سوال/سروي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستاني موقف جي آجيان، فلسطين تان اسرائيل جو قبضو ختم ڪري آزادي جو حق ڏنو وڃي: عوام

0
302

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته جنرل اسيمبلي جي مطالبي بعد اسرائيل پاران جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطين ۾ عالمي فورس مقرر ڪئي وڃي، فلسطين معاملي تي پاڪستان جي موقف کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پاڪستان جي موقف جي آجيان ڪريون ٿا اهو سٺو بيان آهي پر ان تي عمل نه ٿيندو، سڀني مسلم ملڪن کي گڏجي فلسطين لاءِ اثرائتو آواز اٿارڻ گهرجي، اسرائيل پاران جنگبندي جي اعلان جي آجيان ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته فلسطين کي آزاد ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته موقف ته زبردست آھي پر ان تي عمل ڪو نه ٿيندو. ڇو ته جنرل اسيمبلي آمريڪا جي ٻڌي ٻانهي آھي ۽ اسرائيل آمريڪا جو دادلو پُٽيلو آهي. خادم گهراڻو لکيو ته پاڪستان مسلمان ملڪ آهي اهو مسلمان ملڪن جو ساٿ ڏيندو رهي ٿو جنرل اسيمبلي جي چوڻ تي جنگبندي ڪرڻ اهو سٺو عمل آهي پاڪستان جو بهترين عمل آهي، گل حسن لکيو ته پاڪستان جو موقف بھتر آھي ھاڻي ان معاملي جو جٽادار حل ڪڍيو وڃي ۽ اسرائيل فلسطين جي سرحد جو تعين ڪيو وڃي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته موقف سٺو آهي پر ان تي عمل ٿيڻ گهرجي، غفار لغاري لکيو ته ھن مسئلي تي سڀني مسلمان ملڪن کي ھڪ آواز ٿي ڳالھائڻ گھرجي. فلسطيني مسلمانن سان وڏو ظلم ٿيو آهي انسان ھئڻ جي ناتي دنيا جا سڀ ملڪ اسرائيل سان جنگ بندي لاءِ ڳالھائين ٿيل نقصان جو ازالو به ٿيڻ گھرجي ٻي صورت ۾ سڀ ملڪ اسرائيل جو بائڪاٽ ڪن.پاڪستان جو به ان ڏس ۾ ڪردار انتھائي سنجيده ۽ مثبت ھئڻ گھرجي، نماڻو نوناري لکيو ته فلسطين ۾ اسلامي امن فورس مقرر ڪرڻ گهرجي، اسرائيل پاران جنگبندي جو اعلان سٺو آهي، دائود لغاري لکيو ته پاڪستان جو موقف تمام بهترين هو پر انهي تي ڪو به عمل نه ٿيندو اهو انهي ڪري جو يهودي يهودين خلاف نه ويندا، ثناءُالله چنا لکيو ته پاڪستان جو موقف ته صحيح آهي پر ڇا دنيا جا سڀ مسلمان ملڪ ان جي حمايت ڪندا ۽ مظلوم فلسطينن تان اهي ظلم جا پهاڙ ڪڏهن ختم ٿيندا، عاشق حسين لکيو ته پاڪستان حڪومت جو بھترين فيصلو آھي ، عالمي فورس مقرر ٿيڻ سان فلسطينن جي عزت ناموس محفوظ ۽ سک جو ساھ کڻندا، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته سڀني مسلمان ملڪن کي ھڪ آواز ٿي ڳالھائڻ گھرجي فلسطيني مسلمانن سان وڏو ظلم ٿيو آھي پاڪستان حڪومت جو اھو مطالبو ساراھ جوڳو آھي، خليل ابراهيم راڄڙ لکيو ته پاڪستان بهترين موقف رکيو آھي ٻين اسلامي ملڪن کي به سخت موقف رکڻ گهرجي فلسطين مسئلي جو مستقل حل ڪيو وڃي، ظفر رند لکيو ته اسرائيل پاران جنگبندي سٺو قدم آھي اها مسلم ملڪن جي فتح جي نشاني آھي، مسلمان ملڪ پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو پيدا ڪن ته دنيا جي ڪا به طاقت اسان تي حاوي ڪونه ٿيندي.آفتاب لغاري لکيو ته اسرائيل پاران جنگبندي جو فيصلو سٺو قدم آهي ھاڻ معصوم انسانن جو قتل عام بند ٿيڻ گھرجي پاڪستان فلسطين جي معاملي تي پنهنجو موقف اثرائتي نموني دنيا آڏو پيش ڪيو آهي،عابد حسين شر لکيو ته پاڪستان جو موقف سٺو آھي پر فلسطين مسئلي جو مستقل حل ڪڍيو وڃي ته بهتر آھي، اي آر رحمان لکيو ته اسرائيل پاران جنگبندي جو اعلان ھڪ سٺو قدم آھي مسلمانن جو قتل عام بند ٿيڻ گھرجي، شمس الدين رند لکيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي سخت جواب ڏيڻ کپي اسرائيل کي باقي اھڙا خالي بيان ڏيڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو اقوام متحده کي بيان ڏيڻ ايئن آهي جيئن انڌي اڳيان روئڻ اکين جو نور وڃائڻ آهي، اسلم هزار چانڊيو لکيو ته موقف سٺو آھي پر الله ڪري ان تي عمل به ٿئي، محمد وارث رند لکيو ته پاڪستان سميت تمام اسلامي ملڪن کي کپي ته اسرائيل خلاف سخت رد عمل پيش ڪن،باقي خالي کوکلن اعلانن ۽ مذمتن مان ڪجهه نه ٿيندو، ايم يوسف لغاري لکيو ته پاڪستان بهترين موقف رکيو ۽ فلسطين جي سپورٽ ڪئي، سڪندر بلوچ لکيو ته پاڪستان جو فلسطين بابت ڏنل بيان جي آجيان ڪريون ٿا فلسطين تي اسرائيل جو قبضو مڪمل طور ختم ڪري ان کي آزادي جو حق ڏنو وڃي. طارق حسين راڄپر لکيو ته پاڪستان حُڪومت جو اھو مطالبو ساراھه جوڳو آهي، سارنگ چنا لکيو ته پاڪستان سميت هر مسلمان ملڪ کي مظلوم فلسطينن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، شاهد شر لکيو ته پاڪستان جو موقف تمام بهترين هو پر انهي تي ڪو به عمل نه ٿيندو اهو انهي ڪري جو پاڪستان هاڻي غريب ملڪ ٿي ويو آھي عمران خان جي ڪري.