پوسٽ موجب ته جڏھن بلاول ڀٽو زرداري فرانس جي دوري تي ويو هو ته اتي ترجمان جي ضرورت ھيس، جيڪي فرض به پروفيسر اجمل ساوند پورا ڪيا پر نيٺ ھن شھر ۾ قاتلن هٿان شھادت جو جام پيتو، جيڪو ھميشه لاءِ موڪلائي ويو.

 

مختيار علي بلوچ/تنگواڻي، ڪشمور

 

سول اسپتال ميرپورخاص جي ايمرجنسي ڪپائونڊرن حوالي؟

 

انگريز سرڪار جي دور 1913ع ۾ جڏهن ميرپورخاص اڃا ننڍو شهر هو بهترين منصوبابندي ڪندي هڪ عاليشان سول اسپتال عوام کي علاج معالجي جون بهترين سهوليتون فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي هئي جنهن کي اسان جي عوامي حڪومت 2021ع شهر جي وچ مان 6 ڪلوميٽر پري رتن آباد وٽ منتقل ڪري 8 لک جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر جي غريب عوام کي گهر جي ويجهو علاج معالج جي سهوليت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، نئين ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ پهچڻ لاءِ ڏينهن جو رڪشا 5 سئو ۽ رات جو 1000 رپيا وصول ڪن ٿا، جيڪو ڪنهن غريب جي وس کان ٻاهر آهي. هاڻ 2 مهينن کان سول اسپتال جي ايمرجنسي جهڙي اهم وارڊ جي صبح منجهند ۽ رات وارين ٽنهين شفٽن ۾ ڪو به ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه هوندو آهي ۽ مريضن کي ڪمپائونڊر چيڪ ڪن ٿا، ترجمان موجب ايمرجنسي ۾ رکيل پي پي ايڇ آءِ جا ۽ ٻيا ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نٿا اچن، ٻئي طرف وري ايمرجنسي وارڊ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش تيز ٿي وئي آهي، ايمرجنسي وارڊ لاءِ اک ڪن جي سور جون دوائون بند ڪيون ويون آهن، ڪن ۽ اک جي مريضن کي 6 ميل پري نئين ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ريفر ڪيو وڃي ٿو، ٻئي طرف ايمرجنسي لاءِ مريضن کي ملندڙ دوائون، گوريون، شربت ۽ ڪيپسول نه رڳو گهٽايا ويا آهن پر انهن ۾ روز گھٽتائي ڪئي پئي وڃي. ايمرجنسي ۾ پهريان مريضن کي دوائون ڏيڻ تي 3 ڪمپائونڊر مقرر هوندا هئا، جن کي پهرين 2 ۽ هن وقت صرف هڪ ڪيو ويو آهي ۽ اڳتي هلي اهو هڪ ڪمپائونڊر به هٽائڻ جو منصوبو تيار آهي جيئن سرڪاري بجيٽ مريضن بجاءِ خاص ماڻهن تي خرچ ڪري سگهجي. ميرپورخاص عوام سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، سيڪريٽري صحت، ڊي جي صحت، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ سول سرجن ميرپورخاص کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا 8 لک جي آبادي جي شهرين جي زندگين سان کيڏڻ ۽ تجربا ڪرڻ بجاءِ پراڻي سول اسپتال ميرپورخاص کي سٽي اسپتال يا تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال جو درجو ڏئي هتي  قابل ڊاڪٽر مقرر ڪري غريبن کي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ عوام جي جانين سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي.

 

شير محمد ملڪاڻي/ ميرپورخاص

 

سنڌ جي سرموڙ اخبار، “پنهجي اخبار”!

 

جديد ٽيڪنالاجي اچڻ سبب ميڊيا ۾ به ڪافي تبديليون اچڻ لڳيون آهن، جتي خط ۽ ڪتابت جو سلسلو ئي ختم ٿي چڪو آهي اتي ڪافي پرنٽ ميڊيا جو لاڙو به تمام گهٽجندي نظر پيو اچي ۽ جڏهن پرنٽ ميڊيا يعني اخباري دنيا زوال پذير ٿيڻ تي هئي ته اتي سنڌي ميڊيا ۾ “پنهجي اخبار” جو نالو ظاهر ٿيو، صحافت جي دنيا ۾ هڪ وڏو نالو سينئر صحافي ۽ تجزيه نگار محترم علي قاضي سنڌ کي “پنهجي اخبار” متعارف ڪرائي. پنهجي اخبار جي اچڻ سان مختلف ادارن ۾ ويٺل ماڻهن توڙي عام ماڻهن مختلف رايا جوڙيا ته اخبار جو دور ته ختم ٿيڻ وارو آهي، دنيا ڊجيٽل بڻجي رهي آهي، سو مختلف تجزيا ۽ ٽيڪا ٽپڻي ضرور ٿي پر مضبوط ارادن جي مالڪ پنهجي اخبار جي سرواڻ محترم علي قاضي سمورن حالتن کي نظر ۾ رکندي پويان پير نه ڪيا ۽ اخبار ۾ هر طرح جي نواڻ جا سلسلا جاري رکيا، ڪافي ماڻهن جي پنهجي اخبار پڙهڻ جو ڪارڻ اخبار ۾ سون جا اگھ ۽ ڪرنسي شايع هجڻ به هوندي آهي ڇو ته اڄ ڪلهه هر گهر منجهان هڪ ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ رهي ٿو ۽ ڪافي ماڻهن جا ڪاروبار پڻ ٻاهر آهن، ان ڪري ڪرنسي جي ضرورت پوي ٿي، خبرن جو فالواپ وارو سلسلو شايد سنڌ جي ڪنهن به اخبار ۾ نه ملندو، اهو سلسلو پڻ پنهجي اخبار ۾ آهي. مضمون، انٽرٽيمنٽ، پرڏيهي خبرون، زراعت توڙي راند روند جون خبرون اوهان کي پنهجي اخبار ۾ ملي وينديون. پنهجي اخبار ۾ پنهنجن جون چٺيون نالي پڻ سلسلو آهي جنهن ۾ هر ماڻهو پنهجي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ درپيش مسئلن جي حل لاءِ لکي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ لکڻ لاءِ هر ماڻهو کي جاءِ ملي ٿي. اهڙيءَ ريت اڄ ڪلهه پنهجي اخبار سنڌ جي هر شهر، وستي واهڻ ۾ وڏي چاھ سان پڙهي وڃي ٿي. سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي کي چڱي ريت واضح ڪرڻ ۾ پڻ پنهجي اخبار جو وڏو ڪردار آهي، يقينن هن ڪاميابي ۾ سموري محنت ۽ مشقت پنهجي اخبار جي سرواڻ محترم علي قاضي ۽ سندس ٽيم جي آهي، جنهن تي کين جس هجي ۽ پنهنجي اخبار جي سالگرھ جي موقعي تي سموري سٿ کي پڻ مبارڪ ڏجي ٿي.

 

علي عباس جمالي/ لعلورائنڪ

 

سماج جي مظلوم ماڻهن جو آواز پنهنجي اخبار!‎‎

 

يقينن! سنڌي پرنٽ ميڊيا سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي هٿي ڏيڻ سان گڏ دنيا جي سنڌي ڳالهائيندڙ برادرين تائين خبرون ۽ ڄاڻ پهچائڻ جو هڪ اهم طريقو آهي. اخبارن، رسالن ۽ ٻين پبليڪيشنن ذريعي، اديب ۽ ايڊيٽر ڪهاڻيون، رايا ۽ خيال ونڊي سگهن ٿا، جيڪي سنڌي ماڻهن جي نرالي سڃاڻپ کي بچائڻ ۽ وڌائڻ ۾ مدد ڪن. پرنٽ ميڊيا خاص طور تي انھن علائقن ۾ اھم ٿي ​​سگھي ٿي جتي انٽرنيٽ يا ميڊيا جي ٻين شڪلن تائين پهچ محدود آهي، ڇاڪاڻ ته اھو ماڻھن لاءِ ڄاڻ تائين پھچ ۽ پنھنجي برادريءَ سان ڳانڍاپي جو ھڪڙو پڪو رستو مهيا ڪري ٿو. جيئن ته اتر سنڌ جي خاص طور ڪشمور ضلعي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، هي علائقو اهم چئلينجن کي منهن پيو ڏي، جنهن ۾ غربت، صحت ۽ تعليم تائين رسائي جو کوٽ ۽ تحفظ جا خدشا شامل آهن. اهو ضروري آهي ته ڪشمور ضلعي جي صورتحال بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ انهن مسئلن جي بنيادي سببن جي حل لاءِ وڪالت ڪئي وڃي. ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ فرد ڪشمور ضلعي جي ماڻهن جي مئسلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، پنهجي اخبار به انهن مان هڪ آهي. پنهجي اخبار هڪ اهم سنڌي اخبار آهي جيڪا عوام ۾ مقبول آهي، اخبار ۾ سياست، ڪاروبار، راندين، ثقافت ۽ تفريح سميت مختلف موضوعن تي ٻڌل آهي. اهو ليکڪن، صحافين ۽ ٻين لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو ته جيئن انهن جي نظرين ۽ خيالن کي وسيع پڙهندڙن سان ونڊين. جاگيرداراڻي ذهنيت جي دور ۾ مظلومن لاءِ آواز اٿارڻ وڏي پئماني تي ساراهه جوڳو آهي. مان چاهيان ٿو ته پنهجي اخبار پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب ٿئي ۽ اميد آهي ته اها سنڌ صوبي ۽ دنيا جي مظلوم عوام جي آواز لاءِ پنهنجي طاقت کي برقرار رکندي. اميد ته جيستائين پنهجي اخبار موجود هوندي تيستائين مظلومن جو آواز ڪڏهن به دٻجي نه سگهندو. مظلوم عوام جو آواز هميشه رهندو، ڪيئن چئون ته اڪيلا آھيون، من ۾ ڪو موجود ڏٺوسين.

 

ڊاڪٽر فيض محمد/ڪراچي

 

پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز، باشعور عوام لاءِ ڄاڻ جو ذريعو!

 

8 اپريل 2023ع تي پنهنجي اخبار جي چوٿين ۽ ٽائيم نيوز جي ٽين سالگرهه ملهائي وئي. ھن ميڊيا گروپ سماج ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي، خاص ڪري سنڌ صوبي ۾، اڄ ٽائيم نيوز چينل شھرن توڙي ٻھراڙي ۾ ماڻھن تائين ھر خاص، عام خبر پھچائي رھيو آھي. اتي پنھنجي اخبار انھن ماڻھن کي دنيا جي حال سان جوڙيو اچي جن وٽ نه ته بجلي آھي، نه وري موبائل ۽ انٽرنيٽ. پنهنجي اخبار موجودہ وقت ۾ پڙهندڙن موجب موضوع شامل ڪندي رھي ٿي. جن ۾ سياست کان وٺي تفريح تائين ڪيترن ئي موضوعن کي شامل ڪيو ويو آهي ۽ هميشه صحافتي سالميت کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم رهي آهي. تجربيڪار رپورٽر ۽ ايڊيٽر عوام تائين تازيون خبرون پھچائڻ لاءِ محنت ڪري رھيا آهن. 3 سال اڳ ٽائيم نيوز چينل جو افتتاح ٿيو، اڄ هي چينل 24 ڪلاڪ مقامي ۽ قومي واقعن جي ڪوريج سان صوبي ۾ خبرن جو هڪ اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي. ان جي رپورٽرن ۽ اينڪرز جي ٽيم پاڻ کي صنعت ۾ سڀ کان وڌيڪ پروفيشنلز ثابت ڪيو آهي ۽ ماڻهن تائين خبرن کي پهچائڻ لاءِ انهن جي وقت کي نظرانداز نه ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ “پهينجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز” سنڌ ۾ سماجي مسئلن تي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن واقعن ۽ مسئلن جي ڪوريج ذريعي، انهن عوام کي تعليم ڏيڻ ۽ صحت کان وٺي تعليم ۽ عورتن جي حقن تائين ڪيترن ئي اهم موضوعن تي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. هن صوبي جي ترقي تي هڪ اهم اثر ڇڏيو آهي ۽ هڪ وڌيڪ باخبر ۽ مصروف شهري کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي آهي، پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سنڌ صوبي لاءِ ڪيل ڪمن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. معياري صحافت لاءِ سندن عزم، قابل اعتماد خبرون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۽ ميڊيا انڊسٽري جي ترقيءَ ۾ حصو وٺڻ جو عام ماڻھو تي وڏو اثر پيو آهي. انهن جي چوٿين ۽ ٽئين سالگرهه تي اسان انهن جي ڪاميابي لاءِ دعائون گهرون ٿا ۽ صوبي لاءِ سندن لاڳيتي سهڪار جا منتظر آهيون.

 

حضور لغاري‎‎/ڪوٽ غلام محمد

 

سالگرہه جي مناسبت سان!

 

نيوز جنھن کي سنڌي ۾ خبر چئبو آھي، نيوز نارٿ، ايسٽ، ويسٽ ۽ سائوٿ جو مخفف آھي، خبرن کي گڏ ڪري ۽ پوءِ ان کي اخبار جي زينت بڻايو ويندو آھي. اخبار جو ذڪر قرآن مجيد جي ٽيھين سيپاري جي سورہ الزلزہ (مدني) ۾ پڻ ٿيل آھي. ھن جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ جتي ھر خبر جي ڄاڻ سيڪنڊن، منٽن ۾ پئجي وڃي ٿي پر ان باوجود به اخبار پنھنجي اھميت کي برقرار رکيون پئي اچي، ڇاڪاڻ ته اخبار ۾ خبرن کان سواءِ ٻيو به ڪافي مواد شامل ھوندو آھي. سنڌ اندر سنڌي زبان ۾ ڪيتريون ئي اخبارون روزاني جي بنياد تي ڇپجن ٿيون، انھن منجھان روزاني پنھنجي اخبار به ھڪ آھي. ھيءَ اخبار تمام ٿورڙي عرصي ۾ وڏي مقبوليت ماڻيندڙ اخبارن ۾ ليکي وڃي ٿي. ھي اخبار 08 اپريل تي پنھنجي سالگرہ ملھائي آھي. ھن اخبار جي قيمت 30 رپيا آھي. ھن اخبار ۾ سنڌ جي نالي وارا قلمڪار پنھنجون لکڻيون مختلف موضوعن تي لکندا آھن. جھڙوڪ تعليم، سياست، جمھوريت، معيشت، زراعت وغيرہ، ان کان سواءِ پنھنجي اخبار جي سلسلي پنھنجن جون چٺيون ۾ روزاني جي بنياد تي مختلف مسئلن، اشوز تي لکيل ڪيتريون ئي چٺيون ڏنل ايڊريس تي پھچن ٿيون جنھن کي ايڊيٽر پنھنجي محنت سان سيٽ ڪري اخبار جي سونھن بڻائي پڙھندڙن تائين پھچائي ٿو. آئون پڻ 2019ع کان ھن اخبار ۾ مختلف موضوعن تي چٺيون ۽ ڪجھ ڪالم وقت به وقت موڪليندو رھندو آھيان ۽ روزاني جي بنياد تي مطالعو ڪري مختلف ليکڪن جا ڪالم ۽ چٺيون پڙھندو آھيان. منھنجي ڌڻيءَ در دعا آھي ته روزاني پنھنجي اخبار جيڪا سنڌ جي اٻوجھ ۽ مظلوم ماروئڙن جو آواز بڻجي اعليءِ ايوانن تائين سندن آواز پھچائيندي رھي ٿي، ان جي مقبوليت ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿئي، آمين.

 

ستار سنڌي/ ڪنب

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(حصو پهريون)

اڄ نيرن ڪرڻ کان پوءِ برسات ۾ پسار ڪرڻ لاءِ نڪري پيس، چاچو خان پنهور پسار ۾ مون سان گڏ هو، هنچيو ته اسان جا ٻه ساٿي ميرپور جيل تان ٻُهارو هڻي هڻي آيا آهن پر هتي وات ئي بند نٿا ڪن ۽ چون ٿا ته هو اُتي انڪاري ٿي رهيا آهن. مون هُن کي چيو تهپنهنجي تعريف پاڻ ڪرڻ يعني ٻئي کان پنڻ برابر آهي، هُن وري چيو ته يار ڦاسي ويا آهيون اسنا انهن پارٽيءَ مان آيل قيدين مان. آئون چاچي خان کي اُتي ڇڏي عملدارن چاچي ستار ڏي هليو ويس ۽ مون هُن کي چيو ته پارڪ ۾پاڻي تمام گھڻو بيهي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ٻوٽا ۽ گاهه سڙي رهيا آهن ۽ مڇر ۽ جيت به وارڊ ۽ کولين ۾وڌي ويا آهن. جنهن جي ڪري قيدي سڄي رات سُک سان سمهي به نٿا سگھن. عملدارن مون کي چيو ته آئون پاڻ به اها ئي شيءِ محسوس ڪري رهيو آهيان پر ڇا ڪجي، اسان وٽ نيڪال جو نظام بهتر ناهي. مون چيو معنيٰ اسان اڃ تائين اڻويهه سئو اونداهيءَ واري جيل ۾ رهي رهيا آهيون. منهنجي ان ڳالهه تي عملدار کان سواءِ سپاهي زبير به ٽهڪ ڏيڻ لڳو. انهن جي ٽهڪن ۾ هڪ اهڙي ڌوڙ هئي جيڪا هن نظام کي ڀونڊا ڏئي رهي هئي،  کوليءَ ۾ اچي ڪپڙا بدلايم ۽ پوءِ راتو ڪو غزل فيئر ڪيم جيڪو ڪجھه هن ريت آهي:

ننڍ اچي ڪئين، من ۾ سمايو آ ڪوئي، سانجھه مهل ڦرندو آ، قيدم ۾ سايو آ ڪوئي.

فڪر هڪ هيءُ ته تنها رات ڪيئن گذرندي، سچ پڇين ته مون کي ٻيو ياد نه آيو آ ڪوئي.

شوق اهو هو عشق ۾ سسٿر واسين خاموش، دل کي سپنو اُن جو ئي، ڏيکاريو آ ڪوئي.

ڪاڪ ۾ پرين پيارا گھڻائي هئا آصف، بند ٿيڻ تي ڇلگري، قيدي ڏي نه آيو ڪوئي.

اخبار کولي پنهنجو اسٽار پڙهيم ته ان ۾ لکيل آهي ته ڪهڙي به صورتحال هجي اوهان کي جنهن جي سهڪار جي ضرورت آهي اهو ملندو. سوچ سمجھه کان ڪم وٺڻو پوندو نه ته ڏکيائي ٿيندي. هڪ مُرڪ جي لبن سان ملاقات ٿي ۽ سوچڻ لڳس ته ڇا جيل کان به وڌيڪ ڪا ڏکيائي ٿي سگھي ٿي؟ هڪ خبر تي نظر وئي ته منهنجو اندر ئي سڙي ويو، فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ کان انڪاريءَ شاگردياڻي خديجه کي جوتا چٽرايا ويا آهن. شيخ دانش شاگردياڻيءَ سان شادي جو خواهشمند هو، انڪار تي اغوا ڪري ويو ۽ تشدد ۽ تذليل ڪري وڊيو ڀري اها وائرل ڪئي اٿائين. آئون ڄاڻان ٿو ته ان وحشي ظالم کي ڪير به ڪجھه نه چوندو ۽ هو وري ٻي ڪا معصوم ڇوڪري تڪيندو ۽ تاڙيندو، ڪاش منهنجو ڪو وس هلندو هجي ها ته آئون ان جاهل اڳواڻ جو سر ئي لُڻي ڇڏيا ها.(جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد