هڪ چٺي سنڌ جي نوجوانن جي نانءُ!‎‎

                 السلام عليڪم قابل احترام دوستو، اميد ته توهان سڀ خوش ۽ خير سان هوندا، جيئن ته اوهان کي خبر هوندي ته بلدياتي اليڪشن اچڻ واري آهي ۽ هر چونڊيل ڪائونسلر، چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ناظم جو مدو 3 سال هوندو آهي، هي اسان جي وارڊن تي ٻڌل اليڪشن هلندي عام ماڻهو ڀرپور نموني سان اليڪشن ۾ حصو وٺي هارائڻ ۽ کٽڻ زندگي جا حصا آهن، هي اليڪشن تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، ڇو جو هن بلدياتي اليڪشن ۾ عام ماڻهن کي اختيار ملندا آهن ۽ هو پنهنجي پنهنجي وارڊن ۾ ڪم ڪرائي سگهن ٿا، ان ڪري مايوسي وڏو گناهه آهي ۽ هر اليڪشن ۾ اهي ڀوتار، وڏيرا ۽ رئيس اوهان سان ڪوڙا واعدا وچن ڪري اوهان سان ٺڳي ڪري اوهان جي ڏنل ووٽن مان انهن فائدو ورتو، پوءِ اچو ته هن واري پنهنجي پنهنجي وارڊن ۾ اميدوارن جا فارم ڀرايون، ڇو جو توهان ئي پنهنجي وارڊن ۾ ڪم ڪري سگهو ٿا، عام ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ڪري سگهو ٿا، تازو مثال ڏسل ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ حڪمران جماعت کي عوام ناقص ڪارڪردگي ۽ مهانگائيءَ ۽ عام ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو نه ڪندي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، ڇا اسان ايئن نٿا ڪري سگهون؟ ها اسان ايئن ڪري سگهون ٿا، پنهنجي همت ۽ محنت سان اهڙن وڏيرن رئيسن ڀوتارن کي هارائي سگهون ٿا، پوءِ هن واري هن عزم سان ته اسان هن واري بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين ۽ پنهنجي وارڊن جي مسئلن کي حل ڪنداسين، عام ماڻهو ئي عام ماڻهو جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿو، پوءِ بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺجو ۽ تبديلي آڻجو، اميد ته ڪامياب ٿي پنهجي وارڊن ۽ عام ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪندا.

آڪاش ڪورائي/مورو

پڇون آخر پڇون ڪنهن کان، اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ!

  ڪجھه ڏينهن اڳ ۾ ضلعي ميرپورخاص جي تعلقي سنڌڙي 12 ميل اسٽاپ تي موجود بنيادي صحت مرڪز محرم ڪانھيو ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ان واقعي بابت ٻڌندڙن جون هب اکيون آليون ٿي ويون، واقعي کي اسپتال جي عملي جي لاپرواھي چئجي يا والدين جي بدقسمتي جن کي شادي جي ڇھن سالن بعد اولاد جي سعادت نصيب ٿي پر لاپرواھي سبب اھا خوشي به  مرڪن بدران لڙڪن ۾ بدلجي وئي، والدين جو چوڻ ھو ته غلطي سڄي ڊاڪٽرياڻي ۽ موجوده LHV جي آهي، جن کي عورتن بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، ايئن ٿو لڳي ته ڊاڪٽرياڻي ۽ LHV جون ڊگريون ڪوڙيون آھن ۽ ڪنهن ميڍيڪل اداري مان ڪجھه پئسن عيوض خريد ڪيل ھجن، تنهن ڪري کين عورتن جي حمل يا ڊليوري بابت ڪا به ڄاڻ ناهي. ھنن جي لاپرواھيءَ سبب ٻارڙي ۾( فليوڊ) پاڻي ڀرجڻ سبب ايمرجنسي ۾ آڪيسجن لڳائڻو پيو پر افسوس ٢۴ڪلاڪن گذرڻ کان بعد سندن جسم ۾ آڪسيجن جي کوٽ سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو ۽ بدقسمتيءَ سان وارث وري به بي اولاد ٿي ويا.  اسپتال جي عملي جي لاپرواھي غير ذميواري ۽ انساني زندگي کي معمولي سمجھڻ پنهنجي فرض کي صحيح طريقي انجام نه ڏيڻ آهي، ان کان پوءِ حڪومت طرفان بنيادي صحت مرڪز محرم ڪانھيو کي لکين رپين جون دوائون ملڻ باوجود مريضن جي وارثن کي ڊليوري جون انجيڪشنو ٻاھران خانگي اسٽورن تان خريد ڪرڻيون ٿيون پون ۽ اسپتال عملي طرفان وارثن کي اھا ھدايت ڏني ٿي وڃي ته اھي دوائون ٻاھران وٺي لڪائي کڻي اچو ته جيئن ڪميرا جي اک انهن تي نه پوي. اسان DMO ميرپورخاص کي اپيل ٿا ڪريون ته انھي لاپرواهه عملي کي ھٽايو وڃي ۽ انهي ڊاڪٽرياڻي ۽ LHV جي ڊگري صحيح طريقي سان تصديق ڪرائي وڃي ته ڪٿي اھي ڊگريون ڪوڙيون ته ناھن، ان جاءِ تي اھڙو عملو مقرر ڪيو وڃي جيڪو انسانن کي انسان سمجهي ۽ پنهنجي فرض کي صحيح طرح سان انجام ڏئي.

الله بخش بروھي/ 12 ميل، سندڙي/ ميرپورخاص

اسان سان انصاف ڪيو!

حضرت عمر رضه جو قول آھي ته  انصاف ۾ ايتري دير نه ڪجي جو مدعي پنهنجي دعويٰ تان هٿ کڻي وڃي يا ايتري دير سان  انصاف ملي جو دعويٰ کان وڌيڪ نقصان کائي چڪو ھجي، ان کي به ناانصافيءَ ۾ شامل ڪيو ويندو. آءِ جي صاحب مان ھڪ مسڪين انٽرپاس پوليس ڪانسيٽيبل جو پٽ آھيان، منھنجو تعلق ضلعي ڄامشورو تعلقي سيوھڻ سان آھي. منھنجو بابا سائين بيماري ۾ وڪوڙيل ھوندي به پيٽ پالڻ خاطر پنهنجي ڊيوٽيءَ دوران فوت ٿي ويو هو، جڏھن ته آئون فوتي ڪوٽا تحت آيل خالي جاين 2016 ۾ اپلاءِ ڪري سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪري ڊي آر سي کان امتحان ڪليئر پڻ ڪري چڪو آھيان، ھن وقت آفيشل سطح تي ڪي قانوني گھرجون نوٽيفڪيشنس جاري نه ٿيڻ سبب نوڪري نه ملڻ سبب بيروزگاريءَ جي حالت ۾ انتهائي ڏکئي وقت مان گذري رھيو آھيان. منھنجو آءِ جي سنڌ کي عرض آهي ته جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪري ته جيئن مون سميت فوتي ڪوٽا تحت پاس ٿيندڙ نوجوان ڊيوٽي انجام ڏيڻ سان گڏ انهن مان بيچيني ختم ٿي سگھي ۽ هو پنهنجي گھر جو چلھو ٻاري سگھن.

عاشق علي ھاليپوٽو/ سيوھڻ، شريف

تاريخي قبرستان کي چئوديواري ڏياريو!

  سانگھڙ ضلعي جي هيڊ ڪواٽر کان 10 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي يوسي ڪيھور ۽ ان ۾ ايندڙ ڳوٺ خميسو خان ملاح سميت سڀني ڳوٺن جو قديمي ۽ ھزارين سال پراڻو تاريخ رکندڙ قبرستان مائي ڀاڳ ڀري جي نالي سان مشھور آھي ۽ يوسي ڪيھور جو سڀ کان وڏو قبرستان تسليم ڪيو وڃي ٿو، جتي ڳوٺ اشرف انڙ ۽ ڳوٺ خميسو خان ملاح، لوھارڙو سميت آسپاس جي سڀني ڳوٺن، ايتري قدر جو ٽوري موري، 18 ميل ۽ پيرونمل شهر جا ماڻھو به پنھنجن پيارين کي ان قبرستان ۾ دفنائڻ اچن ٿا پر افسوس جي ڳالھه ته ھن ايڏي وڏي ۽ تاريخي قبرستان ۾ ڪا به سھولت ميسر ناهي جھڙوڪ پاڻي، جنازي گاھ، ڪانڌين جي ويھڻ لاءِ ڇانو ۽ قبرستان کي لوھارڙو واري رستي سميت ڪنھن به پاسي کان پڪو روڊ نه ھجڻ ڪري قبرستان ايندڙ ماڻھن کي ڏکيائون پيش اچن ٿيون، ٻي وڏي ڳالھه ته قبرستان کي چوديواري نه ھجڻ ڪري ھر وقت قبرستان اندر جانورن ۽ رولو ڪتن جا ولر گھمندا وتن ٿا. جنھن ڪري تاريخي قبرستان جي سڃاڻپ سان گڏ قبرن جي بيحرمتي ٿئي ٿي. ان ڪري ڪيتريون ئي قبرون ميسارجي ختم ٿي ويون آھن! جنھن سبب ھزارين ماڻھو پنھنجي پيارن جي قبرن کي وساري ويٺا آھن. ياد رھي ته هن قبرستان ۾ رات جي وقت تحفظ جو ڪو جوڳو بندوبست ناهي، ڪجھه وقت اڳ بااثر شرپسندن ملڪيت جي لالچ ۾ اچي مائي ڀاڳي جي مقبري کي شھيد ڪري بيحرمتي ڪئي ھئي، جيڪو واقعو نه ته ميڊيا ۾ آيو ۽ نه وري ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ آئي ۽ معاملو لئي مٽي ٿئي ويو. وڏي ڳالھه ته ھن قبرستان کان 2 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سانگھڙ شگر مل آھي، جي شگر مل انتظاميا چاھي ته نه رڳو چوديواري ٺھرائي ڏئي پر قبرستان جا سڀ مسئلا حل ڪرائي سگھي ٿي.

محمدنواز ملاح/ لوهارڙو، سانگهڙ

دانهن ڪندڙن کي بنا ڏوهه جي سزا ڇو ملندي آهي؟‎‎

  هن وقت معاشري ۾ جيڪو سماجي براين کي وائکو ڪرڻ ۽ پنهنجو آواز بلند ڪندو آهي اهو وڏو ۾ وڏو ڏوهي، بيوقوف، چريو جهڙن انيڪ نالن سان سڏجو وڃي ٿو. اڄ کان 4 ميهنا اڳ مون به ڪنهن جي سهاري “پنهنجي اخبار” ۾ چٺيون لکيون، جن ۾ ڪجھه مسئلا حل به ٿيا ته ڪي وري رهجي ويا پر ان لکڻ سان منهنجي زندگي ۾ ڪافي بدلاءُ پڻ آيو آهي ۽ مسئلا وڌندا رهيا، منهنجي پاڙي توڙي ڳوٺ جا ماڻهو مون کان ڏور ڏور رهڻ لڳا ۽ گهڻن پنهنجن نصيحتن جا ڪتاب کولي ڇڏيا ته ڏس ڪاشف تون غريب آهين، هنن مسئلن ۾ نه پئو، اهو اڳتي تنهنجي زندگي ۾ ڏکيائين جو وڏو سبب بڻجندا پر ڪجھه دوستن جي راءِ موجب مون کي اڳتي وڌڻو هو پر هن وقت چند ماڻهن کي ڇڏي پورو ڳوٺ منهنجپ مخالف آهي ته مان غلط آهيان، پنهنجي ڳوٺ جا مسئلا اجاگر ڪيان ٿو، جي منهنجي ڳوٺ جا مسئلا مان اخبارن ۾ لکان ٿو ته اهو غلط آهي ته مان پنهنجو ڏوهه قبول ڪريان ٿو، اسپتال ۾ ٿيندڙ غريبن سان سلوڪ تي مون کي منهنجو ضمير ماٺ نٿو ڪرڻ ڏئي، نيوڇور جي هر گھٽيءَ ۾ گندگي جا ڍير، گٽر نالن جو گندو پاڻي بيٺل آهي، اهو لکڻ غلط آهي ته مان ڏوهي آهيان، نيوڇور ۾ هلندڙ هٿرادو مهانگائي ڏسي مان دانهن ڪيان ٿو ته منهنجو ڏوهه آهي، اسڪول جي ماسترن جي نالي ماڻهو غلط لکن ٿا، انهن خلاف ٿيڻ منهنجو ڏوهه آهي ته مان بلڪل ڏوهاري آهيان، منهنجو ساٿ ڏيڻ بدران منهنجي مخالفت پيا ڪن، سماجي مسئلن توڙي منشيات واريون شيون وکر جيان وڪامجن پيون، جيڪو نوجوان نسلن جو خاتمو آهي. ان تي دانهن ڪرڻ منهنجو ڏوهه آهي، هن دور ۾ ڏوهه ڪندڙ ڏوهاري ايترين ڏکيائين کي منهن نٿا ڏين جيترو هڪ سچ لکندڙ ٿو ڏئي، آخر ايئن ڇو آهي؟ جتي هزارين هٿ بيٺل کي ڪيرائڻ لاءِ تيار آهن، اتي چند هٿ ڪريل کي اٿارڻ لاءِ استعمال ٿين ته ڀلو آهي، جيڪي زبانون مون کي روڪڻ لاءِ تيار آهي جي اهي زبانون دانهون ڪن ها ته هن وقت نيوڇور جا انيڪ مسئلا حل هجن ها.

ڪاشف جوکيو/نيوڇور

چمچن جو عالمي ڏينهن!

  آئون اها ڳالھه اڄ ڏينهن تائين سمجهي ناهيان سگھيو ته جڏهن چمچو کاڌي رڌڻ ۽ کائڻ جي ڪم ايندو آھي ته پوءِ ماڻھن تي چمچو  نالو ڪيئن پيو؟ اڪثر وڏا ماڻھو چمچن سان کاڌو کائيندا آھن ۽ انهن کي وري چمچا ماڻھو به ڏاڍا وڻندا آھن، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ڪٿي وري پاڻ کان وڏن ماڻھن جا چمچا ٿي ويندا آھن! حيرت جي ڳالھه ته جنهن کاڌي ۾ اسان پنهنجا هٿ وڃائڻ نه چاهيندا آھيون پوءِ اهو کاڌو اسان پنهنجي پيٽ ۾ ڪيئن ٿا وجهئون يا وري انهن کي اها ڀلي ڀت ڄاڻ آھي ته سندن اندر ته هونئن به خراب آھي، کاڌي کائڻ سان وڌيڪ خراب ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو، ڪوئي اسان جو اندر ٿوروئي ڏسندو ڀلا! جيڪڏهن ڪو اسان جو اندر ڏسندو به ته ڇا ٿي پوندو، پاڻ وري ڪهڙا اندر جا صاف آھيون، جنهن ماڻھو جو وات وڏو پيا ڏسن وڃي ٿا پون تنهن وات ۾، چمچي جهڙو حرفتي ته ڪو هوندو ئي نه، ڇو ته کيس خبر آھي ته شريف جو ڪو به قدر ڪونهي، تنهن ڪري کيس حرفتي ٿيڻو ٿو پوي، ان ڪري هر وقت ڪلئي ڪرڻ واري کان پاڻ کي چمڪايون پيا چمڪائين، جيئن ڪنهن کي خبر ئي نه پوي ته ڪو چمچي جو اندر ڪارو آھي، يا اهڙو صاف اٿس جيئن ٻاهران صاف آھي، وري چمچن جا به ڪيترائي قسم ٿين ٿا، ڪي ننڍا چمچا، ڪي وڏا چمچا ته ڪي وري وچولا چمچا به ٿين ٿا ننڍا. چمچا سدائين پير مهٽ ڪندا آھن. جن کي وري وڏا ماڻھو پنهنجي پالتوءَ کان به گهٽ اهميت ڏيندا آھن، وڏا چمچا وري هاءِ ڪلاس جي وڏن ماڻھن جي در تي پهريدار ٿي ويهندا آھن ويچارا وچولا چمچا وري هتان هتان جون چغليون کڻي وڏن ماڻھن جي پيرن ۾ ويهي بيان ڪندا آھن، جيئن کيس سامهون وارو وڏو ماڻھو خوشگوار موڊ ۾ ٻن آڱرن جو ڀونڊو ڏئي خوش ڪري ڇڏي، چمچي کي هونئن به ٻيو گهرجي ڇا؟ سندس منهن سدائين سڻڀو ئي هوندو آهي اهو ڪڏهن کاڌي سان ته ڪڏهن ڀونڊي سان پر شايد کيس اها خبر ناهي ته سڻڀ تي سدا مکين جا ڍير ويٺل هوندا آھن ۽ سندس منهن گندو ڪري ڇڏينديون آھن، ماڻھو وري چمچن جا اهڙا ته هيراڪ ٿي پيا آھن جو چمچن کان سواءِ رهي به نٿا سگهن.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جي به سار لهو!

  يوسي مرادپور تعلقي ۽ ضلعي سجاول جو ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي، هتي 16.04.1964ع ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه جي نالي سان اسڪولي عمارت ملي هئي، جنھن ۾ مختلف ڳوٺن جا تقريب 150 ٻار جي قريب تعليم پرائيندا هئا. افسوس 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ ان جي عمارت ڪري مڪمل تباهه ٿي وئي. جنهن کان پوءِ اسان هتان جي چونڊيل نمائندن توڙي بالا آفيسرن کي روبرو بار بار پڻ چيو توڙي لکت ۾ پڻ درخواستون ڏنيون پر ضلعي سجاول ۾ سياسي نمائندن کان وٺي بالا آفيسرن تائين عوام جي ڪو به وارثي ڪرڻ وارو ناهي. ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه پڪي رستي جي سهولت کان به محروم بڻيل آهي. ٻيلو شهر کان 7 ڪلوميٽر ۽ سجاول شهر کان 12 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي پڪو رستو به نٿو ڏنو وڃي. ان کان سواءِ هتي بجلي صرف ٻه ڪلوميٽر قادري فش فارم تي موجود آهي پر ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن کي نٿي ڏني وڃي. ان کان سواءِ هتي سم نالي 6-آر جي به کاٽي هر سال نٿي کڻائي وڃي جنهن سبب ڳوٺاڻن جا گهر توڙي فصل پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿا.  اسان سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي يوسي مُرادپور جي ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه کي بنيادي سڀئي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

سنڌ ۾ مھانگائيءَ جي سوائي مصيبت!

  هن وقت هر طرف سنڌ ۾ ٿيل مهانگائيءَ بابت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ٿي رهيو آهي، تازي معاشي صورتحال ۾ ٿيل تبديلين بابت به حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مخالف ڌر به ان گوڙ ۽ شور ۾ وسان نه گھٽائي رهي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ آيل مهانگائي جي طوفان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهو طوفان گھٽجڻ بدران وڌڻ جو امڪان آهي، افسوس جي ڳالهه اها آهي جو ملڪ ۽ قوم کي درپيش هيڏي وڏي معاشي گھوٽالي باوجود حڪومت ۽ مخالف ڌر ان مسئلي جو ڪو سنجيده حل ڳولڻ بدران هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي الزامن جي سياست ڪندي نظر اچن ٿيون، هرڪو مسئلي جي ته ڳالهه ڪري رهيو آهي پر ان جي حل طرف ڪي به سنجيده تجويزون سامهون نه اچي رهيون آهن. بيحسي ۽ بيدردي جي انتها آهي جو هڪ طرف عوام مهانگائيءَ سبب رڙيون ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جا نام نهاد سياستدان هڪ ٻئي کي بليڪ ميل ڪندي نظر اچن ٿا، جيستائين حڪومت ماضيءَ جي حڪومتن جهڙي طرح معيشت جو ستياناس ڪيو انهن اگھن تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻي پوندي، روزمرهه جي کاڌي جي شين جهڙوڪ اٽي، گيهه، کنڊ، چانور ۽ دالين وغيره جي اگهن تي نه رڳو ڪنٽرول ڪرڻو پوندو پر حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي انهن جنسن تي عوام کي مناسب سبسڊي مهيا ڪري ته جيئن غريبن جو چلهو ٻري سگھي. ٽئڪس گڏ ڪرڻ واري نظام کي وڌيڪ موثر ۽ بهتر بڻائڻو پوندو ۽ غريبن تي اڻ سڌا ٽئڪس لڳائڻ بدران امير طبقي تي سڌا ٽئڪس لڳائڻا پوندا، سرڪاري ادارن مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ جوڳو آپريشن ڪرڻو پوندو ۽ عوام جو لٽيل پئسو واپس آڻڻ لاءِ رياستي ادارن جهڙوڪ نيب ايف آءِ اي ۽ عدالتن وغيره کي ترت معاملن کي اڳتي وڌائڻو پوندو.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

54 هزار ڪيسن جا جلد فيصلا ٿيڻ تحسين لائق ڳالهه آهي!

  چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد امير ڀٽي جي هدايتن تي ترتيب ڏنل ڪيس مينيجمنٽ پلان جي بدولت هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن 6 سيپٽيمبر کان 10 ڊسمبر تائين 54 هزار ڪيسن جا فيصلا ڪيا آهن. جون 2021 جي انگن اکرن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ زيرالتوا ڪيسن جو انگ هڪ لک 93 هزار 30 هئي. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جو تعداد 60 هئو پر صرف 50 جج ڪم ڪري رهيا هئا ۽ 10 ججن جي ڪمي هئي. ماهرين موجب عدالتن ۾ ڪيسن جي التوا جو شڪار هجڻ جي ڪري عدالتن ۾ ججن جي گهٽتائي کان سواءِ وڪيلن جو مختلف سببن جي ڪري ڪيسن جي پيروي لاءِ عدالتن ۾ نه پهچڻ آهي. ان لاءِ جناب چيف جسٽس پنهنجو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ هڪ تقريب ۾ وڪيلن کي ڪيسن ۾ حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ چيو هو ته جيئن سائلن کي انصاف جي بروقت فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. بنا شق چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي ذاتي دلچسپي ۽ ڪيس مينيجمنٽ پلان ڏيڻ سان ٽن مهينن جي ٿورڙي وقت ۾ 54 هزار ڪيسن جا فيصلا ٿيڻ لائق تحسين ڳالهه آهي پر اها به حقيقت آهي ته 2021 جي هڪ رپورٽ موجب پنجاب جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽن ۾ 13 لک 45 هزار 632 ڪيس زيرالتوا هئا. ججز جي گنجائش 2364 جڏهن ته 1616 جج مقرر هئا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بهتر ٿيندو ته حڪومت وڪيلن جي عدالتن ۾ حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون سازي کان سواءِ ججن جو انگ وڌايو وڃي، جيئن عوام کي بروقت انصاف ملي سگهي ۽ عدالتن تان زيرالتوا ڪيسن جو بار به گهٽ ٿي سگهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

عورت چئجي جنهن کي! جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(قسط ڏهين)

                 اهڙيءَ ريت تاريخ جي انهن صفحن تي مرد عظيم بڻجي اڀري ٿو، هو تاريخ جي عمل وڌائيندي نظر ٿو اچي ۽ عورت ان جي تابع نظر ٿي اچي، هو مرد جي پويان هلڻ تي مجبور آهي، ڀلي کڻي هو جنگ کان نفرت ڪري پر مرد جي خوشيءَ خاطر هو پنهنجا ٻچا به جنگ ۾ خوشي خوشي روانا ڪري ٿي ڇڏي، جنهن جو هڪ مثال عراق ۽ ايران جي جنگ آهي جنهن ۾ مائرن پنهنجي پٽن جي شهادت تي خوش ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي، توهان اڄ ڪلهه پي ٽي ويءَ تي ارطغرل غازي ۾ به اهي منظر ڏٺا هوندا پر عورت جي ان خوشيءَ جي هيٺ جو غم، درد، ڏک ۽ اذيت به آهي جيڪا ڪير به محسوس نٿو ڪري سگھي. ان جي لاءِ اهو چوڻ صحيصح ناهي ته عورت جي پنهنجي ڪا ذات ناهي ۽ هُن پنهنجي ذات کي مرد جي ذات ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي، نه، ان جي پنهنجي ذات ۽ وجود  برقرار آهي پر لڪل ڪئين تهن جي پردي ۾ آهي ۽ هوءَ مرد جي ٺهيل روايتن ۽ قدرن ۽ ادارن جي وچ ۾ وڃايل ۽ گم ٿيل ذات آهي. ان لاءِ موجوده تاريخ ۽ ان جي فريم ورڪ ۾ عورت جي ڪا به حيثيت ناهي ۽ اها تاريخ ان جي لاءِ بي معنيٰ آهي، جي هو پنهنجي جاکوڙ جي لاءِ ماضي ڏي موٽ کائي ٿي ته تاريخ تان غائب نظر اچي ٿي، ان ۾ ان جو وجود ناهي، ان لاءِ هي تاريخ هن کي جدوجهد ۽ حقن جي جنگ جي لاءِ ڏسي سگھي، ان لاءِ ان تاريخ ۾ عورت لاءِ ڪجھه به ناهي جنهن لاءِ هو متاثر ٿي سگھي ۽ جنهن جي ماضيءَ کي هو حال جي جدوجهن سان ڀيٽي سگھي. ان لاءِ عورتن کي تاريخ ٻيهر جوڙڻي پوندي ۽ مردن جي اصولن ۽ نظرين جي تشريح کي بدلائڻو پوندو ۽ ان تاريخ جي ڍير مان ان کي پنهنجي گم ٿيل ذات کي ڳولڻو پوندو. اها ذات جيڪا مرد جي اصولن ۾ وڃائجي وئي آهي ان کي تاريخ ۾ پنهنجي ڪردارن کي اُڀارڻو پوندو ۽ ان جدوجهد ۾ ان تمام قدرن ۽ روايتن کي بدلائڻو پوندو جيڪا هن جي دشمن آهي جنهن هن جي وجود کي هيسائي رکيو آهي ۽ انهن تمام ڳالهين کي اجاگر ڪرڻو پوندو جن جي ڪا به اهميت ناهي ۽ جنهن کي بيڪار سمجھي نظر انداز ڪيو ويو آهي ڇو جو انهن ۾ ئي عورت جي اهميت روپوش آهي.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙن مختلف دوستن خط لکي ساهي ڪلاس جي باري ۾ مون کان پڇيو آهي ته سردار اوهان جي تحرير ۾ اوهان اڪثر ساهي جي ڪلاسن جو ذڪر ڪندا آهوي، اسان کي ٻڌايو ته اها ساهي آهي ڇا ۽ قيدين کي اُتي ڇا پڙهايو ويندو آهي، سوال پڇندر دوستن کي منهنجو عرض ته دوستو ساهي SAHEE (Society for advancement of health education and the environment) جو شارٽ فارم آهي، هيءَ هڪ اين جي اوز آهي، هي اين جي او سنڌ جي جيلن ۾ قيدين کي لکڻ ۽ پڙهڻ کان سواءِ ڪريمنون جي نالي سان چار ڪورس ڪرائي ٿي جن ۾ هڪ ڪميونيڪشن ڪورس ٻيو سکڻ ڪيئن سکجي،م ٽيون خوشيءَ جي راهه ۽ چوٿون سماج دشمن روين کي سڃاڻن ۽ انهن تي ضابظو جي تربيت آهي، حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ اهي ڪورس استاد چيتن ڪمار جي نگرانيءَ ۽ ٽيچنگ ۾ ڪرايا ويندا آهن، استاد چيتن ڪمار لڳ ڀڳ 6 سالن کان قيدين جي هي ڪورت ڪرائي رهيو آهي، استاد چيتن جي بقول ساهي جي سهڪار سان  هيستائين سوين قيدي بنيادي تعليم لکڻ ۽ پڙهڻ سکي چڪا آهن، ان کان سواءِ ٻيا به سوين قيدي ڪريمنون جو ڪورس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سماج ۾ هڪ بهترين ۽ ڪارآمد فرد طور پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪري چڪا آهن، اسان نه رڳو قيدين جي تعليم ۽ تربيت ڪريون ٿا پر اسان جي خواهش آهي ته قيدي جيلن مان نڪرڻ کان پوءِ سماج ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪن،. ڪريمنون جا چارئي ڪورسن جو ليکڪ هيل رون هبرڊ نالي انگريز ليکڪ آهي جيڪو ان حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور، ساهي جي نگران موجب اسان کي خوشي آهي ته هن نيڪ ڪم ۾ اسان ۽ ساهي ٻين سڀني کان اڳتي آهيون، حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هي ڪورس ڪرائڻ وارو ٻيو استاد فدا ڀٽي آهي ان کان سواءِ آئون ۽ منهنجو پيارو دوست عبدالعزيز گاڏهي پڻ سندس سهڪار ڪندا آهيون، اميد ته دوست ساهي کان واقف ٿي چڪا هوندا.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد