ھارين کي بٽائي ۾ اڌ حصو ڏنو وڃي!

                 ٺل سميٽ سڄي سنڌ ۾ ھارين کي بٽائي مان اڌ حصو نه ٿو ڏنو وڃي، جنھن ڪري ھاري 12 مھينا وڏيري جو قرضي رهي ٿو، صرف انھن کي جيئرو رھڻ لاءِ ٻه ويلا ماني ڏني ٿي وڃي، ھتي ته واھن ۽ واھين جي کاٽي جو خرچ ناجائزي ڪري ھاري کان ورتو ٿو وڃي، ھارين کي ڀاڻ ۽ زھر وياج تي ڏئي وياج اوڳاڙيو ٿو وڃي، ايتري تائين ديري تي پيل سارين، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي ٻار جي ٽوھپ، زمينن جي ڪارائي جي پگھار، منشي جي پگھار، مارڪيٽ ۾ پھچايل سارين جي 100 مڻ جي گاڏي تي 3 مڻ ڪٽوتي، وڏيري جي بنگلي تي ڪم ڪندڙ نوڪرن جو خرچ به ھاري جي بٽائي مان ڪٽوتي ڪيو ٿو وڃي. ھارين کي گھر جو سودو ۽ راشن تي به وياج ورتو ٿو وڃي، جنھن ڪري ھاري بٽائي مان منافعي بجاءِ قرضي ٿي بوڇڻ ڪلھي تي رکي ھليو ٿو وڃي، ھارين کان وڏيرا گھرن جي صفائي سٿرائي کان وٺي چوپائي مال جي گاھ لڙڻ، وٺي ھارين جي عورتن تائين غلام ۽ وڏيرن جا نوڪر ھوندا آھن، ملڪ جي آزادي بعد ھاري کي بٽائي مان 4 حصو ڏنو ويندو ھو، جنھن بعد ڪميونسٽ پارٽي پاران مسلسل احتجاجن ۽ جدوجھد کان پوءِ ھارين کي بٽائي مان اڌ حصو ملڻ لڳو ھڪ دفعي ھڪڙي وڏيري ھاري کي بٽائي مان اڌ حصو نه ڏيڻ لڳو، ان ھاري ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ بختاور کي دانھن ڏني جنھن بعد ھاري ۽ ڪامريڊ بختاور وڏيري وٽ پھتا، وڏيرو تپي باھ ٿي ويو، ڪامريڊ بختاور کي ڏانداري مٿي ۾ هنيائين، ڏانڌاري جو گھوٻو ڪامريڊ بختاور جي مٿي ۾ لڳو، ڪامريڊ بختاور موقعي تي ئي شھيد ٿي وئي، ڪامريڊ بختاور جي شھادت بعد ڪميونسٽ اٿي کڙا ٿيا، ھنن حڪمرانن اڳيان سخت احتجاج ڪيا، انھن جي احتجاجن نيٺ رنگ لاتو جنھن بعد ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ سخت قانون لاڳو ڪيو ويو ته ھارين کي بٽائي مان اڌ حصو ڏنو وڃي، اڄ وري ھارين سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن، انھن کي بٽائي مان اڌ حصو نٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي ڪا سگھاري پارٽي آھي جيڪا ھارين جي حقن لاءِ وڙھي، ھارين سنڌ حڪومت، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آھي ته ساڻن انصاف ڪري وڏيرن کان بٽائي ۾ اڌ حصو وٺي ڏنو وڃي جيئن هو خوشحال زندگي گذاري سگھن.

محمد رمضان نوناري/ٺل

ساريون في مڻ قيمت ٻه ھزار مقرر ڪئي وڃي!

  اتر سنڌ ۾ ساريالو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پھچي چڪو آھي، مارڪيٽ جي واپارين ۽ مل مالڪن پاران سارين جي في مڻ 11 کان 12 سئو رپين ۾ خريد ڪيو پيو وڃي، جيڪو نامناسب قيمت آھي، مھانگائي عروج تي ھجڻ سبب ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن جون قيمتون چوٽ چڙھيل آھن. ڊي اي پي في ٻوري 6 ھزار، يوريا في ٻوري ٻه ھزار، گارڊ ٻج في پيڪٽ پنج ھزار ۾ وڪرو پيو ٿئي، سرءَ، سانوڻ ھر في ايڪڙ 16 سئو رپيا، ان کان سواءِ مختلف قسم جي جيتن جا اسپري، ٿريشر جي خرچي سان في ايڪڙ تي 30 کان 40 ھزار خرچ آھي، جڏھن ته في ايڪڙ سارين جي آمدني سارين جي قيمت انتھائي گھٽ ھجڻ سبب روانگي کان گھٽ آھي، آبادگارن کي ساريالي فصل مان ڪو لاڀ حاصل ڪو نه ٿو ٿئي، جي حڪومت پاران آبادگارن کي سبسڊي نه ڏني وئي ته ايندڙ ڪھ سالن ۾ اتر سنڌ مان ڪڻڪ توڙي ساريالي فصل جو انت اچي ويندو. مھانگائي سبب ماڻھو ساريون ڪڻڪ پوکي نه سگھندا، ھن سال پاڻي جي کوٽ سبب ساريالي فصل ۾ ان جو معيار پڻ بھتر نه آھي، سرڪار پاران مقرر ڪيل اگھن تي واپاري عمل ڪرڻ بجاءِ پنھنجي من پسند اگھن موجب ساريون خريد ڪن پيا، تنھن تي سنڌ سرڪار خاموش آھي جنهن ڪري غريب ھارين، آبادگارن کي ڪچلڻ برابر آھي. سنڌ آبادگار بورڊ ۾ پڻ سنڌ جا وڏيرا ڀرتي ھجڻ سبب وڏيرا سرڪار کان فائدا وٺي خاموش تماشائي بڻيل آھن، ڇو ته انھن جاگيردارن، وڏيرن جون زمينون غريب ھاري کيڙيندا آھن، جاگيردارن پاران زمينن تي ٿيندڙ سمورو خرچ ھارين کان وياج سميت وصول ڪيو ويندو آھي. ڪٿي ته قرض عيوض وڏيرا غريب ھارين جون نياڻيون پڻ جبري طور پنھنجن پٽن سان پرڻائيندا آھن، سارين جي گھٽ قيمت جو اثر سڀ کان وڌيڪ ھاري مٿان پوي ٿو، حڪومت کي گھرجي ته سارين جي في مڻ قيمت گھٽ ۾ گھٽ ٻه ھزار رپيا مقرر ڪيو وڃي، جيئن غريب ھاري ۽ آبادگار ان مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگھن.

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

سڄي تَر جو پيءُ، وڏيرو!

                 ڪجھه ڏينهن اڳ پنهنجي اخبار ۾ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سنڌ جي چيئرپرسن شميم ممتاز جو بيان پڙهيو ته “وڏيرو سڄي تَر جو پيءُ هوندو آهي” اهو بيان سمجھه ۾ نه آيو، بعد ۾ ان بيان جي گھرائيءَ ۾ ويس ته شميم ممتاز پ پ جي ايم پي اي آهي ۽ سنڌ اسيمبليءَ 90 سيڪڙو وڏيرن سان ڀريل آهي ۽ جو ڏوهه به نه آهي ته جتي وڏيرا سنڌ تي حڪمراني ڪن ٿا ان لاءِ وڏيرن جو قانون، ادارا، پوليس سڀ انهن جي ماتحت آهن، سنڌ ۾ وڏيرو اڇي ڪاري جو مالڪ آهي، جيڪڏهن ڪو غريب ڪنهن جي سائيڪل چور يڪندو آهي ته سڀ قانون ان تي لاڳو ٿي ويندا آهن پر اسان جو وڏيرو هر قانون کان بالاتر آهي.، اسان جي سونهاري سنڌ سان ماضيءَ کان وٺي اڄ تائين جيڪي به ظلم ٿيا آهن انهن جو هڪڙو ڪردار وڏيرو آهي. ڳوٺ جو وڏيرو سڄي تر جو پيءُ نه پر بادشاهه آهي. وڏيري کي غلام ۽ نوڪر کپن ۽ خوشحالي سان ته هُن جي دشمني هوندي آهي، تعليم، صحت جون سهولتون وڏيرو تَر ۾ ٿيڻ ئي نه ڏيندو آهي، وڏيري جي تر ۾ جيڪڏهن برادريون خوش هجن ته ان تي وڏيري کي باهه لڳي ويندي آهي ۽ سندس ننڍو حرام ٿي وينديون آهن ۽ پوءِ وڏيري جا خاص چيلا حرڪت ۾ اچي ويندا آهن ۽ انهن جھيڙن جا فيصلا به وڏيرو پنهنجي مرضيءَ تحت ڪندو آهي، وڏيري جي در تي تر جو ڪو به ماڻهو ويندو آهي ته ان کي پٽ تي ايئن ويهاريو ويندو آهي ڄڻ هو ڪو قاتل ۽ ڏوهاري هجي. محترمه شميم ممتاز پنو عاقل ۾ لڄالٽ جو شڪار نياڻي سان ملي اهڙو بيان ڏيڻ ڄڻ ان نياڻيءَ سان نانصافي ڪرڻ آهي، ظلم به وڏيرو ڪري ۽ وري فيصلو به وڏيرو ڪري ته پوءِ انصا ڪٿان ۽ ڪيئن ملندو؟ محترمه شميم ممتاز ايم پي اي کي گذارش آهي ته سڄي سنڌ جي تباهي وڏيرن ڪئي آهي، انهن کي سپورٽ ڪرڻ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سدان انصافي آهي.

عابد پنهل بليدي/ڪراچي

منشيات جي تيز ڦهلاءَ نوجوان طبقي کي تباھه ڪري ڇڏيو!‎‎

  معاشري ۾ ھر گذرندڙ ڏينهن سان منشيات جيتري تيزيءَ سان ڦهلجي رهي آهي ۽ جنھن جو نوجوانن تي ڪيترو اثر پوڻ سان گڏ انھن جي زندگين کي تباھ ڪندي نظر اچي ٿو، ڇا ان کي روڪڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھ نه آهي؟ اسان جي سماج ۾ منشيات جو واپار ته عام ٿي چڪو آهي پر ان جي استعمال سان نوجوان جيڪي عادي ٿي رھيا آھن ان کي ان عادت مان ڪڍڻ تمام ڏکيو بڻجي ويو آهي، جيڪو انھن کي موت جي منهن ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي نسلن کي تباھ ڪري رھيو آھي. ان کي ڇو نظر انداز ڪيو ويو آهي؟ جيتري قدر ان جي استعمال جي عمر جي ڳالھ ڪجي ته ان جي ڪا به عمر جي حد مقرر ناهي پر ان ۾ گھڻي اڪثريت انهن نوجوانن جي آھي جيڪي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽن يا ڪنھن تعليمي ادارن ۾ موجود آهن، جيڪي ماحول جي اثر پوڻ سان شروعات سگريٽ پيئڻ کان ڪندا آھن ۽ آھستي آھستي وڏن شين جي استعمال تائين پھچن ٿا، جنھن جا ھو ايترا عادي ٿي وڃن ٿا جو ان جي استعمال کان سواءِ انھن جو گذارو ڏکيو ٿي ويندو آهي. جيتوڻيڪ انهن جي دماغ تي منشيات جو جيترو اثر ٿي رھيو آھي جنھن سان نوجوانن جي زندگي سان گڏ انھن جي، قابليت، پڙھائي، جسماني صلاحيتن، بھتر مستقبل، وغيره کي پوري طرح متاثر ڪري ڇڏي ٿو. حقيقت ۾ اڄ جا نوجوان اسان جي مستقبل جو سرمايو آهن پر افسوس لکيل، پڙهيل، چڱي ۽ خراب جي سڃاڻپ ڪرڻ، ھوشياري ۽ سمجھداري ھجڻ باوجود خراب عادتن کان پاسو نه پيا ڪن، جنھن ڪري نه رڳو انهن جي ڪارڪردگي پر ملڪ جو به وڏو نقصان ٿي رھيو آھي. تنھن ڪري مان ملڪ جي صحت کاتي جو نظام ھلائيندڙ ۽ وس وارن ادارن ۽ عھديدارن کي گذارش ٿي ڪريان ته ملڪ کي منشيات جي ڦهلاءَ کان جلد کان جلد بچايو وڃي ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪيون وڃن جيئن نوجوانن کي ان عادت کان بچائڻ سان گڏ جيڪي ان مرض ۾ وڪوڙيل آھن انھن کي ڌٻڻ کان ٻاھر ڪڍي سگهجي.

تانيه سليم/قمبر علي خان

ڪرپشن ڪيئن ڪجي..؟!

  آءِ بي اي کير جي ڌوتل اداري جيڪي غلطيون ڪري مڃڻ لاءِ تيار ناهي، ايتري قدر جو مثال طور سڄي دنيا کي خبر آهي ته هن وقت پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان آهي پر آءِ بي اي وارا چون ٿا ته نه سڀ غلط آهي، هن وقت پاڪستان جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري آهي. اهڙي نااهل ۽ ڪرپٽ اداري کان ڪير پڇي؟ ٻيو وري انيل ڪپور 2 سردار شاهه جنهن چيو ته سنڌ کي قابل استادن جي ضرورت آهي، بيشڪ 48 وارا نااهل فيل آهن، باقي شاھ صاحب جي ڳوٺ وارا 33 وارا قابل احترام ۽ اهل آهن، سٺو ٿيو شاهه صاحب کي اهل استاد ته ملي ويا، هاڻي خبر پئي ته ڪورونا جو بهانو هو، اصل ۾ سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻي هئي. منهنجي وزيراعظم پاڪستان، آرمي چيف ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي عرض آهي ته معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي سنڌ جي سڀني اميدوارن هڪ جهڙو  انصاف فراهم ڪيو وڃي.

صادق مهر/ قاضي احمد

هڪ چٺي ايس ايس پي ٿرپارڪر ڏانهن!

  ڪلوئي ويجهو اولھ طرف ونگو پتڻ، بلوچ آباد، ستون ميل ڪاجهر ۽ ٻين مختلف ڳوٺن وٽ سرن جي بٺن ۽ ڪوئلي جي کپن جو رحجان وڌي ويو آهي، ڪلوئي جي بئراجي علائقي ڪاجهر ۾ ڪوئلي جي ڪپن ۽ سرن جي بٺن مان نڪرندڙ دونهين ۽ دز مختلف ڀرپاسي جي ڳوٺن جي ماڻهن ۾ کنگھ، زڪام، ٽي بي، ۽ دم جي بيماري ۾ ڦهلائي رهيا آهن، ڪوئلي جي ڪپن ۽ سرن جي بٺن مان نڪرندڙ دونهين ۽ دز جي ڪري ڪافي ماڻهن کي مختلف بيماريون ٿي ويون آهن، بٺن تي مزدوري ڪندڙ مزدور پڻ دم، ٽي بي، کنگھ ۽ ٻين موذي مرض ۾ وڪوڙجي ويا آهن، بٺا مالڪ ايترا ته بااثر آهن جو بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن کان ڏينهن توڙي رات جبري پورهيو وٺن ٿا پر انتظاميه اڃا تائين ان معاملي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، جڏهن ته ڪلوئي پوليس بٺا مالڪن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران انهن کان هر مهيني رشوت وٺندي آهي، ايس ايس پي ٿرپارڪر کي هن معاملي جي بابت ڪا به ڄاڻ نه آھي، اسان هن چٺي وسيلي ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص کان مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي بٺا مالڪن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سرن جي بٺن ۽ ڪوئلي جا ڪپا فوري طور تي بند ڪيا وڃن.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎‎

مسئلن جو شڪار پاڪستان ريلوي تي ڌيان ڏيو!

  هڪڙو وقت هو ته پاڪستان ريلوي اهڙو کاتو هو جيڪو حڪومت کي ڪروڙين رپيا آمدني ڏيڻ وارو کاتو هوندو هو. ٽرين جو سفر تمام آرامده هجڻ سان گڏ محفوظ ۽ سستو سفر سمجهيو ويندو آهي. پاڪستان جو گهڻو خوشحال طبقو ۽ عام عوام ٽرينن ۾ سفر ڪندو آهي. موجود حڪومت جي بدانتظامي جي ڪري جتي هر شعبو متاثر ٿيو آهي اتي ريلوي ۾ گهڻن روٽن تي ٽرينون به بند ڪيون ويون آهن. ملڪ اندر ٽرينن جو بروقت پنهنجي منزل مقصود تائين پهچائڻ ڄڻ هڪ خواب بڻجي ويو آهي. ڪيترائي ڀيرا اعلى سطحي اجلاس ٿيا پر ٽرينن جو شيڊول بهتر نه ٿي سگهيو، ڪڏهن انجڻ فيل ته ڪڏهن بوگين جو پٽڙي تان لهڻ معمول بڻجي ويو آهي. گذريل حڪومت ۾ ريلوي گهڻي قدر خساري مان ٻاهر نڪري آئي هئي پر هاڻي وري ساڳي خساري واري راهه تي هلي رهي آهي. ان لحاظ کان ڪيترا ئي ڀيرا گذارش ڪئي وئي آهي ته ريلوي جو کاتو اهڙن ماڻهن جي حوالي نه ڪيو وڃي جنهن جو پنهنجو گڊز جو ڪاروبار هجي يا ڪهڙي سطح تي به ڪو تعلق وارو واسطو هجي، ڇاڪاڻ ته پ پ پ جي دور ۾ ريلوي کاتي جو ٻيڙو ئي غرق ان سبب جي ڪري ٿيو هو جو ٽرينن جو بروقت نه پهچڻ ۽ مال بردار گاڏين جي گهٽائي جي ڪري ريلوي خساري ۾ وئي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انجڻ جي کوٽ پوري ڪري ٽرينن جو شيڊول کي بهتر بڻايو وڃي، جڏهن ٽرينن جو شيڊول خراب هوندو آهي ته مسافر وقت زيان ڪرڻ بجاءِ ٻين وسيلن تي سفر کي اوليت ڏيندا آهن. جنهن ڪري ريلوي جو ادارو خساري ۾ هليو ويندو آهي. وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انجڻين جي کوٽ پوري ڪرڻ سان گڏوگڏ بوگين جي کوٽ پڻ پوري ڪئي وڃي جيئن ريلوي کي خساري کان ٻاهر ڪڍي منافعي بخش ادارو بڻائي سگهجي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ھڪ چٺي ڊي ايچ او آفيسرن ڏانھن!

  پي پي ايچ آءِ جي سهڪار سان ھلندڙ بي ايچ يو شامل انڙ ڪيترن ئي سالن کان وٺي بنا ڊاڪٽر جي هلي رهيو آهي، بي ايچ يو شامل انڙ سينٽر ھاڻي ڊسپينسرن جي رحم ڪرم تي هلي رهيو آهي، 250 کان مٿي او پي ڊي رکندڙ ھن سينٽر ۾ ڊاڪٽر ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ ڪري ھاڻي 80 کان 100 جي او پي ڊي مس هلي ٿي، پي پي ايچ آءِ طرفان اسپتال ۾ ڪا به سھولت مهيسر ناھن ڪئي وئي، پيئڻ جي پاڻي لاءِ ھينڊ پمپ به ناھن لڳايا ويام، نه ئي سولر وارو موٽر لڳائي سگھيا آهن، ٻن سالن جي بجيٽ ۾ صرف پراڻي فرنيچر کي رنگ ڪيو ويو آھي، ڊسپينسر بنا چيڪ اپ جي دوا ڏيڻ ٿا، ڊسپينسر بيمارين جو جواز ڄاڻائي مھيني ۾ 15 ڏينھن موڪل ڪندا آھن، مھيني ۾ 10 کان 15 ڏينھن ڊيوٽي تي موجود ھوندا آھن. علائقي واسي علاج لاءِ سخت پريشان آهن. اسان ڪيترن ئي سالن کان دانھون ڪوڪون ڪندا پيا اچون پر انتظاميا جي ڪن تي جونءِ به نٿي چُري. اسان ڪافي ڀيرا لکت ۾ ڊي ايچ او شھيد بينظيرآباد کي درخواستون به ڏنيون آهن ۽ پي پي ايچ آءِ جي اعليٰ عملدارن کي به چيو آھي پر هو ڪوڙن آسرن کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناھن ڏئي سگھيا. اسان هن پنهنجي اخبار جي چٺي وسيلي مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ صحت وارو صوبائي وزير معاملي جو نوٽيس وٺي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون مقرر ڪري هتان جي مريضن کي ڏکيائين کان بچايو وڃي.

منظورعلي زرداري/سڪرنڊ

غريب قيديءَ جي اپيل!

  ڪالهه نوشاد احمد چانڊيو جيڪو جيل جي هن چڪر جو منشي ۽ منهنجو دوست آهيتنهن سان ڪچهري ٿي، ڪچهريءَ دوران هن ٻڌايو ته ڪجھح ڏينهن اڳ پنهنجي اخبار ۾ ڇپيل نوابشاهه ۾ بلڊرز خلاف مظاهري ۾ پاڻ ساڙيندڙ اهو مسڪين منهنجو مامو هو، جيڪو اڪيلي سر مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو هو ۽ هن جي پويان ڪيترائي معصوم ٻالڪ کائڻ وارا آهن. ڀلو ٿئي انهن ڀلن انمسانن جو جن وقت تي پٺي ان کي پاڻ ساڙڻ کان بچايو. انهن آفيسرن کي سوچڻ گھرجي جيڪي انهن بلڊر مافيائن سان گڏ ڏوهن ۾ ملوث آهن کين اهو سوچڻ گھرجي ته جو ڪو ٻيو مسڪين پان ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪري ان جا ٻچا بک بدحاليءَ ۽ دربدريءَ جي زندگي گذارين ان کان پهرين خدا انهن مجبورن جي مدد ڪئي وڃي، انهن غريبن جي واهر ڪئي وڃي. نوشاد ٻڌايو ته طارق ماڊل ٽائون ذوالفقار شاهه ٽائون واسين پنهنجو مال ملڪيت انهن بلڊرز کي ڏنو آهي ته جيئن هنن جو نئون نسل ڪرائي جي گھرن مان نڪري پنهنجن اجھن ۾ رهي مستقبل ٺاهي سگھي پر بلڊر مافيائن ساڳيا پلاٽ ڪنهن طاقتور پارٽين کي ڏئي مسڪينن کي پاڻ ساڙڻ ۽ هنن کي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجھائڻ تي مجبور ڪيو آهي. نوشاد موجب مان هڪ لاچار غريب قيدي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته طارق ماڊل ٽائون ۽ ذوالفقار شاهه ٽائون جي فراڊ ڪندڙ بلڊرز ۽ ملوث ماڻحن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري حسن علي چانڊيو سميت سمورن متاثرن سان انصاف ڪيو وڃي.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

هڪ چٺي وزير اعظم ڏانهن!

                 محترم وزيراعظم عمران خان صاحب، اوهان کي گذارش آهي ته خدارا پاڪستان جي عوام جو خيال ڪندي عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻيو، ڇو ته هن وقت اسان وٽ جيڪا صورتحال مهانگائي سبب پيدا ٿي وئي آهي ان سان هن ملڪ جي صورتحال بگڙي سگهي ٿي. بي شڪ توهان ڪاروبار لاءِ ۽ گهرن ٺاهڻ لاءِ قرض ڏئي رهيا آهيو پر انهن بناسود وارن قرضن ۾ به توهان جي پاليسي اهڙي آهي جو غريب ماڻهو جي ان قرض تائين رسائي ممڪن ئي نه آهي ۽ ان مان به صرف نوڪري پيشا ۽ وڏا ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ غريب عوام مايوسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. واقعي هن وقت پوري دنيا ۾ مهانگائي آهي پر اهي ملڪ اسان کان وڌيڪ مهانگائي واري صورتحال کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ جهڙا آهن پر اسان وٽ اهڙي ڪا به سهولت ميسر نه آهي، تنهن ڪري خدارا پاڪستان جي عوام جو خيال ڪندي پاڻ هر شيءِ جي نگراني ڪيو ۽ جيڪڏهن توهان کي ڏکيايون درپيش آهن ته 3 مهينن لاءِ پاڪستان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جون پگهارون عوام جي بهتري لاءِ استمعال ڪريو ڇو ته اهي 3 مهينا برداشت ڪري سگهن ٿا پر غريب عوام مهانگائي جي طوفان سبب بکون ڪاٽڻ ۽ ٻچن سميت آپگھات ڪرڻ تي مجبور آهي.

آصف علي عباسي/سکر

مهانگائي کي ختم ڪريو عوام کي نه!

  اڄ کان پهريان هن ملڪ ۾ ايتري مهانگائي نه ڪئي وئي جيتري هن وقت آهي، مهانگائيءَ جي ڪري ملڪ ۾ رهندڙ هر طبقو سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿيو آهي، جڏهن کان پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو آهي تڏهن کان هن وقت تائين ايتري مهانگائي ناهي ٿي، پيٽرول ڪڏهن به ايترو مهانگو ناهي ٿيو، جڏهن ته عالمي منڊيءَ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 80 رپيا في بيرل آهي، ان کان پهريان جيڪي حڪومتون هن ملڪ ۾ رهيون آهن انهن جي دور ۾ عالمي منڊيءَ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 100 رپين تائين وڃي پهتي هئي پر تڏهن به انهن حڪومت پيٽرول جي قيمت وڌ ۾ وڌ 113 رپيا مهانگو ڪيو هو پر هن ڀيري ته عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بم ڪيرايو ويو آهي. هن ملڪ جو تمام وڏو الميو اهو آهي ته جڏهن به ملڪ ۾ پيٽرول جون قيمتون هڪ ڀيرو وڌايون وينديون آهن ان کان پوءِ کاڌ خوراڪ جي شين جي اگھن کي به پَر لڳي ويندا آهن، هن ملڪ ۾ پيٽرول هڪ ڀيرو مهانگو ٿيڻ کان پوءِ ڀلي عالمي مارڪيٽ ۾ 10 رپيا في بيرل وڪرو ڪيو وڃي پر اسان جي ملڪ جي منافعي خور مافيا ۽ حڪومت ان جا اگھه گھٽ بلڪل به ناهن ڪندا، ڇو ته هڪ ته سندن حرامخوريءَ وارو منافعو بند ٿي ويندو ٻيو ته هو سمجھن ٿا ته هن ملڪ جو عوان ٻوڙو ۽ گونگو آهي ان تي اهڙين شين جو ڪو به اثر نه ٿيندو. اسان پنهنجي وزيراعظم کان پڇڻ چاهيون ٿا ته ڇا توهان ان قسم جي تبديلي آڻڻ جي لاءِ هن ملڪ جي عوام کا ووٽ ورتو هو؟ اسان پڇڻ چاهيون ٿا ته وزيراعظم صاحب توهان جي رياست مدينه ڪيڏانهن وئي، هتي ته مهانگائي، بک ۽ بدحاليءَ سبب ڪٽنبن جا ڪٽنب آپگھات ڪري رهيا آهن، ويڙهن جا ويڙها ويران ٿي رهيا آهن، وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا کي گھرجندو ته اهو هو ته هو جيڪڏهن مهانگائي گھٽ نٿا ڪري سگھن ته گھٽ ۾ گھٽ پيٽروليم شيون ته مهانگيون نه ڪن. هڪ طرف عوام کي ملڪ ۾ مافيائون ڳجھن جيان چهنبون هڻي رتو رت ڪري رهيون آهن ته ٻئي طرف توهان به عوام جي ڦٽن تي مرهم رکڻ بجاءِ ابتو لوڻ ٻُرڪي رهيا آهيون، عوام جي دردن جو درمان ڪير ڪندو؟ ملڪي عوام چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ٿو ڪري ته مهانگائيءَ کي ٻنجو ڏنو وڃي. هن حڪومت جي پاليسي غرب ختم ڪرڻ نه پر غريب ختم ڪرڻ واري آهي ان ڪري چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف عوام کي انصاف فراهم ڪري.

شاهه مير راجپورت/ ڪراچي