سوال/سروي … بدامني، مهانگائي، بيروزگاري سنڌ جا وڏا مسئلا قرار، خراب حڪمراني، سرداري نظام جا به مسئلا آهن: عوام

0
301

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪهڙو آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن بدامني، مهانگائي، بيروزگاري کي سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏنو، تعليم، صحت جا به مسئلا ٻڌايا ويا، سرداري نظام، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، خراب حڪمراني کي به وڏو مسئلو قرار ڏنو ويو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن لکيو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو بدامني آھي جنهن جو ڪارڻ سرداري نظام آھي، نجيب چانڊيو لکيو ته سنڌ جو وڏو مسئلو طبقاتي جبر ۽ وفاقي نظام آھي، منظور زرداري لکيو ته هتي هڪ نه پر انيڪ مسئلا آهن، ماجد ڪلوڙ لکيو ته سنڌ ڪافي مسئلا جي وري چڙهيل آهي پر هن وقت سنڌ بدامني جي ور چڙهيل آهي ڀوتار به ڏوهارين ساٿاري آهن، علي عباس جمالي لکيو ته بدامني، مهانگائي، ۽ بيروزگاري وڏا مسئلا آهن، نديم بوزدار لکيو ته سنڌ سڀ کان وڏو مسئلو پ پ جا ڀوتار آھن، بابر وساڻ لکيو ته مهانگائي سڀ کان وڏو مسئلو آهي، صادق لاشاري لکيو ته مهانگائي ۽ امن امان اهي اهڙا اهم مسئلا آھن.جيڪي هنگامي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. رياض سولنگي لکيو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي جنهن سنڌ کي تباهه ڪيو آهي، مصور گاڏهي لکيو ته هونئن ته تمام گهڻا مسئلا آهن سنڌ ۾ پر انهن سڀني جي پاڙ ڪرپشن آهي، رضا جروار لکيو ته قومي طبقاتي غلامي سڀني مسئلن جي ماءُ آهي، مسرور کهڙو لکيو ته وڏو مسئلو معاشي قتل آھي ڏھاڙيدار مزدور توڙي آبادگار ۽ ھارين کان وٺي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ جيڪو ٿي رھيو آھي جنھن ڪري ماڻھو بک ۽ بدحالي جو شڪار آھن، شفيع ملاح لکيو ته ڀوتارڪو.وڏيرو ڪو نظام وڏو مسئلو آهي، انجنيئر امان الله لکيو ته خراب حڪمراني ئي سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي .رشيد ابڙو لکيو ته سنڌ جو وڏو مسئلو ڇڙواڳي آھي، ڪامران علي رند لکيو ته وڏو مسئلو پيري مريدي آهي، مختيار مولائي لکيو ته ڪشمور گهوٽڪي شڪارپور ضلعي اندر امن امان جي صورتحال بھترين بنائڻ سنڌ جو وڏي ۾وڏو مسئلو آهي، عبداللطيف پهوڙ لکيو ته ڪرپشن وڏو مسئلو آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته سنڌ جو وڏو مسئلو سنڌ جي غلط حڪمراني آهي ،صحت جون سهولتون ناهن ڪرپشن جو آزار آ امن امان ناهي، جڳتدان ديول لکيو ته بيروزگاري وڏو مسئلو آهي، غلام الله سيال لکيو ته سنڌ ۾ بک ۽ بيروزگاري گهڻي آهي جنهن سبب باقي واقعات پيدا ٿين ٿا، عباس ٻرڙو لکيو ته ڌاري آبادڪاري ۽ وڏيرا شاهي وڏو مسئلو آهي، رضوان علي لکيو ته تعليم سڀ ڪجهه آهي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو مسلو غربت ۽ بيروزگاري جو مسئلو غريب ماڻهن جو جئيڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ ٿرپارڪر ۾ ايتري غربت وڌي وئي آهي جو ماڻهن جو خودڪشي جو روز جو معمول بڻجي ويو آهي، لياقت علي نهڙي لکيو ته سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو تعليم جو فقدان، منشيات جو وڪرو آهي، فقير اسد راڄپر لکيو ته سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو جھالت آهي، فقير عبدالله هنڱورجو لکيو ته ڪرپشن وڏو  مسئلو آهي، مراد علي چانڊيو ۽ دليپ ڪمار لکيو ته تعليم جو گهٽ هجڻ مسئلو آهي، سنڌي قمر چاچڙ لکيو ته سڀ کان وڏو مسئلو قومي غلامي آھي، عامر تيوڻو لکيو ته سنڌ جو سڀ کان وڏا مسئلو بدانتظامي ۽ نااھلي آهي، اقبال سميجو لکيو ته سنڌ ۾ وڏو مسئلو بيروزگاري ۽ مهانگائي جو آهي، سرفراز احمد لکيو ته سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي جو ماڻهو غلام آهن، امان الله شر لکيو ته ڪرپٽ آفيسر نالائق حڪمران وڏو مسئلو آهي، خميسو ڀيل لکيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو تعليم ۽ صحت جو آهي، شوڪت نهڙيو لکيو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو تعليم جو آهي، عرفان سيلرو لکيو ته سڀ کان وڏو مسئلو طبقاقي سسٽم جيسيتائين سرمائيداراڻا ۽ جاگيرداراڻا نظام هوندو عوام جو ڪوبه مسئلو حال نه ٿيندو، علي قريشي لکيو ته تعليم جو وڏو مسئلو آهي، علي بخش شر لکيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پ پ آهي. خادم رند لکيو ته منھنجي خيال ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اڻڄاڻائي يا جھالت آھي. ممتاز علي سومرو لکيو ته سڀ وڏو مسئلو حڪمران آهن، عطا محمد سومرو ۽ زاهد دشتي لکيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي ھن کي ختم ڪيو وڃي، عبدالهادي لکيو ته تعليم ۔صحت ۔روزگار ۽ هيٺين طبقي جي شعوري۔اخلاقي استحصال آهن، شبير سهتو لکيو ته ڪرپشن ۽ لاقانونيت وڏو مسئلو آهي،سعيد احمد لکيو ته تعليم صحت بيروزگاري بدامني ڌاري آبادڪاري سميت مسئلا آهن، سمير احمد لکيو ته سنڌ ۾ وڏو مسئلو مهانگائي جو آهي غريب ماڻهو خودڪشي ڪري رهيا آهن، سهيل احمد لکيو ته تمام وڏو مسئلو آهي غير سنجيده رويو، عامر جوڳي لکيو ته سنڌ ۾ وڏا مسئلا بدامني، بيروزگاري ،تعليم، صحت، وڏيري ڪو نظام، ڪريپشن اهو سڀ ڪجهه غلط حڪمراني جي ڪري آهي، حاڪم نصيراڻي لکيو ته هن وقت سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو شعور جي کوٽ آھي، نارائڻ داس لکيو ته سڀ کان وڏو مسئلو چرٻٽ راج جو آھي، فقير علي گل ڪانڌڙو لکيو ته سڀ کان وڏو مسئلو ڌاري آبادڪاري آهي، علم الدين بلوچ لکيو ته سنڌ جو وڏي ۾وڏو مسئلو تعليم جو آهي، محمد رمضان لکيو ته حق ۽سچ جو مسئلو آهي، جي ايم ديشي گاڏهي لکيو ته سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو غلامي جو آھي، الطاف حسين ڪلوڙ لکيو ته سنڌ جو وڏو مسئلو ڪرپٽ سسٽم آھي، عابد حسين شر لکيو ته سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن آھي، قربان علي ميراڻي لکيو ته سڀ کان وڏو مسئلو ھن وقت بدامني آھي، شر اظهر لکيو ته وڏو مسئلو مهانگائي آهي، بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پ پ جي حڪومت آهي، ڀاون داس لکيو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو بيروزگاري آهي، مشتاق ڪنڀر لکيو ته سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو پ پ جي مسلسل سرڪار آهي، جي ايم راهمون لکيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو غربت آھي ۽ وڏيرا شاھي نظام آھي، مخدوم مينهل لکيو ته سنڌ جو وڏو مسئلو قانون جي حڪمراني ۽ ميرٽ آهي، انور سنگهه راجپوت لکيو ته ڪرپشن وڏو مسئلو آهي، مير مور رند لکيو ته سڀ کان وڏو مسئلو بدامني آهي، نور محمد سومرو لکيو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي، لا قانونيت، بدامني ۽ بيروزگاري آهي. وحيد ڄامڙو لکيو ته گذريل سال جي سانوڻي جي برسات جي تباھڪارين کان پوء ملڪن اندر بک بدحالي بي روزگاري بدامني عروج تي آھي، امتياز ڪنڀر لکيو ته سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو پيپلزپارٽي جي نااهلي آهي، سنڌي منور لکيو ته ڌارين جي آبادڪاري وڏو مسئلو آهي، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته مک مسئلو امن امان جو آهي، شاهد ٻرڙو لکيو ته سنڌ ۾ مسئلا ئي مسئلا آھن ڪھڙا ڪھڙا ٻڌايون، دليپ آزاد لکيو ته وڏي ۾ وڏو مسئلو ڪاپي ڪلچر ۽ ميرٽ جي لتاڙ آهي، قلندر مري، محمد خالد ميمڻ، قادر شر، يوسف جميل، مير محمد ٽالپر، ذاڪر گلشير، نور عمراڻي، ڪامران حميد بلوچ، منظر عباس وسطڙو، وزير احمد، شهمير جمالي، محبوب علي، سائين بخش پنهور، مشهور ميمڻ، راشد جمالي، عالم مصطفيٰ شاهه، يعقوب نهڙي، ڪمال اوٺو، ڪامل نهڙيو، ارمان الهداد ڪنڀر، فياض سنڌي، ميراڻي قدير، عرفان جروار، ممتاز علي ڪلهوڙو، شڪيل احمد، شيراز تنيو، سڪندر گلاب، راشد مجيد چوهاڻ، قربان عالياڻي، ڌنيش سنڌي، حر محمد وارث خان، شاهد حسين، شنڪر لال، مدن گوپال، خاموش خليل شر، مظهر علي ٻجورو، عبدالمجيد ملان، ممتاز علي مهر، جاويد مريد نهڙيو، محمد ميرڻ جکيراڻي، غلام محمد، امام بخش، سيد امام ڏنو شاهه، امر لال، ايم حسن لغاري، ساجد اقبال کوسو، احسان عيسيٰ، عبدالمنان، دادالله بلوچ، يوسف رند، ممتاز علي سميجو، موهن لال، محمد علي، ياسر عزيز، راشد علي، سردار مظهر گورچاڻي، مسرور عالم، ماجد خان ٻگهيو، اويس خاصخيلي، سنڌي ذيشان خاصخيلي، سجاد لغاري، سليم اختر، الهڏنو راهمون، رياض حسين سنڌي، شاهد بلوچ، سردار سولنگي، مير چنڊ اوڏ، نارائڻ سنڌي، مير ممتاز لنڊ، شاهجهان جوڻيجو، عبدالله کوسو، عبدالحميد مگسي، اعجاز سومرو، رميش ڪمار، پرکو ايسر ڀيل، راجو ٺڪر، غلام علي ٻجورو، ساگر، محمد سليم آريسر، دلبر سنڌي، شيوارام سکاڻي، پرکو مل، فاروق احمد، غلام حسين ڀٽي، رياض حسين سنڌي، مظهر علي جعفري، احسان مهر، راجا بشير، احسان عيسيٰ، حنيف رضا بلوچ، وشال رٻاري، شان علي، عبدالوحيد مگسي، محمد اسلم، محمد حسين بلوچ، رياض بروهي، جانب ڪٽوهر، عمران چاچڙ، يوسف شر، ارشاد علي شر، اسد ڀٽو، آصف جمالي، عبدالوحيد چنا، گل محمد سومرو، نعمت الله سومرو، محمد ابراهيم لغاري، رضوان علي، کيمچند پرمار، الله بچايو جمالي، عبدالغفور ساريو، واحد بخش نندواڻي، عرفان علي ملاح، ايم صادق مگسي، آصف علي، مسعود چانڊيو، سجاد سومرو، ساگر علي رضا، طارق خان مغيري، علي محمد کوسو، ايم شعيب چانڊيو، غلام نبي مڱريو، ملڪ اياز، سروري غلام نبي سومرو، حافظ راڄپر، ظفر راڄپر، محمد حسين، امتياز لغاري، آصف ٽالپر، محمد رفيق، حاجي خان ڀٽي، عضمت علي، جاويد جمالي، غلام مصطفيٰ ٿهيم، مشتاق جج، شاهد علي آريسر، غالب ڪلوڙ، اشوڪ سمراٺ، مير شاهه محمد بلوچ، محمد امين، جبار لاکو، ولي الله جمالي، علي نظاماڻي، حاڪم شورو، عبدالغفور سروهي، ساگر سعيد، سلمان سومرو، اڪبر علي بجير، رياض جکراڻي، ملهار عمرڪوٽي، سنڌي قربان، عزير چنا، سيد جلال شاهه، عزيز گهانگهرو، ظهير خان، افتخار باجڪاڻي، محمد امين هالو، اي وحِيد، جاويد اسد، فدا حسين، محمد فرخ، فيرو جوڻيجو، عبدالستار ڳاهو، ايڊووڪيٽ علي درس، نصرالله خاصخيلي، محمد فياض وساڻ، دانش سيال، حنيف جوڻيجو، مهراڻ کوسو، خيرمحمد، ذوالقرنين لنڊ، جي ايس ٻٽڙا، ايم رحيم انڙ ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.