قيديءَ جي ڊائري

سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ!

اڄ پراڻن ڪتابن کي ڇنڊيندي هڪ سونهري رنگ جي ڪتاب تي اکيون اٽڪي پيون، جنهن ۾ منهنجي سهڻي سنڌ جي تاريخ هئي. مون چمي ڏئي ڪتاب کي سيني سان لاتو ۽ سوچڻ لڳس ته اسان جي شهيدن جون ڪيڏيون وڏيون قربرانيون آهن ۽ اسان اڄ تائين غلامي مان ئي آزادي ماڻي ناهيون سگهيا. عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي اوليت هوندي آهي. سنڌ ڌرتي تي، جيڪا امن جي ڌرتي آهي، پر بدقسمتي سان اها امن جي نگري اڄ اغوائن، قبيلائي تڪرارن، ڪرپشن، بيروزگاري ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهي. اصل ۾ هنن تڪرارن توڙي رتوڇڻ جي پاڙ ئي لاقانونيت آهي. غريب مسڪين ماڻهو جيڪي اڳ ئي زندگي جي ضرورتن جي پورائي لاءِ پريشان آهن، حڪمرانن جي غلط پاليسين، لاقانونيت، انصاف جي اڻبرابري ڄڻ ته عوام کي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو آهي. ملڪ جي هر فرد جي جان ۽ مال کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. ڇاڪاڻ ته رياست ماءُ جيان هوندي آهي. پوءِ سوال اهو آهي ته ڇا هن وقت سنڌ ۾ جيڪا سانحن جي ڄڻ ته ڪا سيزن پئي هلي، جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. ان صورتحال ۾ اسان جي حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪن پيا؟ رياست اهو پنهنجو ماءُ وارو ڪردار ادا ڪري پئي؟ يا ويچارو عوام يتيم ۽ لاوارث بڻجي رت جي درياهه ۾ پيو غوطا کائي. ڇاڪاڻ ته اها رياست جي بنيادي ذميواري آهي ته امن امان جي صورتحال کي هر صورت ۾ يقيني بڻائي. پر سنڌ ۾ پيدا ٿيل افسوسناڪ صورتحال ۾ ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته نه ڪٿي قانون ٿو نظر اچي ۽ نه وري ڪٿي ماءُ جو درجو رکندڙ رياست پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪري. جنهن سبب سنڌ ۾ معمولي ڳالهين تي به رت جون نديون وهايون وڃن ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن معاملي جي شروع ۾ ئي انتظاميا اگهور ننڊ مان سجاڳ ٿي پوي ۽ ترت ڪو تحرڪ وٺي ته منهنجي خيال ۾ هر روز ئين رتو ڇاڻ نه ٿئي. ۽ سوين بيگناهه ماڻهو هن قهري قيد ۾ عمر قيد جي سزا ۾ نه واڙيل هجن. تنهن ڪري خدارا سنڌ جي ماڻهن کي ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ کين جان ۽ مال جو تحفظ فرام ڪريو ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ڪنهن به اهڙي افسوسناڪ واقعي ۾ انتظاميا نڀاڳ جي ننڊ مان سجاڳ ٿيندي ۽ سرڪار قانون جي موجودگي کي يقيني بڻائيندي.

سنڌ سلامت… ساٿ سلامت

دلدار علي بخش وساڻ/سينٽرل جيل حيدرآباد

سياست ڪوڙھ جي بيماري

اڄوڪي سياست پاڪستان جي ڏسندي سياستدانن جي ڪرتوتن جي ڪري سياست تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. اسان جو ملڪ هڪ مثالي ملڪ ته ثابت نه ٿيو، رهندو هنن سياستدانن ڪرسي جي جنگ ۾ اسان جي ملڪ پاڪستان کي فساد جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. عوام جي اهنجن تڪليفن جي ته ڪا دوا نه ٿي، ويتر تڪليفن کي وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪو نه ڇڏي اٿن. خدارا ملڪ جي حالت تي رحم کائو، سياست کي خدمت سمجهي ڪيو، نه ته هي سٽون لکڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون ته سياست ڪوڙھ جي بيماري آهي ۽ سياستدان پنهنجي بدصورتي نٿو لڪائي سگهي.

ايڊووڪيٽ محمدعلي سومرو/ خيرپور ميرس

محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار ۽ اڄ جا سياستدان!

محترمه جي نظرين پاليسين ۽ سندس حڪومتي قدمن تي سوين اختلاف ٿي سگھن ٿا ۽ ڪيترن معاملن تي تنقيد به ڪري سگھجي ٿي پر هڪ ڳالهه جيڪا هر قسم جي اختلاف کان مٿاهين آهي سا اها ته هوءَ نهايت ئي دلير، مضبوط اعصابن ۽ مستحڪم ارادن واري خاتون هئي. هن جنهن صبر، همت ۽ مستقل مزاجي سان مصيبتن، مشڪلات، ڏاڍ ڏمر، صدمن ۽ المن جو مقابلو ڪيو پاڪستان جي پوري سياسي تاريخ ۾ اهڙو ڪو ٻيو سياسي ليڊر سندس برابري ڪندي نظر نٿو اچي. دشمن ته دشمن پر دوستن به دوستيءَ جي پردي ۾ هن سان جيڪي سياسي دوکيبازيون ۽ مڪاريون ڪيون اهي بيان کان ٻاهر آهن، پر سلام آهي ان اڪيلي عورت جي همت کي جنهن آخر تائين عوامي جدوجهد تان هٿ نه کنيو. جڏهن پنهنجي سياسي حريف نواز شريف طرفان قائم ڪيل ڪيسن ۾ هوءَ پنهنجي معصوم ٻارن سان هڪ عدالت کان ٻي عدالت جا چڪر هڻندي هئي، تڏهن به سندس منهن تي دلفريب مرڪ ٽڙندي هئي. محترمه جي وڃڻ بعد پاڪستاني سياست ۾ قيادت جو جيڪو بحران پيدا ٿيو آهي، انهيءَ حقيقت کي ڪو تسليم ڪري يا نه پر سچ اهو آهي ته بينظير هڪ بينظير تدبر، فهم فراست، بالغ نظري ۽ وسيع القلبي واري صلاحيت جي مالڪ هئي. هن سياست ۾ نفاست، نزاڪت، شرافت۽ وقار کي ڪڏهن به هٿان وڃڻ نه ڏنو.

انجنيئر وسيم چنه/ سيوهڻ

واهي پانڌي ڀرسان کيرٿر جبل جا خوبصورت نظارا‎‎

کيرٿر جبل جون دلڪش خوبصورتيون، وسڪاري کان پوءِ جابلو نئيون وھي اچڻ وارا من کي موهيندڙ انيڪ منظر. اھڙن منظرن کي روبرو ڏسڻ لاءِ خاص طور تي سانوڻي توڙي ھنن موسمن ۾ وقت ڪڍي جبلن ۾ رھي پئجي. لڳي تو منھنجو سيلاني روح ائين ئي ڪرڻ تي مجبور پيو ڪندو. قدرت جي اھڙن محبوب منظرن کي ويجھو کان ڏسڻ واري دل جي ھن انگل کي ضرور پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ان کانسواءِ اتان جي ناياب قسم جي مختلف جاندارن جا جيڪي قصا ٻڌندو پيو اچان، انھن ڪھاڻين جي سچائي کي پڻ ڏسڻ جو خواهشمند آھيان ته واقعي سڀ سچ ئي آھي؟ سرڪار ۽ دادو جي ضلعي حڪومت ٿورو هن جبل طرف ڌيان ڏي ته هي علائقو تفريحي ماڳ بڻجي سگهي ٿو.

سمير احمد بروهي واهي پانڌي ڪاڇو

ڳوٺ حاجي واحد رکيو ڏاهري جي به سار لهو……..!

ضلعي شهيد بينظير آباد جي تعلقي قاضي احمد جي يونين ڪائونسل هبيري جو 80 گهرن ۽ 2500 ماڻهن جي آبادي رکندڙ ڳوٺ حاجي واحد رکيو ڏاھري ھن جديد دور ۾ به بنيادي سھولتن کان محروم آهي. هن ڳوٺ سان هر دفعي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، پيپلزپارٽي جي گذريل 15 سالن جي سنڌ حڪومت هوندي به هن ڳوٺ کي ڪا به بنيادي سهولت نه ملي سگهي آهي. هن ڳوٺ جا تقريبن 1200 ووٽ آهن، جن پڻ سدائين پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڪيو آھي، تنهن هوندي به هن علائقي جا چونڊيل نمائندا هن ڳوٺ کي مسلسل نظر انداز ڪندا پيا اچن. جڏهن ته ڳوٺ ۾ اسڪول جي سهولت نه هئڻ جي ڪري هتان جا تقريبن 300 ڇوڪرا ۽ 100 ڇوڪريون تعليم جي زيور کان محروم آهن. روڊ جي سهولت نه هئڻ جي ڪري برسات پوڻ جي صورت ۾ رستي تي گپ هئڻ سبب هتان جا غريب ماڻهو ڏھ کان پندرهن ڏينهن تائين ٻاھر نڪري نه سگهندا آهن. اسپتال جي سهولت نه هئڻ جي ڪري هتان جا غريب ماڻهو  غربت هئڻ جي ڪري ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا آهن. ھن ڳوٺ جي ماڻهن جي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ادي فريال ٽالپر ۽ تڪ جي ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاھ ، ايم پي اي سردار خان محمد ڏاهري ۽ ٻين وس وارن کي اها اپيل آهي ته خدارا اسان کي پنهنجون جائز بنيادي سهولتون فراهم ڪري اسان کي پريشاني کان نجات ڏياري وڃي.

نظير ڏاھري/ جمال شاھ

مهانگائي جي ڪري مـالوند ماڻھو پريشان !!

گذريل ڪجھه ڏينھن کان ڊالر جا ريٽ وڌڻ جي ڪري مھانگائي ايتري ته وڌي وئي آھي جو ڪنھن شي کي ھٿ لڳائڻ ممڪن ناھي رهيو. ھر شي جا ريٽ ڏينھون ڏينھن وڌندا وڃن پيا، پر کير جا ريٽ اتي جو اتي آهن انھي جي ڪري مالدار ماڻھو ڏاڍا پريشان آھن. مالدار ماڻھو جا خرچا ٽيڻا ٿي ويا آھن. ھڪ ته ھن لمپي واري بيماري مالدار ماڻھن جي مال جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي. مٿان وري ھن مھانگائي جي ڪري اٽي کان وٺي بوھ ۽ گاھ جا ريٽ ايترا ته وڌي ويا آهن جو جو مالدار ماڻھو پنھنجي مال جي پورائي ڪيئن ڪري سگھي ٿو؟ سڄي سنڌ ۾ کير جو ريٽ 150 رپين کان مٿي ھلي پيو صرف ٿرپارڪر ۾ کير جو ريٽ 100 رپيا لٽر ھلي رهيو آهي جنھن جي ڪري مالدار ماڻھو ٿرپارڪر جو ڏاڍو پريشان آھي.

اڄ واڙي وارا ھڪ اتحاد ٺاھي مينهن ۽ ڍڳي جي کير جو اڳ وڌائين جيئن مالدار ماڻھن جا خرچ ڪنٽرول ٿي سگھن ۽ مال جي پورائي ٿي سگھـي.

مھاوير ٽيڪواڻي/ مٺي ٿرپارڪر

اُڃا رهون ٿا آبَ لئه، مھراڻ جي به ڪَپَ تي!!

ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ پاڻي جي ڏڪار جي ڪري زندگيون مفلوج بڻيل آھن. پيئڻ لاءِ پاڻي ناھي. فصلَ ته پري جي ڳالھه آھي! ھينئر ته پاڻي جي وفاقي وزير جو به تعلق سنڌ سان آھي پوءِ به غيرقانوني يا واڳون جھڙا واتَ رکندڙ ڊيمَ کولڻ ھن صورتحال ۾ گھڻي افسوس جي ڳالھ آھي. سڀ ڪجھه پنھنجي جاءِ تي پر، جڏھن سانوڻ پنھنجي جوڀن جواني ۾ ايندو آھي تڏھن به ڪافي وقت کان ڏسون پيا ته سانوڻ جي مند ۾ به ھن سنڌوءَ پنهنجا جَواني وارا جَلوه ڏيکارڻ ڇڏي ڏنا آھن. ڪيتري ئي وقت کان سنڌو درياهه ساز ڇيڙڻ ڇڏي ڏنا آھن! جنھن جي ڪري سنڌ جي زراعت ته پٺتي ڌڪجي ئي چڪي آھي ويتر ساحلي پَٽي کي سمنڊ ڳڙڪائي رھيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھر سال سنڌوءَ کي پاڻي جي مڪمل منصفاڻي ورڇ نه ملڻ توڙي مٺي جو کاري ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ڪجھه ئي سالن ۾ ساحلي پٽي جو سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ جو پڻ خدشو موجود آھي. پاڻي گھڻو ٿيڻ جي صورت ۾ ٻڏي ته سنڌ ٻڏي، وري پاڻي جي فيمائين جي وقت سڪي ته ڀلي سنڌ سڪي. جيڪي ٻئي ٺيڪا سنڌ کي ڄڻ ڏاج ۾ مليل آھن! بيوسي، لاچاري، لاغرضي جي به ڪا حد ٿيندي آھي. سنڌ جا مارو ماڻھو جن جو گذر ئي ٻني مال تي آھي، تنين جا حال مڙئي ڪجھه ھيڻا آھن، جيڪي ويچارا ويرانين ۾ وڪوڙجندي نظر اچن ٿا. وقت جي واڳ ڌڻين کي پٽون پاراتا ئي ڏيندا رھن ٿا. خدا جا بندئو اکيون کوليو! سنڌ کي پنھنجي مڪمل ورڇي ٿي گھرجي نه ئي ڪو پرايو حصو. ان ڪري وقت جي سرڪار کي پاڻي جي مسئلي تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. باقي رڳو افسرده تقريرن، ٺلھين ڳالھين سان ڪم ڪونه ھلندو. سنڌ کي پنھنجي جياپي جا سمورا حق ميرٽ تحت ئي ڏنا وڃن.

اُڃا رھون ٿا آب لئه، مھراڻ جي ته ڪَپَ تي،

گذر ٿئي ٿو پنھنجو ھوندي به، سير لَپَ تي،

چئون ٿا سچ تان، رکيو وڃي ٿو ڪَپ چَپَ تي،

مگر نه بندشون پون ٿيون، باز جي ته جھَپَ تي

رياض امر ٻجورو/سجاول

علم ۽ اَسان……!!!

علم هڪ اهڙي شي آهي جنهن کي  ڪير به چورائي نٿو سگهي، بلڪي علم وڌائڻ سان وڌندو آهي. ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمدّ ﷺ علم بابت اسان سڀني کي واقف ڪيو. پاڻ فرمايو: “علم حاصل ڪريو ان لاءِ اوهان کي چين ڇو نه وڃڻو پوي”. ۽ پاڻ ڪريمن فرمايو: “علم حاصل ڪرڻ  هر مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي”.  جنگ بدر  ۾ جيڪي ماڻهو قيد ٿي آيا هئا پاڻ ڪريم جن انهن کي فرمايو جيڪو توهان مان ڏھ مسلمانن کي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريندو ان کي آزاد ڪيو ويندو. ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ سڳورن ﷺ وٽ علم جي ڪيڏي وڏي اهميت هئي؟  ڇاڪاڻ ته علم نِيڪي ۽ بَدي ۾ واضح فرق بيان  ڪري ٿو. صبر ۽ استقلال کي قائم رکي ٿو، جهالت جي زندگي مان نڪري ٿو ۽ پنهنجي حقيقي زندگي ۾ پنهنجي فيملي سان گڏوگڏ ٻين بي پهچ ۽ بي سهارن جو الله تعاليٰ جي طرف کان مددگار بڻجي وڃي ٿو. اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ علم حاصل ڪرڻ صرف ڪنهن نوڪري لاءِ سوچيو ويندو آهي،  اُن  کي هڪ دائري تائين مخصوص ڪيو ويو آهي ائين ناهي علم حاصل ڪري انسان  پنهنجي زندگي ۾ آيل مشڪلاتن ۽ دنيا ۾ مليل چيلينج سان مقابلو ڪندو آهي. پنهنجي معاشري لاءِ هڪ سٺو فرد ثابت ٿئي ٿو، پنهنجي اولادن لاءِ ھڪ سٺو رھنما ملي ويندو آھي، پنهنجي گهر وارن لاءِ سٺا فيصلا ڪري سگهي ٿو،  جنهن سان پنهنجي گھر جي ميمبرن کي خوش رکي سگهي ٿو. تعليم يافته ماڻهن جي معاشري ۾ وڏي عزت مان ۽ مرتبو هوندو آهي.  جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ ڪو ڊاڪٽر آهي، انجنيئر آهي، استاد آهي يا وري وڪيل آهي ته انهن سان معاشري وارن جي وڏي عزت ۽ چاهت هوندي آهي، اها عزت ڪمائڻ لاءِ انهن وڏي محنت ڪئي جنهن جو کين صلو مليو. انهن  سڀني جو پنهنجو مان آهي، ڇاڪاڻ ته انهن سڀني جي گڏيل محنت هڪ ملڪ کي هڪ شهر کي ۽ هڪ معاشري کي مضبوط ڪري ٿي. منهنجي زندگي ۾ اهڙا کوڙ سارا مثال آهن ۽ يقينن جيڪڏهن توهان به پنهنجي معاشري تي نظر ڦيرائيندا ته توهان کي اهڙا تمام گهڻا مثال ملندا جيڪي پنهنجي معاشري کي بهتر بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن۔ اچو ته موجوده دور ۾ علم جو مطالعو ڪريون: علم هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن کي استعمال ڪري انسان دنيا کي بدلائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اڄ کان ڪجهه سال پهرين ۽ اڄ جي دور تي نظر وجهون ته اسان کي خبر  پوندي ته دنيا هڪ مخصوص وقت ۾ ڪيتري ترقي ڪئي آهي. اهو سڀ ڪجهه تڏهن کان ممڪن ٿيو جڏهن انسان علم کي ترجيع ڏني. دنيا علم سان ڪيتري ترقي ڪئي آهي ڏينهن جو فاصلو  ڪلاڪن ۾، ڪلاڪن جو فاصلو منٽن ۾ ۽ منٽن جو فاصلو سيڪنڊن ۾ طئي ٿئي ٿو. الله تعالي کان دعا آهي اسان کي علم جي روشني سان مالا مال ڪري ۽ اسان کي علم اڳتي وڌائڻ جي توفيق عطا فرمائي.

سڪندر علي راھوڪڙو

ملڪي حالتون ڏسي حڪومت ۽ سياسي ڌريون پنهنجا معاملا سلجهائين!

ملڪي سياست صورتحال اتي اچي پهتي آهي جنهن جو ڪيترن ئي ڏينهن کان خطرو ظاهر ڪيو پئي ويو. مخالف ڌر يعني پي ٽي آءِ ڪنهن به ريت هن حڪومت کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي اسيمبلين ۾ ويهي ڪي ڳالهيون ڪري اڳتي وڌڻ چاهي ٿي. جڏهن ته جلسن ۽ عوامي مهم کانپوءِ انهي مخالف ڌر پي ٽي آءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو. عمران خان 25 مئي تي لانگ مارچ ڪيو ۽ جيڪو  پي ٽي آءِ جي ورڪرن سان ٿيو اهو به پوري عوام ڏٺو. هر پاسي ڪريڪ ڊائون، لاٺي چارج، ڪنٽينر، شيلنگ گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي. اسان وٽ ماضي جي تاريخ شاهد آهي ته ڪنهن به مارچ يا احتجاج سان ڪابه حڪومت ختم نه ٿي آهي. ها پر انهي حڪومتن ۽ سياست کي ڪمزور ضرور ڪيو آهي، هن وقت جيڪا ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال آهي انهي مان عوام کي وڌيڪ ڀوڳڻو پوندو. هڪ پاسي روزمرهه جي شين جي اگهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي خونريزي ۽ ڇڪتاڻ جو خطرو پيدا ٿيندو پيو وڃي، جيڪو اڳ ئي معاشي طور بيحال ملڪ لاءِ ڪنهن به ريت فائدي ۾ نه آهي. پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن ٻئي سياسي ڌريون ڪنهن ڳالهه تي راضي هجن. ان فيصلي ڪرڻ جو جو سڀ کان بهترين هنڌ اهائي پارليامنٽ آهي جنهن مان هي سڄو نظام قانوني ۽ آئيني حيثيت ماڻي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته اڃا وقت نه ويو آهي ملڪي حالتن کي ڏسي سياسي ڌرين کي پنهنجا پنهنجا معاملا سلجهائڻ گهرجن. پارليامنٽ کان وڌيڪ ڪو بهتر فورم نه آهي، جنهن کي استعمال ڪري انهي صورتحال جو ڪو حل ڪڍي سگهجي ٿو، باقي رستن تي احتجاج يا مارچ سان ڪڏهن ڪا حڪومت نه ختم ٿي آهي نه ئي ڪو انهي جو نظام کي فائدو ٿيو آهي.

غلام رحيم جوڻيجو/ موکار، مٺي

چيف جسٽس رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏياري

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو فيصلو آيل آهي ته رٽائرڊ ملامن کي سندن حياتي ۾ ئي گروپ انشورنس ڏني وڃي. اندازن ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر سنڌ حڪومت ان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اڃا تائين عمل ڪرڻ کان قاصر آهي. جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به رٽائرڊ ملازمن جي حق ۾ واضح فيصلو ڏئي چڪي آهي. اڳ ۾ چيو ويندو هو ته وفاقي حڪومت پئسا نه پئي ڏئي، هاڻي ته پ پ وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي هاڻي ته رٽائرڊ ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ انهن جو جائز حق جيڪي پئسا ملازمن جا پنهنجا آهن اهي واپس ڪيا وڃن. چيف جسٽس کي عرض آهي ته انهي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ سو موٽو نوٽيس وٺي توهين عدالت جو نوٽيس ڏئي اسان رٽائرڊ ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي.

گلزار سهتو/ڳوٺ بدڪ تعلقو ڪنڊيارو

هڪ بيمار جي درد ڪٿا

راڻيپور لڳ ڳوٺ واحدبخش سولنگي جو رھواسي عبدالحميد سولنگي ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري سان ٽن ورهين کان جنگ لڙي رهيو آھي. ٻچا بک تي ڏسي هڪ ڏينهن زندگي مان بيزار ٿي پاڻ کي تيز ڌار سان ڪهڻ جي ڪوشش به ڪيائين پر سندس امڙ کيس اسپتال کڻائي آئي جتي سندس حياتي جو سفر ٻيهر شروع ٿيو پر هاڻي به  بيماري جي بستري پيل آھي. ھلڻ گهمڻ  کان  لاچار ٿي ويو آھي. علاج خاطر پنھنجي گهر جو الھه تلھه کپائي ڪنگال بڻجي ويو آھي ھاڻي وٽس يا سندس وارثن جي ايتري مالي سگھه ناھي رھي جو ھو  پنھنجو علاج ڪرائي سگھي. عبدالحميد گھر جو  ذميوار فرد آھي جيڪو پورھيو ڪري گھر  جو چرخو ھلائيندو ھو. گذريل ٽن ورهن  کان بيماري جي بستري تي پيل آھي. سندس ٻچا فاقا ڪشي تي ويٺل  آھن. عبدالحميد سولنگي  بيماري جي تڪليف سبب مشڪل وقت پيو گذاري. هن وقت عبدالحميد سولنگي پنھنجي گھر ۾ بي يارو مدد گار بيماري جي بستري تي پيل آھي ۽  ڪنهن مسيحا جي مدد جو منتظر آھي. عبدالحميد سولنگي تڪ جي چونڊيل نمائندن  کي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي ۽ سماجي ورڪرن سياسي ورڪرن کي  ٻچڙن جي گذر سفر لاءِ سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

وحيدعلي ڄامڙو/ راڻيپور

اسان نياڻيون ڄڻ ڪنهن جي ليکي ۾ ناهيون..!

راڻا… منهنجي چپڙن تي هر پل اهائي دعا هوندي آھي ته بازار روح جي هجي يا ته وري شھر جي پر شل ڪڏهن به خالي نه ٿئي.. ڪهڙا ويهي تو سان اندر جا حال اوريان. اسان نياڻيون اڀاڳيون ڄڻ ڪنهن جي ليکي ۾ ئي ناهيون. مون کي ياد آھي ننڍپڻ ۾ اما ماني وقت مونکي مکڻ گهٽ ۽ ڀاءُ کي زياده ڏيندي هئي. جيتوڻيڪ ڀاءُ مون کان ننڍو هو. ٻاراڻو ذھن هو اما کي چيو هئم اما ڀاءُ کي مکڻ جام ٿي ڏئين مونکي ٿورو.. اما ڏاڍو جهڻڪيو هو. اما جا اڄ به اهي لفظ ياد آھن ته، تون ڪمائي کارائيندينءَ ڇا؟  گل….! ويجهو ئي ڀاءُ جي شادي هئي۔ شھر جي ڇوڪريءَ سان پيار پرڻو ڪيو اٿائين..سچ پڇين ته ڀاءُ جي شادي جون خوشيون پلئه ڪونه پيون. لونگ فوٽا ٿالهيءَ ۾ ۽ هو جمالو تي رقص ڄڻ ته ماضي جو قصو بنجي ويو آھي. اردو گيتن تي رقص هو… ماضي جون روايتون ڄڻ موڪلائينديون پيون وڃن. گل…! اسان نياڻين کي قرباني جو ٻڪر ڇو سمجهيو وڃي ٿو؟ ڀاءُ جڏهن پنهنجي پسند جو اظھار ڪيو ته بابا قرض کڻي به سندس شادي ڪرائي. پر جڏهن مون پنهنجي پڙھيل لکيل ۽ سلجهيل سئوٽ سان پرڻجڻ جي ڳالهه ڪئي ته بابا چيو ان بکيي ۽ بيروزگار وٽ آھي ڇا جو توکي خوش رکي سگهندو؟ گل ماڻھو ائين ڇو ٿا سمجهن ته خوشيءَ جو تعلق صرف پئسي سان آھي. ذھني هم آھنگي سان ماڻھو ڪيڏو نه خوش گذاري سگهي ٿو. ڀرت ڀريندي تنهنجي يادن ۾ سمائجي وئي آھيان. تنهنجو چيل جملو اڄ به ياد آھي ته، پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ ٻين جي ضرورتن کي اهميت ڏيو ته زندگي بهار بنجي ويندي. دعا آھي ته تنهنجون مرڪون ڪڏهن ميريون نه ٿين. شال سنڌ ۽ سنڌو وسندو رهي.

فقط تنهنجي سنڌو

غلام علي گل/ٻيلو، سجاول