ڪورونا وبا ۽ سنڌ جي تعليم!
ڪورونا وائرس جتي سڄي دنيا کي معاشي طور پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ته ان جا زندگيءَ تي به تمام خراب اثر پيا آهن. سوشل ميڊيا جي گھڻي واهپي جي ڪري هونئن به سڀني ۾ هڪ اڪيلائپ ۽ نفسياتي مونجھارن وارا لاڙا وڌي ويا آهن، هن اڪيلائپ واري صورتحال ۾ ڪورونا جيئن انساني زندگي جي رستا روڪ ڪئي آهي ان جا گھرا اثر هاڻ آهستي آهستي ظاهر ٿي رهيا آهن. اسپتالون هجن، ٿاڻا يا عدالتون، هر هنڌ هاڻي توهان کي نئين اڻڄاڻ خطري واري صورتحال نظر ايندي، جنهن لاءِ هر فرد پنهنجي بقا لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. ڪي ان جو فهم ۽ ڄاڻ رکن ٿا ته ڪي وري اهڙا آهن جن کي ڪا به ڳڻتي ناهي، اهڙا غير ذميوار فرد پاڻ کي هن موتمار وبا جو سولو شڪار بڻائين ٿا، سندن لاپرواهيءَ سبب ٻيا ڪيترائي فرد ان وائرس جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا، پوءِ انهن لاپرواهن لاءِ سرڪاري لٺ ۽ فوج جو گشت ئي موزون آهي، ڪورونا کان بچاءَ لاءِ تجويز ڪيل ايس او پيز تي عمل لاءِ وات ٽڪاڻي جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيس جي شهر ۾ 16 کان 18 سيڪڙو واڌ ٿي، لاڪ ڊائون ئي انهن تي ضابطو آڻي سگھي ٿو. اهڙي غير يقيني صورتحال گذريل پوڻن ٻن سالن کان جاري آهي، ملڪ جا تعليمي ادارا ٻڏتر جو شڪار آهن، پرائمري سطح تي شاگردن کي گھڻين ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اعليٰ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون ڪنهن حد تائين آن لائين ڪلاسز وسيلي شاگردن جي تعليم جو بندوبست ڪن پيون پر آن لائين تعليم بابت سهولتن جي سنڌ ۾ اڻ هوند آهي. ان سلسلي ۾ تجويز آهي ته سرڪار سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولز ۽ لاڪيجز لاءِ آن لائين تعليم وارو مڪينزم تيار ڪري ۽ پٺتي پيل ڏورانهن علائقن جي معاشي طور ڪمزور شاگردن لاءِ مفت نيٽ سروس ۽ ليپ ٽاپ مهيا ڪري ۽ ويڪسين وارو عمل پورو ٿيڻ۾ اڃا اسان کي وقت لڳندو، ان لاءِ سنڌ حڪومت وفاق توڙي بين الاقوامي فورمز تي پنهنجو آواز اٿاري.
ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو/ ڪراچي
مڇرن جو آزار ۽ مڇرمار اسپري لاءِ ڊيزل جا پئسا!
ڪجھ ڏينهن اڳ مختلف اخبارن ۾ ڦل ۽ آسپاس مڇرن جي آزار جون خبرون هليون ته ڦل جي هڪ تمام بهترين معزز شخصيت مون ڏي فون ڪئي ۽ چيو ته تون کي لک شابسون هجن جو شھر جي مسئلي تي پنهنجو قلم کڻي ٿو پر مسئلن جي حل لاءِ ھڪ ٻي ڳالھ به تمام ضروري آھي ته ان بيانن جي آڌار تي لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ڏانهن به هلجي، مون چيو ته سائين منهنجو جيڪو فرض آھي مان اهو پنهنجي قلم وسيلي پورو ڪيان پيو، باقي جيڪڏهن واقعي به مسئلن جو حل چاهيو ٿا ته اوهان يا وري ٻيا شھري همت ڪن ۽ آفيسرن سان وڃي ملن، مان ته ايئن نٿو ڪري سگهان ڇو ته منهنجو پنهنجو ڪاروبار آھي، دڪان آھي، مان اهو ڇڏي ويندس ته منهنجو معاشي مسئلو ڪيئن حل ٿيندو، ان به مڃيو ۽ چيو ته مڇرمار اسپري لاءِ مان ڊي ايڇ او آفيس ڳالهايان ٿو، اتي ڪجھ ڊاڪٽر منهنجا دوست آھن ۽ جيڪڏهن فون تي ڪم ٿي ويو ته ٺيڪ نه ته مون سان گڏ هلجان ته شھر ۾ مڇرمار اسپري ڪرايون، مون چيو ٺيڪ آھي ۽ هن پنهنجن دوستن سان ڳالهايو ته انهن کيس چيو ته مڇرمار اسپري واري دوا موجود آھي، باقي اها اسپري ڪرائڻ لاءِ گاڏي ۾ ڊيزل جو خرچ جيڪو صرف ڦل شھر لاءِ 10 هزارن رپين جو ايندو يوسي سيڪريٽري کي چئو ته ڏئي، ان لاءِ مون يوسي ڦل جي سيڪريٽري کي چيو ان جواب ڏنو ته پئسا مختيارڪار نوشھروفيروز ڏئي سگهي ٿو، اوهان ان سان رابطو ڪيو، هاڻ سائين مختيارڪار نوشھروفيروز تمام ڏکيو ماڻھو آھي جو نٿو ڪنهن جو فون اٽينڊ ڪري ۽ نه ڪنهن جي ميسيج جو ڪو جواب ڏئي، ائين اسان ڦل واسي مڇرمار اسپري نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو کاڄ پيا بڻجون ۽ مڇرن جي ڪري مختلف موذي مرضن وگهي بيمار ٿي بسترن تي پيا آھيون، ان جي لاءِ سنڌ حڪومت کي ڪي قدم کڻڻ گهرجن.
محمد خالد ميمڻ /ڦل شهر
زرد صحافت!
پروفيشنل صحافت جي مقدس پيشي سان لاڳاپيل انھن دوستن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جيڪي پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي مظلوم ماڻھن جو آواز بنجن ٿا، بدلي ۾ ھو انتقامي ڪاررواين جو شڪار ٿين ٿا، قتل يا ادارن ھٿان اغوا ٿي ٽارچر مان گذرن ٿا ۽ پنھنجي قلم جو تقدس ۽ ساک برقرار رکن ٿا پر حق سچ تي ڪو به ٺاهه نٿا ڪن، ھن وقت انھن جو تعداد تمام ٿورو آھي، صحافت ۾ اڄ ڪلھ نئون ٽرينڊ متعارف ٿيو آهي، ڊمي اخبارون ڪڍي کين بنا پگھار ڪي اھڙا ماڻھو ان مقدس پيشي ۾ پوري صحافت کي بدنام ڪن ٿا، جنھن جي شيلٽر ھيٺ ڪيترائي غيرقانوني ڌنڌا ڪن ٿا، موٽرسائيڪل ۽ گاڏين تي پريس جي تختي لڳائي انھن گاڏين ۾ منشيات ٻيو ڪڌو ڪاروبار ڪن ٿا، ننڍن ننڍن شھرن ۾ پنج پنج پريس ڪلب کولي ھرڪو پنھنجو دڪان کوليو ويٺو آھي، خبر موڪلڻ جي في رکيل آهي. تازو احساس ڪفالت پروگرام ۾ انھن زرد صحافتي ٽولي مقدس پيشي جي آڙ ۾ بيواھ عورتن جي تذليل ۽ ڪٽوتي تي به ڀاڱي ڀائيوار رھيا، ھر ڊوائيس کان مقرر منٿلي پوليس کان به حصي پتي تي خاموش تماشائي بڻيل رھيا ۽ انھن مظلوم بيواھ عورتن جي عزتن تي گھڻا صحافي ڪجھ ٽڪن عيوض خاموش رھيا، اڄ ڪلھ ميڊيا تي مڪمل پابنديون آھن، ڪھڙي خبر نشر ڪجي ڪھڙي گم ڪجي جو مڪمل سيٽ اپ آھي، ميڊيائي ادارا مالي بحران جو شڪار آھن ۽ ميڊيا آخري پساھن ۾ آھي وڏا وڏا اينڪرپرسن بحريا ٽائون مافيا کان پلاٽ وٺي وڏيون وڏيون رعايتون وٺي خاموش آھن. فروفيشنل صحافين کي اڄوڪي ڏينھن تي نمي سلام ٿو ڪريان، جيڪي مظلوم ماڻھن جو آواز بڻجي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آھن. خدارا خلق جي اھنجن جو آواز بنجو، سچا صحافي سچ جي واٽ تي ھلندي شھيد ٿي ويا پر پنھنجي سچائي ۽ عظمت جو مان مٿاھون ڪري ويا.
ابراهيم لنڊ/ڪلوئي، ٿرپارڪر
ڪاڇو جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي!‎
ڪاڇو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، تيل ۽ گئس ڪاڇي مان نڪري رهيو آهي، ڪاڇو هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي، ڪاڇي ۾ روڊ رستا ناهن، پيئڻ لائق پاڻي ناهي، نياڻين لاءِ گرلس اسڪول، گرلس ڪاليج ناهن. مسافرن لاءِ مسافرخانا ناهن، ڪاڇي واسين جي علاج لاءِ اسپتالون ناهن، آخر اسان جي تڪ جا چونڊيل نمائندا ڪاڇي واسين کي ڪڏهن انسان سمجهندا؟ ڪاڇي ۾ ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪيو ويو، هتي ترقياتي ڪم زيرو آهن، تيل گئس ڪمپنين طرفان ملندڙ ڪروڙين رپيا تڪ جا چونڊيل نمائندا ڪٿي خرچ ڪندا آهن، اها ڪا به خبر ناهي ڇو ته ڪاڇو ته هن وقت تائين ڀڙڀانگ لڳو پيو آهي، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته جديد دور ۾ ڪاڇو گئس جهڙي سهولت کان به محروم آهي، آخر ڪڏهن تڪ جا چونڊيل نمائندا ڪاڇي ۾ ايندا، ڪاڇي ۾ ڪڏهن ترقياتي ڪم ڪرائيندا؟ آئون تڪ جي چونڊيل نمائندن کي عرض ٿو ڪريان ته ڪاڇي جي مسئلن طرف ڌيان ڏيو، ڪاڇي ۾ بنيادي سهولتون مهيا ڪن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
يتيم خانو ۽ ٻار!‎
هو پنهنجي زال جي چوڻ تي پنهنجي پيءُ کي ڳاڏي جي اڳين سيٽ تي ويهاري يتيم خاني جو رخ ڪيو، اتي پهچڻ سان ئي ٻه چار ڏوڪر بابا جي هٿ ٿي رکي واپس گھر روانو ٿي ويو، دل ۾ سوچيندو آيو ته بابا مون لاءِ ڇا نه ڪيو آھي، ماءُ نه هوندي به ماءُ جو پيار ڏنو، پاڻ تڪليف رهي به مون کي ڪڏهن به ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاريو، پاڻ بکيو رهي به منهنجو پيٽ ڀريائين ۽ اڄ مان ٻه چار ڏوڪڙ ٿيا آھن ته بابا مان تنگ ٿي پيو آھيان؟ انهن سوچن ۾ گم هو تي اوچتو موبائيل جي گهنٽي وڳي، اوڪي ڪري هيلو ڪيائين، پنهنجي پيءُ کي چئي ڇڏ واپس اچڻ جي ضرورت ناهي، اسان کي پنهنجي زندگي گذارڻ ڏئي، زال جي فون هن کي ڏڪائي ڇڏيو. يڪدم گاڏي پوئتي يتيم خاني ڏانهن رخ ڪيائين، اتي پهچڻ تي پنهنجي بابا ۽ يتيم خاني جي مالڪ کي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي ڏٺائين، هن همت ڪري يتيم خاني جي مالڪ کان پڇيو اوهان بابا کي ڪڏهن کان سڃاڻيندا آھيو؟ يتيم خاني جي مالڪ وراڻيو ته مان هن کي تڏهن کان سڃاڻان جڏهن هي هتان هڪ يتيم ٻار پٽ ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويو هو، بس هن کي جواب ملي ويو، بابا کي باعزت ڪار ۾ ويهاري واپس گهر روانو ٿي ويو.
پرتاب سيبرا/ بودرفارم، عمرڪوٽ
نئينگ نغاول جي هارين جي دانهن ورنايو!
نغاول اهو اعلاقو آهي جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي هتي جي زمين به ذرخيز آهي، چوندا آهن ته هاري جي محنت سان ئي هر ماڻهو جي گهر جي چلهه ٻري ٿي، پو اهو امير هجي يا غريب، سٺا فروٽ، سبزيون ۽ اناج پهچڻ کان پهرين ان تي ڪنهن جي ڪيتري محنت آهي، اهو فصل اپائيندڙ ئي سمجهي ٿو، حڪمرانن جي گهرن ۾ روز طرح طرح جا طعام پچڻ لاءِ هاري جو رت سڙي ۽ پگهر وهي پوءِ اهي اوهان لاءَ لذيذ کاڌا تيار ٿيا آهن، جيڪي کائڻ بعد توهان ان هاري ۽ مزدور تي ٻيڻي مهانگائي جو جبل ڪيرايو ٿا، ڀاڻ، ٻج، دوائون ڊيزل ڪنهن ۾ به ڪا ڪثر ناهيون ڇڏيندا، هاري آخر ڪنهن کي دانهن ڏئي؟ هاري هميشه سورن ۾ ئي آهن، انهن کان ڪڏهن ڪنهن ناهي پڇيو ته فصل بچائين ٿا يا نه، هميشه هاري قرضي هوندا آهن پر ڪڏهن ڪنهن حڪمران سامهون هٿ نه ٽنگيو اٿن، انهن جي هڪ ئي ٻولي آهي ته رب ڏيندو، هاري ته وياج تي پئسا کڻي به پنهنجو فصل تيار ڪن ٿا پر انهن کي اها خبر ناهي هوندي ته هي فصل هاڻي اُجورو ڏيندو يا نقصان ڏيندو؟ وري رب جي آسري روز جيان لنڊيون لتاڙي اڳين 6 مهينن جو انتظار ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن، ايئن هتا جي هارين جو به گذران فصل تي آهي. هتان جا هاري ٻين فصلن سان گڏ سبزيون به اُپائين ٿا پر سندن ان سبزي مان ڪو به فائدو نٿو ٿئي، اهو ان لاءِ جو ويجهو ڪا به سبزي منڊي نه هجڻ ڪري هتان جون سبزيون حيدآباد موڪلين ٿا، جيڪي گاڏيون وقت تي نه پهچڻ ۽ ڪرايو وڌيڪ هجڻ ڪري ڪنهن به قسم جو منافعو نٿو ٿئي، ان لاءِ هارين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ هتا جي ايم اين اي سڪندر علي راهپوٽو کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪن ته سيوهڻ ۾ سبزي منڊي جوڙائي وڃي جيئن هارين جي فصلن جو صحيح نموني تدارڪ ٿئي.
بشير احمدنو حاڻي/نئين نغاول
ڪتابن جهڙي دوست اياز هالي جو اڻ مندائتو وڇوڙو!‎
دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ پوئيل ۽ منهنجي من اندر جي موتين ۾ هڪ موتي ۽ اهل ذوق دوست اياز هالو به ڦوھ جوانيءَ ۾ اڻ مندائتي موت جي ور چڙھي اسان کي سوين گهاوَ ڏئي ويو. جيتوڻيڪ اياز مون کان عمر ۾ ننڍو هو پر سندس وسيع مطالعي تي مون کي هميشه ريس ٿيندي هئي. ڪراچيءَ ۾ ڪنهن پرائيويٽ اداري ۾ سروي پي ڪئيسين، ابراهيم حيدري، ريڙھي ڳوٺ، چشمه ڳوٺ، لٺ بستي ۽ ڀينس ڪالوني جا چڪر ڪٽي شام جڏهن الياس ڳوٺ ۾ واقع هڪ ڪرائي جي جڳهه ۾ گڏ ٿيندا هئاسين ته اياز هر روز مرڪي آجيان ڪندو هو، پوءِ ڳالهين جا ڳوٺ اڏبا هئا ۽ مختلف موضوعن تي پيا بحث ٿيندا هئا. آئون جڏهن ڪنهن ڪتاب جو حوالو ڏيندو هئس ته پاڻ ٽن چئن ڪتابن جا حوالا ڏئي حيران ڪري ڇڏيندو هو. سروي ختم ٿي ته هر ڪو وڃي پنهنجي پنهنجي گهر ڀيڙو ٿيو، هڪ ڏينهن شام ويلي ڪنهن دوست جي فون آئي، يار اياز روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، خبر ٻڌي هانءُ ڇڄي پيو. جوانيءَ جو موت والدين ۽ دوستن لاءِ قيامت برابر هوندو آھي. اڄ به جڏهن ڪجهه دوست ويهي ڪچھري ڪندا آھيون ۽ ماضي کي ياد ڪري ٽھڪ وکيريندا آھيون ته انهن ٽھڪن ۾ هڪ ٽھڪ جي تمام گهڻي کوٽ محسوس ٿيندي آھي، اهو ٽھڪ پياري دوست اياز هالي جو هو، جيڪو هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آھي، سندس يادگيريون ساريندي من ماضي ڏي موٽ کائي ٿو ۽ اکڙيون ڳوڙھن سان ڀرجي اچن ٿيون. بقول ڀٽائيءَ جي ته:
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙھن جون بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي!
غلام علي گل /ٻيلو سجاول
گھوڙا ٻاڙي تعلقو سڄو سڃ ئي سڃ بڻيل آهي!
لکي لکي ٿڪجي پياسين، دانھون ڪوڪون ڪري ڪري بيزار ٿي پياسين، ايم پي اي، ايم اين صاحبن جي اوطاقن جا چڪر لڳائي لڳائي مايوس ٿي وياسين، تعلقو گھوڙا ٻاڙي لاڙ جي ضلعي ٺٽي جي سمنڊ جي ڪنڌي تي واقع آھي جتي مٺي پاڻيءَ جي سھولت به ناھي، ڳالھ روڊن رستن جي ڪجي ته اهي سڀ فنا لڳا پيا آھن، سرويچ سجاولي ضلعي ٺٽي ۽ سجاول کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته:  جنت الفردوس آھن، ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون” ڪيڏي نه سرويچ جي لفظن ۾ عڪاسي سمايل آھي پر يقين ڪيو ته ھاڻ جڏھن گھوڙا ٻاڙي کان ڳوٺن مولي محمد سليمان جت ڏانھن روانا ٿيون ٿا ته اهو اصل ۾ اڌ ڪلاڪ جو بنه رستو ناھي پر خراب روڊ جي ڪري اڌ ڪلاڪ جو رستو ڏيڍ ڪلاڪ تي ٿو ٿئي، آخر اسان جو ڏوھ ڪھڙو آھي، مريضن کي ايمرجنسي ۾ جڏھن کڻي ٺٽي يا ڪراچي طرف وڃو ٿا ته روڊ جي زبون حالت جي ڪري مريض اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي جان ڏيو ڇڏين، اسان جي وس واھرن کي اپيل آھي ته ڳوٺ مولوي سليمان جت سميت تعلقي گھوڙا ٻاڙي جا زبون حالت وارا روڊ ٺھرائي انساني جانيون بچايون وڃن.
ابو محمد جت/ڳوٺ مولوي محمد جت، گھوڙاٻاڙي
زمانو ڪنھن جي چڱائيءَ ۾ ڪو نه آ بزمي!‎
هتي اڪثر شڪست ھميشه لاوارث رھي آھي پر فتح جا سوين وارث ٿين ٿا، ياد رکو فتح ٻن قسمن جي ھوندي آھي، ھڪڙي فتح اھا جيڪا توھان جي جدوجھد سان فتح ماڻجي پر پاڻ ان فتح جي ڳالھ پيا ڪريون جيڪي ٻين جي فتح جي پويان انھن جي حڪم جا بندا ٿي زندگي گذاريندا آھن، جيڪي اڳيان ھلي فتح جي پوئلڳن کي گھڻون ڪجھ ڀوڳڻون پوندو آھي، اھو سچ آھي ته اسان وٽ سچا ماڻھو روح شڪستا رھيا آھن پر ڪوڙن ماڻھن فتح ماڻي آھي، پر اھو نه وسارڻ گھرجي ته تاريخ ھميشه سچ کي سيني ۾ جاءِ ڏني آھي، تاريخ ھر ماڻھوءَ کان پنھنجي حصي جو ڪم وٺندي رھي ٿي، جن ماڻھن بنا ڪنھن لوڀ لالچ جي سچ کي مان ڏنو آھي انھن کي ئي تاريخ سيني ۾ سانڍيو آھي، باقي چند ڏوڪڙن عيوض ضمير جو سودو ڪري رئيسن جي اوطاقن تي ويھي انھن جون ونگارون وھندڙ ھمراھ جو نالو ڪڏھن به تاريخ جي صفحن ۾ ڏسڻ ۾ نه ايندو جيڪي ڌرتيءَ تي ته وزن ئي ھوندا آھن پر آسپاس رھندڙ ماڻھو به کانئن نفرت ڪندا آھن، بس ڳالھ اھا آھي جيڪڏھن سچن ماڻھن کي اوھان کي ڳولڻون آھي اھي ڪي اوھان کي چرين جي روپ ۾ ملندا ڪي ڪامريڊن جي ته ڪي وري باغين جي روپ ۾ ملندا، ڪجھ ماڻھو جن کي سماج پاران لاڳيتو نظرانداز ڪيو ويندو آھي تڏھن اوھان انھن ماڻھن کي بزمي جي ھنن سٽن ۾ به ڳولي سگھو ٿا: “گذار ھيٺ کان ٿي ھيٺ، تون زماني ۾، بلندين تي وڃي تون خدا تلاش نه ڪر، زمانو ڪنھن جي چڱائيءَ ۾ ڪو نه آ بزمي، دغا جي در تي وڃي تون دوا تلاش نه ڪر.”
رياض امر ٻجورو/سجاول
ٿر جي پراڻي ثقافت چونرو!
چونرو پراڻي دور ۾ جنهن به ماڻهوءَ ايجاد ڪيو هو، اهو ڪو وڏو ماهر ماڻهو هو، پراڻي دور ۾ چونري جي گول ڀت لڪڙ کوڙي يعني (ڪاٺيون) کوڙي گولائيءَ واري ٺاهي ان کان بعد ۾ ڄار جا چار ڊگها ڪاٺ ڏئي سڌو ڪيو ويندو هو، ان کان پوءِ ننڍيون ڪاٺيون ڏئي کٽ جي نوڙين جي مدد سان ننڍين ۽ وڏين ڪاٺين کي ٻڌو ويندو هو، هن چونري جي اڏاوت ۾ اڪ جون سنهيون ڪاٺيون ۽ ٻين وڻن جون ڪاٺيون استعمال ڪيون وينديون هيون، جنهن کي ڪڙ چئبو آهي ان کان پوءِ گرمي ۽ برسات کان بچڻ لاءِ چونري مٿان کپ ڏنا ويندا آهن، کپ ڏيڻ کان پوءِ ننڍو گول نوڙي مان ٺهيل پيڙهيو ٺاهي چونري مٿي رکي ان ۾ 15_20 نوڙيون ٻڌي ڇاڄي کي ڇڪي مضبوط ڪيو ويندو آهي، ان کان پوءِ آهستي آهستي ڪچين سرن جي گول ديوار ٺاهي مٿي مختلف ڪاٺين سان چونرو ٺاهيو ويندو هو، جديد دور ۾ وري پڪين سرن جي ديوار ٺاهي مٿي ڪاٺ جون پٽيون هڻي شاندار نموني سان چونرا ٺاهيا وڃن ٿا، جن تي تمام گهڻو خرچ ٿئي ٿو، جيڪڏهن چونرو زلزلي يا تيز هوا لڳڻ جي ڪري ڊهي به پيو ته به نقصان ناهي ڪندو، اونهاري جي موسم ۾ ڪکن مان فلٽر ٿيل ٿڌي هوا ويٺلن کي آرام ڏئي ٿي، اڄ به پوري ٿر ۾ عاليشان قسم جا گهر چونرا ٺهيل آهن، غريب ماڻهن سان گڏ شوهوڪار ماڻهو به چونري سان محبت ڪن ٿا ۽ اها سندن پراڻي ثقافت به آهي.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎
لاڪ ڊائون کان پوءِ هڪ موچي جي آتم ڪٿا!
اڄ منهنجي ملاقات انتهائي غريب دوست هڪ موچي سان ٿي، جنهن جي عمر 32 سال آهي، سندس نالو پنهون مهيشوري آهي، پنهون هڪ محنت ڪش ۽ بهادر ق انسان آهي، پهرين پنهون سان جڏهن به ملاقاتون ٿينديون هيون ته هو انتهائي خوش مزاج انداز ۾ کلي ملندو هو، پر لاڪ ڊائون کان پوءِ اڪثر هو تمام گهڻو ذهني پريشان رهڻ لڳو آهي، جڏهن ان کان سبب پڇيم ته ٻڌايائين ته لاڪ ڊائون کان پوءِ بيروزگار ٿي ويو آهيان، اڳي جيان هاڻي مزدوري به نٿي ملي. مهانگائي حد کان به وڌي وئي آهي، جنهن جي ڪري زندگي ٿورو تبديل ٿي وئي آهي، ايستائين جو اڳ جيان هاڻي اها مرڪ به منهن تي ناهي رهي، هن عيد جي خوشي به هن کي گهڻو خوش ڪري نه سگهي نه ئي پهرين جيان هاڻي پنهون اهو ٽهڪ ڏيندڙ رهيو آهي. پنهون کي جڏهن به ڏسندو آهيان ته هڪ ڳالھ ذهن ۾ تري ايندي آهي ته غربت ۽ مهانگائي انسان کان پنهنجيون سڀ خوشيون کسي ٿي وٺي. ايستائين جو ماڻهو کي پريشانين ۽ بيچيني جو شڪار بڻائي ٿي ڇڏي. خدارا معاشري جي اهڙن انسانن جي مالي مدد ڪريو، ساڻن تمام سٺو ۽ خوش مزاج رويو اختيار ڪريو ته اهي به هن معاشري ۾ پهرين جيان خوشي واري زندگي گذارين، حڪومت کي به عرض آهي ته پنهونءَ جھڙن مزدورن ۽ ڏيهاڙي تي ڪمائيندڙ جي واهر ڪئي وڃي ته جيئن سندن ٻچا بکن وگھي مرڻ کان بچي پون، هي توهان کي ووٽ ڏيندڙ مسڪين آهن، انهن جي خدارا سار لهو.
زندگي ۾ زندگي جو ڪر قدر،
دوستي ۾ دوستن جو ڪر قدر.
بيوسن جي بيوسيءَ جو ڪر قدر،
دلربا هن دل چري جو ڪر قدر.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
ڪشمور ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي آزار کان بچايو!
ڪشمور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار وڌي ويو آهي، موت جا سوداگر عطائي ڊاڪٽر ٻهراڙي جي اٻوجھ ۽ سادن ماڻهن کي ڦري رهيا آهن، صفائي ۽ سٿرائي کان محروم بڻيل بدبودار اسپتالن ۾ ويٺل عطائي ڊاڪٽر پئسا ڪمائڻ جي چڪر ۾ هر ايندڙ مريض کي ٽن ڏينهن جو ڪورس ڪرائڻ تي مجبور ڪري قيمتي انساني زندگين سان کيڏي رهيا آهن، عطائي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائيندڙ مريض صحتياب ٿيڻ بجاءِ مختلف بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا، اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا عطائي ڊاڪٽرن جي آزار خلاف صحت کاتي جي عملدارن توڙي هيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم پاران ڇاپا هنيا ويا ۽ اسپتالن کي به سيل ڪيو ويو پر افسوس ته رشوت عيوض اهي ڇاپا بي اثر ثابت ٿيندا رهيا آهن، جنهن ڪري موت جي سوداگر عطائي ڊاڪٽرن جي ڪوس گهرن جو تعداد اڳ کان گهڻو وڌي ويو آهي. ڪشمور جي مختلف بازارن، چوراهن سميت ڳوٺن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون سوين اسپتالون هلندڙ آهن، ڪجهه وقت اڳ 8 سالن جو معصوم گلن جهڙو نينگر عطائي ڊاڪٽر هٿان مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي ويو هو، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ خبرون هلڻ باوجود عطائي ڊاڪٽرن تي ڪو خاص اثر نه پيو ۽ بنا ڪنهن ڊپ اسپتالن ۾ ويهي ڏوڪڙ ڪمائڻ جي لالچ ۾ زندگين سان کيڏن پيا. ان سلسلي ۾ منهنجي صحت کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري صحت سنڌ سميت ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کي اپيل آهي ته خدارا جلد نوٽيس وٺي قيمتي انساني زندگين سان کيڏيندڙ موت جي سوداگر جون ڪلينڪون هميشه لاءِ سيل ڪيون وڃن ته جيئن وڌيڪ انساني زندگيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن.
ماجد علي مزاري/ڪشمور