عادلپور کان لاکو لنجاري روڊ کي مڪمل ڪريو!

 

عادلپور کان لاکو لنجاري روڊ گذريل ڪيترن ئي سالن کان اکڙيل ۽ تباهه ٿيل هو جنهن جي اڏاوت لاءِ علائقي واسين لاڳيتو 5 سال جدوجهد ڪئي ۽ احتجاجي تحريڪ هلائي، نتيجي ۾ سرڪار هن روڊ جو ٽينڊر پاس ڪيو، هينئر روڊ جو ڪم پنهنجي آخري پوائنٽ لاکو لنجاري تي پهچي ناهي سگهيو، جنهن جو مرمتي ڪم ڳوٺ اسماعيل مهر تائين ڪيو ويو آهي، اڳتي تقريبن 4 ڪلوميٽر روڊ ناهي ٺاهيو ويو، جنهن ڪري علائقي واسين ۾ بيچيني پکڙيل آهي ۽ هنن روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي. علائقي واسين پاران گهوٽڪي ضلعي جي اعليٰ اختيارن ۽ چونڊيل نمائندن کان گهر ڪئي وئي آهي ته اسماعيل مهر کان لاکو لنجاري تائين روڊ جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي ۽ يوسي صالح مهر جي 30 ڳوٺن کي نظرانداز ڪرڻ بند ڪيو وڃي ۽ يوسي صالح مهر جي سمورن ڳوٺن کي روڊ سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيو وڃن.

 

ذاڪر حسين مهر/ ڳوٺ عارب مهر، گھوٽڪي

 

بھترين تعليمي لاءِ ساراھ جوڳو قدم!

 

تعليم سان معاشري ۾ تبديلي ۽ نواڻ ايندي آهي، تعليم ۾ سڌارا آڻڻ جي سخت ضرورت آھي، گھڻي وقت کان ٻه اھم ڪمپلسري سبجيڪٽ اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊي 50 مارڪن جا ھئا. سنڌ حڪومت ھڪ ڪاميٽي جوڙي، جنهن پاڪستان اسٽڊي ۽ اسلاميات سميت مڙني سبجيڪٽن جا نمبر وڌائي 100 نمبر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي جنھن جو ڪاميٽيءَ نوٽيفيڪيشن به ڪڍيو آھي، ھي نوٽيفڪيشن اسڪول، ڪاليج ۾ ۽ بورڊن ڏانھن جلد موڪليو وڃي جيئن ھن ئي سال امتحانن ۾ ان تي عمل  ٿي سگھي. ھن ساراهه جوڳي قدم سان شاگردن ۾ ٻنھي سبجيڪٽس کي پڙھڻ ۾ دلچسپي به وڌندي جڏھن ته پاڪستان اسٽڊي ۽ اسلاميات چٽا ڀيٽيءَ واري امتحانن دوران ڪاليجن ۾ داخلا، يونيورسٽين ۾ داخلا، سي ايس ايس جي امتحان ۾ اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊي پاڪستان افيئرس انڊوپاڪ تاريخ جا مڙڻي ٽيسٽن ۾ سوال ڏنا ويندا آھن پر ڪاليجن ۽ اسڪول ۾ سائنس جي سبجيڪٽن تي گھڻو ڌيان ڏياريو ويندو آھي، جيتوڻيڪ سڀئي سبجيڪٽس تمام اھم ۽ ضروري ھوندا آھن، پنھنجي ملڪ جي بابت ڄاڻ ته ملڪ ۾ ڇا پيو ٿئي؟ ملڪ جي جاگرافي، تاريخ بابت ۽ اسلاميات بابت ڄاڻ به حاصل ڪرڻ لاءِ ٻئي سبجيڪٽ پڙھڻ گھرجن. ھن وقت ڪاليجن ۾ شاگردن کي ڪيئر ڪائونسلنگ جي سخت ضرورت آھي، ڪاليجن ۾ آرٽ جي سبجيڪٽن تي ڌيان نه ھجڻ ڪري شاگرد چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن م رھجي وڃن ٿا. سنڌ حڪومت ڪاليج ايجوڪيشن جي کنيل قدمن جن ۾ 11ھين جو نصاب تبديل ٿيڻ ۽ اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊي جا نمبر وڌائي شاگردن ۾ انھن سبجيڪٽس پڙھڻ ڏانھن مائل ڪرڻ ھڪ تعريف جوڳو قدم آھي، اميد ته جيڪي به تعليمي ادارن تعليم ۾ جھول آھن، تعليم کي بھتر تبديلي جون ضرورتون آھن، لاڳاپيل عملدار ۽ ڊپارٽمينٽ ضرور وقت بوقت ۽ تعليم جو وزير غور ويچار ڪري تعليم جي معيار ۾ بھتري آڻيندو، تڏھن ئي سنڌ جي ليٽريسي ريشو ۾ اضافو ٿيندو .

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

غير رجسٽرڊ سرن جا بٺا ۽ ڪوئلي جا ڪپا بند ڪرايو!

 

ڪلوئي ويجهو ونگو پتڻ، بلوچ آباد، ستون ميل، ڪاجهر ۽ ٻين مختلف ڳوٺن ۾ سرن جي بٺن ۽ ڪوئلي جي ڪپن جو رحجان وڌي ويو آهي، علائقي واسي سرن جي بٺن، ڪوئلي جي ڪپن جي دونهين، دز ٿيڻ سبب مختلف علائقن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو کنگھ، ٽي بي، مليريا، ڪورونا جهڙي موذي مرضن ۾ وڪوڙيل آهن جڏهن ته بٺن ۽ ڪوئلي جي ڪپن مان نڪرندڙ دونهين آسپاس جا سفر ڪندڙ مسافر به پريشان آهن، علائقي واسي ڳوٺاڻا ۽ مسافرن جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، بٺن تي ڪم ڪندڙ غريبن، مزدورن کان بٺا مالڪ بااثر هئڻ سبب ڏينهن رات جبري پورهيو ڪرائين ٿا. ان سلسلي ۾ ڪجھ مهينا اڳ ٿر جي انساني حقن جي تنظيم ڪوئلي جي ڪپن ۽ غير رجسٽرڊ سرن جي بٺن خلاف اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته سرن جي بٺن ۽ ڪوئلي جي ڪپن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري بٺا ۽ ڪپا بند ڪيا وڃن پر غريب مزدورن کان جبري پورهيو ڪرائيندڙ بٺا مالڪن خلاف ڪارروائي گذريل ڪيترن ئي سالن کان نه ٿي سگهي آهي. ونگو پتڻ، بلوچ آباد، ڪاجهر ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوئلي جي ڪپن جي آلودگي سبب ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود آهن، ڪافي ماڻهو آلودگي سبب مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. اسان پنهنجي اخبار جي چٺي وسيلي ايس ايس پي ٿرپارڪر، ڊي آءِ جي ميرپورخاص، آءِ جي سنڌ کان پر زور اپيل ڪيون ٿا ته غير رجسٽرڊ سرن جا بٺا ۽ ڪوئلي جي ڪپن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري فوري طور تي بند ڪرايا وڃن، جيئن ماحول ۾ ايندڙ ويندڙ مسافر، علائقي واسي ڳوٺاڻا پنهنجي زندگي سک سان گذاري سگهن ۽ خطرناڪ بيمارين کان بچي سگهن.

 

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

 

آءِ جي سنڌ جو ايس ايس پيز کي پابند بنائڻ!

 

آءِ جي سنڌ چارج وٺي ڪم شروع ڪيو ته ان ڪجھ نقاطي ايجنڊا جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ هر قسم جي ڏوهن جي خاتمي ۽ منشيات خلاف جهاد جو اعلان هو، جنهن هر ضلعي جي ايس ايس پي کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو ته جيڪي ڪيس بڻايو انهن جي سڌو سنئون نگراني ضلعي جو ڪمانڊر پاڻ ڪندو ۽ ان جو پوئواري ڪري آءِ جي آفيس کي موڪليندو. آءِ جي، ايس ايس پيز جي تعريف ڪندي اهو به چيو ته اوهان وٽ جيڪي ڪيس جوڙيا پيا وڃن اهي ماضي جي مقابلي ۾ بهتر آهن. پوليس ۾ اصلاحن جي ضرورت آهي. اڪثر پوليس جي ضلعي ڪمانڊر نه ڏٺو آهي ته پوليس طرفان توڙي جو بهتر انداز ۾ ڪيس بڻايا ويندا آهن پر تڏهن به عدالتن ۾ جوابدارن طرفان وڏيون فيون ڀري پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪيل وڪيل منشيات جي ڪيسن ۾ وڏي صاف طريقي سان جوابدار جو بچاءُ ڪري کين ڪيسن مان ٻاهر ڪڍي ويندا آهن. تنهن لاءِ ايس ايس پي سعود مگسي جو پنهنجي پوليس چيف کي ٻڌايو ته اسين ڏٺو ته منشيات خلاف جيڪي ڪيس بڻاياسين ۽ اهي چالان به ڪيا بعد ۾ انهن بابت پتو پيو ته گهڻن ڪيسن ۾ جوابدار عدالت مان آزاد ٿي وري ساڳي پراڻي ڌندي ۾ لڳي وڃن ٿا. وري پوليس جو ڏوهي پڪڙڻ لاءِ نانگ ۽ ڏاڪڻ جي راند شروع ٿيو وڃي. اسان جي گهڻن ٿاڻن تي ايس ايچ او رڳو ان ڪري تبديل ڪيا ويا ته اهي منشيات نيلامي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيا. سنڌ پوليس ۾ هن وقت سٺا پوليس گروپ جا ڪميشنڊ آفيسر پنهنجي پنهنجي ضلعي هيڊڪوارٽرز تي پوسٽنگ تي ويٺل آهن جيڪي پنهنجي کاتي لاءِ پنهنجو ڪم بهتر طور ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهن ٿا. هوڏانهن شڪارپور جي ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) فيضان علي منشيات خلاف رڪارڊ ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن ۾ چرس جي وڏي کيپ ڪراچي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي جيڪا ڳالهه ان جي ڪم جي ساراهه آهي. وڌيڪ ته سکر ايس ايس پي به ڏوهن تي ڪنٽرول واسطي پنهنجي حصي ۾ رڪارڊ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ بلڪل پٺتي ناهي، جيڪو سکر ضلعي کي ڏوههن کان پاڪ ڪرڻ ۽ قانون حرڪت ۾ آڻڻ ۽ ڏوهارين جو نيٽ ورڪ ٽوڙڻ لاءِ پرعزم آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

وڏا نالا، وڏا ماڻھو، اڇا اجرا مٺڙي گفتار، اندر جا ڪارا ماڻھو!‎‎

 

ھن دنيا ۾ مون اڪثر وڏا نالا ٻڌا آھن، وڏا ماڻھو ڏٺا آهن، جيڪي منھن جا مٺڙا اھڙا جو جيڪڏهن اوهان سان گڏجن ته پنھنجي لباسي ڏيک ويک مٺڙي گفتار سان اوھان کي پنھنجي پڪڙ ۾ آڻي ڇڏين، اوھان کي ايئن محسوس ٿيندو ته ڄڻ ھي اوهان جا سڄڻ توڙي خيرخواهه آھن پر حقيقت ۾ اھي ماڻھو اوھان کان حال احوال صرف ان لاءِ وٺندا آهن ته ڏسون ته ھي ڇا ٿو سوچي؟ ڇا ٿو ڪرڻ چاھي؟ سندس ڪھڙي مرضي آهي ته جيئن اوھان جي منصوبي، نيڪ صلاح توڙي ڪم ۾ رنڊڪ وجھي سگھن. اوھان کي پنھنجي اصل مقصد کان پوئتي هٽائي سگھن، اوھان جي حوصلا ٽوڙي سگھن، اوھان جي ارادن کي پست ڪري سگھن. انھن کي اوھان سان ڪا ھمدردي نه ھوندي آھي پر ھنن جو ڪم رڳو ايترو ھوندو آھي ته هو اوھان جي ڪم کي ڪيئن تڪميل تائين پھچڻ کان پھرين ناڪام بڻائين ڇو ته انھن ماڻھن جي نظر ۾ سچ وڏو ڏوھاري آھي، ايمانداري گناھ آھي، مخلصي ڪفر آھي، اھڙا ماڻھو توهان کي ھر ھنڌ، ھر ڳوٺ، ھر شھر توڙي ھر اداري جي اندر ملي ويندا، جيڪي رڳو پنھنجي وڏي نالي کي قائم رکڻ لاءِ پنھنجي ڪوڙي انا کي برقرار رکڻ لاءِ پنھنجو اثر رسوخ ڃمائڻ لاءِ ھر هاڪاري سوچ رکندڙ جي پٺيان پنھنجي سازشن جا ڄار اڇلائيندا آھن ۽ مون چڱن ڀلن ماڻھن کي خاص طور پاڻ کي سياسي، سماجي ڪارڪن سڏرائيندڙن کي پنھنجي ويجھن دوستن کي انھن جو ساٿاري ٿيندي ڏٺو آهي. تنھنڪري پنھنجي چؤطرف موجود اجرن لھجن، مٺڙن ماڻھن کان ھوشيار رھو ڇو ته اڪثر ڪري اھڙا ماڻھو اندر جا ڪارا ھوندا آھن.

 

محمد رضا خاصخيلي/ڳوٺ حسين آباد، ڪوٽڏجي

 

نياز امام جعفر صادق عليه السلام!

 

اسلامي رجب جو  مھينو خوشين ۽ برڪتن وارو مھينو آھي، ھن مھيني جون ڪيتريون ئي فضيلتون آھن، خاص ڪري 13 رجب مولا علي عليه السلام جي ڪعبه ۾ آمد ۽ ٻين حضور سائين جي اھلبيت ۽ پاڪ جي ھستين جي آمد واري آھي، ان سان گڏوگڏ 27 رجب معراج جي رات جو به الڳ شان آھي، اسان کي ڪيتريون ئي خوشيون ھن مھيني ۾ مليون آھن. انھن مان 22 رجب به ھڪ آھي جيڪا نياز امام جعفر صادق عه سان منسوب آھي، جنھن کي اسان ڪونڊن جو نياز چوندا آھيون، ڇو ته ھي نياز ڪونڊن ۾ ورھايو ويندو آهي. ھن نياز جي فضيلت خود امام جعفر صادق عه جن بيان ڪئي آھي، امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائين ٿا ته “جيڪو به ھي نياز سٺي نيت سان ٺاھي ٻين کي کارائيندو، رب پاڪ ان جي روزي ۽ رزق ۾ ايتري ته برڪت ڏيندو جو ھو حيران ٿي ويندو.” اھڙيءَ طرح ھي نياز عصر جي وقت نماز کان پوءِ ڪيو ويندو آھي، جنھن ۾ حلوو پوريون، ڇولا، کيرڻي، مٺيوڻ ٽڪيون ۽ ٻيون مٺايون ڪونڊن ۾ وجھي ھر گھر ۾ ورھايون وينديون آھن، ھي نياز ڪافي پراڻي دور کان ٿيندو پيو اچي .

 

ثقلين حيدر/ رتوديرو

 

ملڪ ۾ وڌندڙ زيادتين جا واقعا!‎‎

 

سڄي ملڪ ۾ زيادتيءَ جي ڪيسن جي وڌندڙ انگ هڪ بحث کي جنم ڏنو آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم پاڪستان کي جنسي برابري جي لحاظ کان بدترين ملڪ قرار ڏنو آهي. عورتن جي ريپ جا ڪيس وڌي رھيا آھن ۽ سزا جي شرح 0.2 سيڪڙو تي آهي. لڳ ڀڳ 12 عورتن سان سڄي ملڪ ۾ روزانون ريپ ڪيو وڃي ٿو، اھي رڳو ظاھر ڪيس آھن ان کا سواءِ ڪيترا ئي لڪل ڪيس ھوندا جيڪي سماجي بدنامي ۽ انتقامي تشدد جي ڊپ کان رپورٽ نه ڪيا ويا آهن. ڊيٽا موجب 2017ع ۾ ريپ جا ڪجهه 3.327 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، 2018ع ۾ 4.456 ڪيس، 2019ع ۾ 4.573، 2020ع ۾ 4.478 ڪيس، 2021ع ۾ 5.169 ڪيس ۽ 2022ع ۾ 3122 زيادتين جا واقعا ملڪ ۾ ظاھر ٿيا. آگاهيءَ جي کوٽ ان مسئلي خلاف آواز اٿارڻ ۾ بنيادي رنڊڪ بڻيل آهي ڇو ته ٻارن کي ان بابت ڪا ڄاڻ ناھي. انساني حقن ۽ جنسي تعليم بابت نصاب ۾ ڪجھ ھدايتون شامل ڪيون وڃن ۽ هڪ الڳ موضوع متعارف ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻارن کي تعليم ڏني وڃي ته جيئن اھي انساني حقن کي سمجھي سگھن ۽ ڪيئن پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين خلاف آواز اٿارين يا گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي والدين کي آگاھي ڏين. عوام جيڪو انساني حقن جي بنيادي تعليم کان محروم آهي. قانون جي مناسب نفاذ ۽ جوابدارن لاءِ مناسب ڪارروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ ريپ جو شڪار ٿيندڙن کي انصاف نٿو ملي. ڏوهاري اطمينان سان زيادتي ڪري ٿو، ڇو ته انھن کي خبر آهي ته هو قانوني ڪارروائي مان بچي ويندا ۽ معافي وٺي پنھنجي جان ڇڏائيندا. پارليامينٽرين، سرڪاري، غير سرڪاري تنظيمون، جنسي حقن جي ڪارڪنن ۽ نوجوانن کي گھرجي ته زور شور سان مهم هلائن ته جيئن ريپ جي مسئلي کي رياست جي اوليتي مسئلن جي دائري ۾ آڻي سگهجي پر ڇا عدالتي نظام ۽ پوليس جو ھلندڙ نظام ان عمل کي روڪڻ لاءِ پنھنجي ڪردار کي ادا ڪندو؟

 

سمير ساگر قريشي/حيدرآباد

پنوعاقل واقعي جو نوٽيس وٺو!

 

استاد جي پيغمبري پيشي ۾ به هاڻي اهڙا ڪيترائي ڪردار سامهون اچي رهيا آهن جن جي ڪارنامن ڪري هن پڙهڻ ۽ سکڻ جي پاڪ حلال رزق تي به سوال اٿاريا پيا وڃن. سنڌ ۾ تعيلم جي ڪرندڙ معيارن مان ٻيا ڀلي ڪيترائي سبب هجن پر اهم ترين سبب انتظامي معاملن ۾ سياسي ۽ اثر تي وڏيون پوسٽون حاصل ڪرڻ به آهي، سڻڀين ۽ مال وارين پوسٽن تي آفيسر شاھي جي بدلين جو ته ٻڌندا هئاسين پر ھاڻ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي استاد سميت هنن جي سربراهن به ان روايت تي ھلڻ شروع ڪيو آهي. هڪ هيڊ ماستر ٻي هيڊ ماستر کي ھٽائي پاڻ ان ڪرسي تي ويھڻ جا جيڪي جتن، وسيلا ۽ هيلا هلائي ٿو اهي به ڏسڻ وٺان هوندا آهن، ھڪ پروفيسر، استاد پئسا ڏئي ٻئي استاد کي ھٽائي سندس جاءِ تي بدلي ٿي اچي ٿو، جيڪو عمل غلط ۽ مذمت جوگو آھي، اهڙا ڪيترائي واقعا روز جو معمول بڻجندا پيا وڃن. تازو هڪ واقعو سوشل ميڊيا تي نظر آيو ته پنوعاقل جي هڪ هاءِ اسڪول جي هيڊماستر بدلي ٿيڻ باوجود به چارج ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اهو به 17 هين گريڊ ۾ هوندي وري 19 هين گريڊ جي هيڊماستر جي پوسٽ تي ويٺل آهي، جيڪا سراسر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ سان گڏ قانوني طور ڏوهه پڻ آهي، سياسي ۽ سماجي اثر رکندڙ اهڙن شخصن جو وري اتي جي اسٽاف سان به ڪو سٺو رويو ناهي هوندو، جنهن سبب وقت بوقت ڪافي مسئلن کي منهڻ ڏيڻو پوندو آهي. اسان جي وزير تعليم سنڌ، سيڪريٽري تعليم، ڊي اي او سکر ۽ ٽي اي او پنوعاقل سميت هاءِ اسڪول جي استاد تنظيمن کي اپيل آهي ته اهڙن معاملن جو نوٽيس وٺن جيئن اهڙا مئسلا جلد حل ٿين ۽ مستقبل ۾ اھڙن معاملانن تي نظر رکن. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته هنن 19 هين گريڊ جي پوسٽ تي ويٺل 17 هين گريڊ جي هيڊماسترن کي جلد هٽائي ڪورٽ سگوريءَ جي حڪم تي عمل ڪرايو وڃي.

 

غضنفر سولنگي/ ايڊووڪيٽ، ھاءِ ڪورٽ سکر

ميرپورخاص لاءِ سرڪاري يونيورسٽي پرائيويٽ ۾ تبديل؟

 

ميرپورخاص ۾ قائم سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس کي مڪمل يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءَ پيش ڪيا ويا پر ميرپورخاص سنڌ جي واحد ڊويزن آهي جتي پاڪستان ٺهڻ جي 73 سالن بعد به مڪمل يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ نه اچي سگهيو آهي، سمورن اعلانن ۽  دعوائن باوجود سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ ڪو به عملي قدم نه کڻي سگهي آهي. پاڪستان جي آئين موجب هر شهريءَ کي تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي اولين ذميواري آهي، ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ  2014ع ۾ اها تحريڪ باضابطا طور تي شروع ڪئي وئي هئي، جنهن سان گڏ ميرپورخاص ۾ اعليٰ تعليم جي فراهميءَ جو بنيادي مقصد 2017ع ۾ ڊويزنل هيڊڪوارٽر ميرپورخاص ۾ يوٿ اسمبليءَ جو اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين نه رڳو ڀرپور شرڪت ڪئي پر گڏيل طور ميرپورخاص ڊويزن جي عوام کان راءِ پڻ ورتي. ميرپورخاص ۾ يونيورسٽيءَ جي قيام جي منظوري لاءِ عوامي ريفرنڊم جي  مهم به شروع ڪئي وئي، هزارين ماڻهن ميرپورخاص ۾ يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ نه رڳو حمايت ڪئي پر هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي لکت ۾ يادداشت پيش ڪئي وئي، ميرپورخاص ۾ ٿيل هڪ کليل ڪچهري ۾ صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو يقين به ڏياريو هو پر ميرپورخاص ڊويزن جو عوام سستي معياري تعليم جي سهوليت حاصل نه ڪري سگهيو. سياست، سفارشي ڪلچر خاطر سرڪاري يويورسٽيءَ کي پرائيويٽ محمد ميڊيڪل ڪاليج کي ابن سينا يونيورسٽي بڻايو ويو آهي، جتي ملڪ جي ٻين صوبن خيبر پختونخواهه، پنجاب ۽ بلوچستان جي سرمائيدارن جا ٻار لکين رپين جون فيون ڀري داخلا وٺن ٿا ۽ هتي غريبن جا ٻار ڪيترا به هوشيار ڇو نه هجن لکين رپيا في ڀرڻ کان سواءِ داخلا وٺي نٿا سگهن پر هتي ڏک ۽ افسوس صرف اهو آهي ته سنڌ جو عوام ڪنهن کي دانهن ڏئي؟ پيپلز پارٽي جا ڪجهه  قدم پارٽي ۽ عوام جي مجموعي مفادن خلاف  آهن، جنهن سان عوام ۾ مايوسي پکڙجي رهي آهي، انهن تي پيپلزپارٽي جي قيادت کي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي ۽ ميرپورخاص ۾ سنڌ يويورسٽي ڪئمپس کي مڪمل يونيورسٽي بڻايو وڃي، جيئن غريبن جا ٻار به تعليم حاصل ڪري سگهن.

 

شير محمد ملڪاڻي/ ميرپورخاص

ثقافت ۽ ورثي جي حفاظت جي اهميت!

 

تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ اسان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي پاڙن کي قائم رکون ۽ ان نرالي ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪريون جيڪو اسان کي سڃاڻپ ڏئي ٿو. اسان وٽ سنڌين جي حيثيت ۾ شاهوڪار ۽ ڊائيورس تاريخ آهي، جيڪا روايتن ۽ رسمن سان ڀريل آهي، جيڪي نسل در نسل منتقل ٿيندي پئي اچي، اها اسان جي ذميواري آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته نواڻ ۽ گلوبلائيزيشن جي اچڻ ڪري اهي خزانا ختم نه ٿين. مثال طور سنڌي ٻولي اسان جي ثقافتي سڃاڻپ جو هڪ اهم رخ آهي. اهو اسان جي تاريخ ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي زندگيءَ جي هڪ دري آهي. سنڌي سکڻ ۽ ڳالهائڻ سان اسان نه رڳو پنهنجي ٻوليءَ کي زندهه رکون ٿا پر پنهنجي ورثي ۽ روايتن سان به ڳنڍجي سگهون ٿا. اهڙي ريت اسان جا ڏڻ، جهڙوڪ چيٽي، چنڊ ۽ هولي، اسان جي شاندار ثقافتي ورثي جو ثبوت آهن ۽ اسان کي هڪ ڪميونٽي جي حيثيت ۾ گڏ ٿيڻ ۽ اسان جي روايتن کي ملهائڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. انهن ڏڻن کي محفوظ رکڻ ۽ انهن کي ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ سان اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ٿا ته اسان جو ثقافتي ورثو زندهه ۽ متحرڪ رهندو. نتيجي ۾ اسان جي ثقافت ۽ ورثي کي محفوظ ڪرڻ رڳو ماضي کي بچائڻ بابت ناهي پر اهو مستقبل جي شڪل ڏيڻ بابت پڻ آهي. پنهنجي ثقافتي ورثي کي هٿي وٺرائڻ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ سان اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ٿا ته سنڌي ماڻهن جون نراليون روايتون ۽ رسمون ايندڙ نسلن تائين برقرار رهنديون. ان ڪري اچو ته پنهنجي ثقافتي ورثي کي ملهائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪريون.

 

محمد آصف/مسلم ٽائون، لاهور