وڏيرو هوندين ته پنهنجي لاءِ!

نعريبازي هر دور ۾ هڪ سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي، احتجاجي مظاهرا هجن يا سياسي جلسه، مطالبو هجي يا آزادي لاءِ جنگ هر نعري جو پنهنجو مقصد ۽ اهميت هوندي آهي ۽ دنيا تائين پيغام پهچائڻ لاءِ به نعريبازي جو ئي استعمال ڪيو ويندو آهي هن ڪري اسان سوچيو ته ڇو نه ڀلا سنڌ ۾ سرداري وڏيرڪو ۽ جاگيرداري نظام ختم ڪرڻ لاءِ ڇو نه ڪو سلوگن ٺاهيجي هن هڪ نعري سان سنڌ ۾ رهندڙن باشعور ماڻهن کي هن سرداري ڀوتاري وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام مان آزادي ڏياري آزاد جيئن جو حق ڏياريون انهن کي ٻڌايو وڃي ته اهي به هن ڌرتيءَ تي آزاد خلق ٿيل آهن انهن کي به پنهنجي مرضيءَ موجب جيئن جو حق آهي، اهي به پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهن ٿا ته پوءِ ڇو نه هن نعري کي هر هنڌ هر گاڏي تي هر سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي لکي ڇڏيون ته اچو ته گڏجي هڪ نعرو بلند ڪيون “وڏيرو هوندي ته پنهنجي لاءِ.”

ناظم علي/ڪنڊيارو

ميھڙ جي تاريخي عمارتن جي مرمت ڪرايو!

ميھڙ شھر ۾ ورھاڱي کان اڳ 1912ع کان پوءِ ٺھيل سرڪاري آفيسن، ايريگيشن آفيس، سب رجسٽرار آفيس، روڊس آفيس، ايگريڪلچر آفيس، تعليم کاتي پرائمري ۽ سيڪنڊري آفيس، جانورن جي اسپتال، تعلقي اسپتال ميھڙ جي ملازمن جا رھائشي ڪواٽر، پوليس کاتي جا 50 کان وڌيڪ ڪواٽر، ميھڙ تعلقي جي يونين ڪائونسلن جون آفيسن جون عمارتون زبون حال ٿي ويون آھن،

گھڻي عرصي کان انھن تاريخي ۽ قديمي عمارتن جي مرمت نه ٿيڻ سبب قديمي عمارتون ڊھڻ شروع ٿي ويون آھن، انھن مان ڪيترن ئي آفيسن ۽ عمارتن جو سامان پڻ گم ڪيو ويو آھي. ھوڏانھن آبپاشي کاتي پاران جوڙايل ايس ڊي او آبپاشي جو بنگلو، ايريگيشن کاتي جي آفيس ۽ ايريگيشن جي پلاٽن توڙي ايريگيشن جي ريسٽ ھائوس، اريگيشن کاتي جي روينيو توڙي بلبل چوڪ ڀرسان جوڙايل آفيس، پوليس کاتي جي عملدارن جي رھائش لاءِ جوڙايل ڪيترن ئي ڪواٽرن، اسسٽنٽ مختيارڪار جي رھائش لاءِ جوڙايل بنگلو، روينيو آفيسرن جي بنگلن ۽ تپيدارن جي ڪوارٽرن، تعلقي اسپتال ميھڙ جي رھائشي ڪواٽرن، جانورن جي اسپتال ۾ موجود ڪواٽرن، روينيو، اوقاف کاتي جي ٺھيل پراڻين عمارتن تي پڻ مختلف بااثر ڌرين پاران غيرقانوني طور رجسٽريون ڄاڻائي قبضا ڪري ڇڏيا آھن، جڏھن ته پراڻي ڊي ايس پي آفيس ۽ خالي پيل پوليس گرائونڊ جي پلاٽ، روينيو، اوقاف کاتي، سبزي پڙي، مال پڙي، گوشت مارڪيٽ، مڇي مارڪيٽ ۽ ميھڙ جي مختلف بازارن مين روڊ، وي آءِ پي روڊ، راڌڻ روڊ، بس اسٽينڊ، مسافر کاني ۽ شھر جي مختلف علائقن ۾ کالي پيل پلاٽن تي قبضن جو سلسلو رڪجي ناهي سگھيو، عدالتي حڪمن باوجود قبضن جي خاتمي لاءِ انتظاميا ڪو تحرڪ نه ورتو آھي.

عبدالرحمن قمبراڻي/ ميھڙ

اي ڊسمبر توکي الوداع!

سال ٻه هزار ٻاويهه ايئن گذري ويو جيئن ڌرتيءَ تان ڪئين قافلا، ڪئين اڳواڻ، ڪئين غلام۽ ڪئين نظرياتي ڪاروان گذري چُڪا آهن، هر ويندڙ سال سان اسان کي هزارين گلائون هونديون آهن ته ٻئي پاسي نئين ايندڙ سال مان ڪئين آسون ۽ اميدون پاڻمرادو وابستا ٿي وينديو آهن، اسان “سالن” سان ئي شڪوا ۽ گلائون به ڪيون ۽ وري “سالن” مان ئي اميديون به وابستا رهيون، اسان پنهنجي پاڻ کي ڪهڙي پاسي تي رکيو؟ اسان پنهنجي وجود جي اڳواڻي کي تسليم ڪيو؟ نه بلڪل  نه، اسان وقت سان گڏ هلڻ لڳاسين، جتان هوا جو جھوٽو آيو ان پاسي جو رُخ ڪيوسين. پنهنجي پاڻ کي ايترو به قابل نه بڻائي سگهياسين جو وقت کي قابو ڪري سگهون، وقت سان گڏ ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي ڪائنات جي رازن کي پرکي سگھون، جيڪڏهن اسان وقت کي سهڻي ريت اُڪيرڻ جي طاقت نٿا رکون ته هڪ ڏينهن اسان به ڪنهن سال جي ان ميسارجي وينداسين! آءُ مخاطب آهيان سنڌ جي جوانن سان! سنڌ جي نياڻين سان! سنڌ جي والدين سان! سنڌ جي اُستادن سان. سنڌ جي هارين سان ۽ سنڌ جي پورهيتن سان، هر نئون سال ڪجهه به نئون نه کڻي ايندو آهي، انساني جدوجهدن، سوچن، لوچن، فڪرن ۽ فلسفن ئي سالن ۾ نواڻ ۽ لاها چاڙها پيدا ڪيا آهن، جيڪي ڪردار تاريخ ۾ امر بڻجن ٿا اُھي سڀ اسان مان ئي آهن، نئين سال جي رٿابندي، نئين سوچ سان ڪريو، ڪاميابيءَ لاءَ پهريو شرط پنهنجي پاڻ سان ملاقات آهي، پاڻ کي پرکيو، ڪتاب سان گڏ جديد ٽيڪنالوجيز مان فائدو حاصل ڪري سنڌ کي اُها عزت بخشيو جنهن جي اها حقدار آهي، جنهن ڌرتيءَ سان اسان جا روح وابستا آهن، ان جو نالو روشن ڪندڙ ڪردار اڄ به سنڌ جي لاءِ باعث فخر آهن. ڌرتي هر نئين ڏينهن انهن ڪردارن جا داستان ٻين کي وڏي مسرت سان ٻڌائي ٿي، ته پوءَ اچو ته سال کي پنهنجن سُهڻن عملن سبب نئون نڪور ڪريون. نواڻ پيدا ڪريون هر ذهن ۾، هر سوچ ۾، هر فڪر ۾، هر لفظ ۾ کوڙ سارين اُميدن سان الوداع ڪريون، هن ڊسمبر کي جنهن جي اچڻ کان اڳ ۽ پوءَ ڪاميابي سان ڀريل راهون اسان جون واٽون نهاري رهيون آهن.

نفيس فاطمه جعفري/ملير، ڪراچي

سنڌ ۾ وڌندڙ وحشت جا واقعا!

سنڌ ۾ وحشيت جي واقعن ۾ ڏينھون  ڏينھن واڌ اچي رهي آهي، ڪڏھن ماڻھن جي ھجوم ھٿان ماڻھو سرين سان ۽ بلاڪن سان چٿي ماريا پيا وڃن، ته ڪٿي هجوم پاران کين لتون مڪون ۽ لٺيون هڻي ماريو پيو وڃي. ڪائنات جي ابتداءَ کان وٺي ھيل تائين ھن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪروڙين قھر ٿيندا آيا آھن، ھي انساني آزار نوان ناھن، چوڻي آھي ته انسان جي مٽي ڳوھڻ واري وقت چڱائيءَ واري چاڻي ۾ ڪو شيطاني رتوبت وارو رت به رلي ملي ويو ھو، جنھن ڪري انسان ۾ وحشت سفاڪيت به شامل رھندي اچي پئي، ان ڪري وحشت جا واقعا نت نون طريقن سان سامھون اچي رھيا آھن. تازو ئي انسانيت سوز واقعي سنجھورو لڳ پيش آھي، سنجھوري لڳ گاھ تي ويل بيواھ عورت ديا ڀيل کي اگھاڙو ڪري سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري، ڇاتي وڍي ۽ سسي جي کل لاٿي وئي! اھو آھي اَڄ جو انسان، جيڪو وحشت ۾ جانورن کان به وڌيڪ وحشي بڻجي ويو آهي. ان واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گھٽ آھي، ھن دور جو انسان ايترو ته وحشي بڻجي ويو آھي جو ھڪ انسان جو قتل ڪري ۽ ان جي لاش جي تذليل ڪري لاش جا سڀئي عضوا ڪپي ۽ نازڪ عضون جي بيحرمتي ڪئي پئي وڃي. لڳي ٿو ته انسان مان انسانيت موڪلائي وئي ھجي، انسان ھڪ وحشي جانور بڻجي ويو ھجي، اھڙا واقعا پيش اچن ٿا. اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ موجوده حڪمرانن کان مطالبو ٿا ڪريون ته هن مقتول بيوه عورت ديا ڀيل جي خون جو نوٽيس وٺي انهن ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان، غريب طبقي جو ڇا ٿيندو؟

موجوده اتحادي حڪومت طرفان عمران سرڪار کي ختم ڪري ملڪ جون واڳون سنڀالڻ کان پوءِ عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن مان هڪ به پورو نه ٿي سگهيو آهي، ايتري حد تائين جو ملڪ جو هن وقت ڏيوالو نڪري چُڪو آهي. ملڪ جون سنگين سياسي، معاشي حالتون اهو ٻُڌائن ٿيون ته هي بُحران ناقص حڪمراني جا نتيجا آهن، جيڪي هن وقت عوام جي زندگين ۽ ملڪ جي بهتري ۽ مضبوط مستحڪم معيشت لاءِ سازگار ناهن. هن آيل امتحان مان حڪمرانن لاءِ سبق پرائڻ ضروري آهي ته هو ايندڙ وقت لاءِ ڪا جامع پاليسي جوڙين، سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ بجاءِ غريب عوام جو سوچين ۽ هن وقت مهانگائي جو جيڪو بُحران پيدا ٿيو آهي، ان کي معيشت جي بهتري سان نه جوڙيو وڃي، معاشي پاليسي جوڙڻ گهرجن، ٻوڏن سبب هن وقت زراعت بلڪل ختم ٿي وئي آهي، غريبن جي روزگار جا سمورا وسيلا ختم ٿي ويا آھن، ايندڙ وقت ۾َڪڻڪ جو هدف پورو نه ٿيڻ سبب اٽو اڃا به وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪڏھن ملڪ بچائڻو آهي ته آبادگارن، هارين ۽ زراعت جي ترقيءَ ۽ واڌ جي لاءِ وسيلا پيدا ڪيا وڃن، جنهن سان ملڪ ۽ قوم جون معاشي حالتون بهتر ٿي سگهن. حڪمرانن جي سياسي جھيڙي سبب ملڪ جون حالتون ايتري حد تائين خراب ٿي ويون آھن جو اٽو به غريبن کي نٿو ملي. خدارا هن ملڪ سان ويساهه گهاتيون بند ڪري فوري طور تي ملڪ جي غريب عوام جي لاءِ سوچيو وڃي، غريب ڪمائيندو ته ملڪ ترقي ڪندو ٻي صورت ۾ بهتري ڪڏھن به نه اچي سگھندي.

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھ بالا، ڪاڇو

سانگهڙ جي باشعور عوام ديا ڀيل جي خون سان انصاف ڪرائي‎‎!

اڄ ڪلھ جي دور ۾ انسان ۾ انسانيت جي بلڪل ختم ٿي وئي ،آهي انسان ۾ پري پري تائين انسانيت ناهي رهي، ان مان احساس نالي ڪا شيءِ ناهي، مون کي اڳين خبر هئي پر اهو ايتري قدر آهي اهو تازو سنجهوري واري واقعي جي خبر پئي. سنجهوري جي ڳوٺ ڊپٽي ۾ ديا ڀيل نالي هڪ بيواهه کي اهڙو بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي جو يقين مڃو مان انهن قاتلن کي حيوان کان به مٿي ٿو سمجهان. جي هو انسان هجن ها ته ڪنهن کي قتل نه ڪن ها جي هنن ۾ ٿوري به انسانيت هجي ها ته ڪنهن جي لاش جي ايتري بيحرمتي نه ڪن ها. افسوس مون جڏهن ديا جي لاش جا فوٽو فيس بڪ تي ڏٺا تڏهن منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. مون پنهنجي پاڻ کان پڇو ته ڇا اسان اهڙي بيرحم معاشري ۾ رهون ٿا، جتي جيئرن سان ته ويل هجي ٿو پر مرڻ کان پوءِ به انهن جي لاش کي به ڪو نه ٿو بخشيو وڃي؟ جيڪو ديا ڀيل جي لاش جي حالت هئي، اهو رحم دل انسان اکين سان نٿو ڏسي سگهي، سر ڌڙ کان ڌار، مٿي جا وار پٽيا ويا، چمڙي لاٿي وئي، سندس بيحرمتي ڪئي وئي ڇا اهڙو حيوانيت وارو ڪم ڪندڙن کي اسان انسان چونداسين؟ نه بلڪل نه، ڪنهن به قيمت تي نه هو انسان ناهي، انسان اهو آهي جنهن ۾ انسانيت هجي، هن ۾ حيوانيت، وحشت آهي، هن کي اسان جانور يا حيوان چونداسين. هن کي انسان چوڻ انسانيت جي بيعزتي آهي. آخر هن ظالم قاتل کي احساس ڇو نه ٿيو ته مان بيواهه مسڪين کي قتل پيو ڪريان، جيڪا پنهنجي يتيم اولاد جو آخري سهارو آهي. مان ايڏو قهر ڇو پيو ڪريان؟ پر نه اسان ۾ انسانيت موجود ئي ناهي، اهو مان اڳ به لکي چڪو آهيان ته اڄڪلھ جي هن ڪمپيوٽرائيزڊ ماڻهن ۾ انسانيت ناهي. اڄ چٺي جي پڄاڻي تي اميد ڪنداسين ته سانگهڙ ضلعي جي باشعور عوام ديا ڀيل جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ ۾ وارثن سان گڏ هوندو ۽ ايس ايس پي سانگهڙ به پنهنجو فرض نڀائيندي ديا جي وارثن کي انصاف ڏياريندو.

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور