سنڌو درياهه تي پل ٺاهي وڃي!

 سنڌو اهو درياهه آهي جنهن وسيلي هزارين ماڻهن جو جيون آهي، سنڌو درياءُ 2700 ڪلوميٽر جو سفر ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، جنهن به جڳهه تان سنڌو جو گذر آهي اتي آباديون آهن، اسان جي سنڌ ۾ اهي شهر ختم ٿي ويا يا پنهنجو اوج وڃائي ويهي رهيا، جتان سنڌو منهن موڙي ويو، سنڌو درياهه چين جي جبلن مان نڪري سنڌ تائين سفر ڪري ٿو، آرين هن کي سمنڊ سڏيو هو، جنهن جاءِ تان سنڌو وهندو هو اتي تاريخي شهر آهن، نصرپور، برهمڻ آباد، سيوهڻ، ٺٽو وغيره پر انهن جو اوج ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته سنڌو اصل وهڪرو ڇڏي ٻئي جاءِ تان وهڻ لڳو. نصرپور سنڌ جو اهو تاريخي شهر هو جتان سنڌو وهندو هو پر 1757ع ۾ پنهنجو رخ موڙي موجوده جڳهه تان وهڻ لڳو، ان ڪري نصرپور جو جيڪو اڳ اوج هو اهو ختم ٿي ويو، سنڌو درياهه جي ڪري ڪيترائي شهر هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا، چيو وڃي ٿو ته جڏهن سومناٿ مندر کي فتح ڪرڻ لاءَ فوج موڪلي وئي ته انهن درياهه مٿان ٻيڙين جي پل ٺاهي هئي ڇاڪاڻ پل نه هئي اسان وٽ دادو مورو پل دادو ۽ مورو کي ملائي ٿي ۽ ٻين شهرن کي به پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي، آمري پل به ڪيترن ئي شهرن جو مفاصلو گھٽائي ڇڏيو آهي، ڄامشورو پل ڪوٽڙي پل به سنڌو جي مٿان اڏيل آهن پر جيڪڏهن اسان هڪ نظر ڪريون ته سنڌو جي هڪ طرف مٽياري، بائو ديرو ڀٽ شاهه سيکاٽ نصرپور ۽ ٻيا شهر آهن، ٻئي طرف منظور آباد، علي آباد، ٻڍاڻي، سيکاٽ خاصاني، داد شهيد، مانجھند، لڪي شاهه صدر ۽ ٻيا شهر آهن انهن شهرن کي ملائڻ جي لاءِ پل ضروري آهي جنهن سان هڪ وقت بچندو ٻيو پئسو بچندو، جيڪي ماڻهو مانجھند ڄامشورو کان ڦري وڃن ٿا اهي پل جي ڪري ٿوري وقت ۾ مانجھند پهچي ويندا، جنهن ڪري هڪ ته انهن جو وقت بچندو ٻيو پئسو بچندو وڌيڪ اهو ته انهن شهرن جو پاڻ ۾ وڻج واپار ٿيندو. ماڻهو هڪ ڪناري جا ٻئي طرف واپار ڪري سگھندا، جنهن ڪري ڏٺو وڃي ته هن پل جي سخت گھرج آهي، جنهن ڪري جيئن ته موجوده حڪومت عوامي حڪومت آهي ان کي ان مسئلي جو حل ڪڍڻ گھرجي مٽياري، بائو ديرو يا سيکاٽ کان هڪ پل سنڌو درياهه جي مٿان تعمير ڪئي وڃي جيئن عوام جون تڪليفون ختم ٿي سگھن.

خادم گھراڻو/نصرپور

مينهوڳيءَ کان پوءِ

 ٿر ۾ وسڪارو!

  هن سال آڳاٽيون برساتون ڪٿي وڌ ته ڪٿي گھٽ پيون جنهن ڪري ٿر جو ڪافي حصو وسڪاري کان محروم رهيو، ڪٿي گاهه گولاڙا ٿيا ڪٿي بر رهيو هن وقت تازو گذريل هفتي کان مون سون جو سلسلو جاري آهي، مارو ماڻهن جون مُرڪون وري سندن چپن تي تَري آيون آهن، مينهوڳي کان پوءِ اسان پکي پکڻ توڙي جانورن ۾ خوشي نظر ايندي آهي مال جو شام ٽاڻي وتانڻ تي ورڻ ۽ تراين تي پلر پاڻي پيئڻ، انهيءَ ۾ ڌنارن جون ڪوڪون، ڪوڪجارون ۽ بانسرين جو آواز من کي موهي وجھندو آهي، هاريئڙا هڪ انداز ۾ همرچا هونگاري ٿر کي جنت جھڙي جاءِ بڻائيندا آهن، کيتن جي پيهڙن ۾ چڙن جي چهنگار سان چرندڙ مال کي ڍيڪارا ڪندڙ ڌنار جڏهن کير پتي چانهن ڪاڙهي اڪ جي پڙي ۾ پيئندا آهن تڏهن سندن ڪنهن تي پيل سانداريون به سرهيون ٿينديون آهن ۽ مور پکي به کنڀ کيڙي ٿر کي وڌيڪ سونهن بخشيندا آهن، انهيءَ ويل سياح به ٿر ڏانهن سفر ڪري نڪري پوندا آهن ٿر جي سونهن ڏسي لطف اندوز ٿيندا آهن، ٿر ريگستان هونئن ته پاڪستان ۽ هندستان جي وڏي ايراضي تي پکڙيل آهي، هتي موجود ٿرپارڪر جي ذڪر سان شروعات ڪندس ته ٿر ڏڪارن ۾ ڌتڙجي ويندو آهي، وسڪاري جي ويل ۾ وري بهشت بڻجي ويندو آهي، دنيا جهان جا باذوق ۽ باخبر ماڻهو بار بار ڀيرا ڪندا آهن، مارن سان ملندا آهن، فطري حسن واري هن سرزمين تي لکندا ۽ تحقيق ڪندا رهيا آهن، شاعرن جي سرتاج شاهه ڀٽائي رحه ٿر جي پسمنظر سڄا سارا ٿي سُرير جي ٿر کي سچ پچ ته امرتا بخشي ڇڏي آهي، شيخ اياز به ٿر تي وڏي چاهه ۽ ويساهه سان لکيو آهي، سندن هڪڙو ڪتاب “اڪن نيرا ڦليا” سڄو ئي ٿر جي پسمنظر ۾ آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي نون، پراڻن، شاعرن، اديبن ۽ محققن ٿر بابت وستار سان لکيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي اديب، شاعر محبوب حسن درس ثر تي بيت، نظم ۽ غزل خوب لکيا آهن، آئون وري به چوندس ته هيل تائين ٿر جنهن ناهي ڏٺو، ٿر اچي گڍي کان ڪارونجھر، ڪاسبو، چوڙيو هتان جي قدرتي سونهن ڏسن.

غلام رحيم جوڻيجو موکار/مٺي

ڍورونارو ۾ هٿرادو مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو!‎‎

  وفاقي حڪومت تيل جو اگهه وڌائي ويتر عوام مٿان مهانگائي جو ايٽم بم اڇلائي ڇڏيو آهي، تيل مهانگو ٿيڻ شرط ئي منافعي خور واپارين عام واهپي جي شين جا اگھ پڻ وڌائي ڇڏيا آهن، ان سان گڏ ٽرانسپورٽرن به گاڏين جا ڪرايا وڌائي ڇڏيا آهن، وفاقي سرڪار مهانگائي مٿان مهانگائي ڪندي ٿي رهي، موجوده حڪومت ۾ جتي امير به پنهنجو گذر سفر نٿا ڪري سگهن اتي غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، مٿان وري دڪاندارن به عام واهپي جي شين جا هٿرادو اگھه وڌائي عوام کي ويتر پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هتي اسان جي شهر ڍورونارو ۾ سڀني دڪانن تان اگھه لسٽون پڻ غائب لڳيون پيون آهن، پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي جا آفيسر صرف آفيسن تائين ئي محدود آهن ۽ هتي غريب عوام مهانگائي جو عذاب ڀوڳي رهيو آهي، مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته مهانگائي خلاف نوٽيس وٺن ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

ساحل عالياڻي/ڍورونارو

هڪ چٺي جناب ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي نانءُ!

  جناب ايس ايس پي لاڙڪاڻو صاحب، سائين جيئن ته اوھان جي ڄاڻ ۾ هوندو ته شهيد راڻيءَ جي اباڻي تعلقي رتيديري جا ڪافي وقت کان حالتون بدتر آهن، ڪو به اوھان جو پوليس آفيسر انھن جي خلاف ايڪشن نه پيو کڻي، اسان شهر واسي سخت پريشانيءَ ۾ ورتل آهيون، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي وقت جي بادشاهه وٽ فرياد کڻي وڃون؟ هر روز پريشانيون ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. جڏهن به پنهنجي شهر ۾ ڪو وڏو مسئلو ٿيندو آهي ته ايس ايڇ او صاحب ٽرانسفر ٿي ويندو آهي يا پاڻ ئي عارضي طور تي ھليا ويندا آهن پوءِ عوام جي هٿن ۾ هميشه جيان ڪاريءَ وارا ڪک هٿ ايندا آهن پر هن ڀيري ابتي گنگا پئي وهي جو اهڙو ڪجهه به نظر نه آيو آهي، ايس ايس پي صاحب هتان جو عوام به سڄي ملڪ جيان مهانگائي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي، پيٽ کي گوڏا ڏئي وڏين ڏکيائين سان وڃي اڄوڪي دور جي ضرورت موبائل، موٽرسائيڪل خريد ڪندا آهن پر شهر جو امن امان تباھ ڪندڙن کان شايد اهو برداشت نه ٿيندو آهي، جو هٿيارن جي زور تي انهن کي ڊيڄاري سامان، روڪ رقم کان محروم ڪيو ويندو آهي. سچ پڇو ته شايد ئي ڪو خوش نصيب ڏهاڙو هجي جو شهر واسين سان ڦر جو واقعو نه ٿئي. ورهين کان جاري مختلف قبيلائي تڪرارن جي ڪري خوف حراس کان شهر واسي گھر کان ٻاھر نڪرندي به گهٻرائيندا آهن، جنھن ڪري شهر جا مڪمل ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن، ڪاروباري ماڻهو مجبور ٿي هٿ مٿي تي رکي ويٺا آهن، منشيات جي اڏن جي ڪري نوجوان نسل تباهه پيو ٿئي، انھن جي خلاف به ڪو خاطرخواهه تحرڪ نٿو ورتو وڃي. ان کان سواءِ به ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي بيان ڪرڻ کان بهتر آهي ته خدارا اوھان رتوديرو جي شهرين سان هڪ دفعو کلي ڪچهريءَ جو پروگرام ڪيو ته جيئن هتان جون معزز شخصيتون، صحافي، سماجي تنظيمون سان گڏ هر طبقي سان لاڳاپيل شهري اوھان جي آڏو شهر سميت ذاتي مسئلا رکي سگهن،

ثقلين حيدر/رتوديرو

جو سچ مچائي مچ، اهو مچ وڏي شيءِ آھي!

  محسن نقوي جي هڪ شعر جو ترجمو آھي ته “ساري عمر هڪ ئي غلطي ڪندا رهياسين، ڌوڙ چھري تي هئي پر آئينا صاف ڪندا رهياسين.” هن بيحس سماج ۾ حساس طبيعت جو ماڻھو جنهن اذيت مان گذري ٿو تنهن جو ڪاٿو شايد ڪو به نه لڳائي سگهي. سماجي اوڻايون هر دور جو حصو رهيون آھن پر انهن اوڻاين کي هر دور ۾ مٿير مڙسن ٺيڪ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر هن دور ۾ خوشامدڙين ۽ چاپلوس ماڻھن جي روين سماج کي ڄڻ بيمار ڪري وڌو آھي. خوشامدڙين جي انڌي گهوڙي تي سوار اڪثر نوجوان طبقي کي سماجي برايون، سماجي مسئلا ۽ بنيادي حق ڄڻ ته ڏسڻ ۾ ئي نٿا اچن جو هو سماج جي مسئلن کان ڪوهين ڏور ٿي، صرف پنهنجي ذاتي مقصدن لاءِ چاپلوسي ۽ خوشامدي جو هٿيار استعمال ڪري ٿو. گهڻي حيرت ٿئي ته سماج جو گهڻي ڀاڱي  پڙھيل لکيل طبقو به شخص پرستيءَ ۾ ايترو ته ورتل آھي جو اهڙو طبقو سچ ٻڌڻ ۽ سچ چوڻ به پسند نٿو ڪري. جولينس بارنيس هڪ هنڌ لکيو هو ته “هر نئين ڳالھ ۽ هر نئون سچ ماڻھن کي ڏکيو لڳندو آھي ڇو ته سچ معاشري جا وکا پڌرا ڪندو آھي.” ڪنهن دوست سندس پسند جي سياسي شخصيت جي باري ۾ ساراهه جا گفتا لکيا، ڪمينٽ ڪيم ته اوهان جي ان پسنديده شخصيت سماجي ڪهڙا ڪم ڪرايا آھن؟ ڪجهه ٻڌايو، ته همراهه رپلائي ڪيو ته جي منهنجيون پوسٽون اوهان کي نٿيون وڻن ته مون کي ڀلي بلاڪ ڪري ڇڏيو. سوچيان ٿو ته اسان ڪهڙي سماج ۾ پساهه کڻي رهيا آھيون جو اسان سچ چوڻ ۽ سچ ٻڌڻ جي سگهه به وڃائي ويٺا آھيون، بس ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا چريا آھن جيڪي سچ جا ديوانا ۽ سچ جا حامي آھن نه ته اڪثريت ڪوڙن، مفاد پرستن ۽ دوکيبازن جي آھي. بقول شيخ اياز جي:

اي “اياز” آدمي ٿو مري هونئن ڀي،

ڪو نه ڪنهن کان ڊنا، سچ ڳاتو سچن،

روز   جهولو لڳي روز پيرون پچن.

غلام علي گل/ ٻيلو، سجاول

سنڌ جي ماروئڙن ۾ آپگھاتن جو وڌندڙ لاڙو!

  زندگي بيحد پياري ۽ وڻندڙ آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ان کان وڌيڪ پياري شيءِ ڪا پيدا ڪئي وئي ھجي! خدا جي طرف کان جيڪي به عنايتون مليل آهن انهن ۾ زندگي ڏاڍي پياري آهي، پوءِ اسان جا نوجوان ان نعمت کان مايوسي ڇو اختيار ڪندا آهن، اھا ڪھڙي شيءِ آهي جيڪا انهن کان زندگي کسي ٿي؟ اسان جا نوجوان ٿوري ڪاوڙ ايندي ئي انتھائي قدم کڻي ٿا ويھن. سنڌ ۾ آپگھاتن جو لاڙو تمام گھڻو وڌي رھيو آهي، انھي جو حل ھيـنئر کان ئي ڳولڻو پوندو، متان پوءِ دير نه ٿي وڃي ۽ اسان ايندڙ نسل جا ڏوھاري نه ٿي وڃون. خدرا پنهنجي نئين نسل جي پالنا صحيح نموني ڪريو، ان کي زندگي جي اھميت جو احساس ڏياريون جيئن ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي نه سگهي.

امرکتري/ٽنڊوباگو

خدارا پنهنجا بنيادي حق وٺڻ لاءِ اٿو!

  اڄ جي سماج ۾ هڪ ته بنيادي حق وٺڻ به ڄڻ ته ڪو ڏوهه بڻجي ويو آهي ٻيو ته اسان جي ئي معاشري جا چند فرد اسان جي بنيادي حقن گهرڻ تي اسان لاءِ ئي رڪاوٽون پيدا ڪري پنهنجو پاڻ کي زندگي جي هر بنيادي سهولت کان محروم ڪري ويٺا آهن پر انهن جي زندگي به عذاب ڪريو ويٺا آهن جيڪي پنهنجي موجوده معاشري ۾ تبديلي يا نواڻ آڻڻ چاهين ٿا. ڏٺو وڃي ته جتي حڪمران ۽ آفيسر رشوتخور ۽ ظالم هجن اتي معاشري جا اهي فرد جيڪي پنهنجا بنيادي حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا تن کي معاشري جي انهن ماڻهن کي سمجهائڻو يا منهن ڏيڻو پئجي ويندو، جيڪي پنهنجي ئي بنيادي حقن گهرڻ تي پنهنجن جي منزل ۾ رنڊڪون پيدا ڪندا آهن. هر معاشري ۾ ڪجهه اهڙا فرد ضرور هوندا آهن جيڪي نه پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه ڪري سگهندا آهن نه ئي ٻين سماجي اڳواڻن کي ڪجهه ڪرڻ ڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن جي سامهون جي توهان ڳالھ تعليم، صحت يا ٻين سهولتن بجلي، گئس، پڪن روڊن جي ڪندا ته توهان کي سمجهڻ بجاءِ توهان تي فضول تنقيد يا وري توهان کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم ضرور کڻندا. اصل ۾ اهڙا ماڻهو بالا آفيسرن، ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ سياسي نمائندن جا پيدا ڪيل اهي هٿيار هوندا آهن جيڪي بظاهر توهان سان گڏ توهان جي ئي معاشري جا فرد هوندا آهن پر سڄو ڪم بالا آفيسرن، پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ سياسي نمائندن جي چوڻ تي ئي ڪندا رهندا آهن. معاشري جا اهي ماڻهو جڏهن توهان جي سامهون اھڙي قسم جون رنڊڪون پيدا ڪندا آهن، يقينا توهان کي به اهڙي قسم جي تڪليف پهچندي آهي ته جن ماڻهن ۽ جنهن سماج لاءِ توهان پنهنجا بنيادي حق گهرو ٿا اصل ۾ انهيءَ سماج جا ڪجهه فرد بالا آفيسرن، ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ سياسي نمائندن طرفان توهان لاءِ ايٽم بم جيان تيار ڪيا ويا آهن. تڏهن ته ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته پنهنجي حقن خاطر جنگ وڙهو، جي پنهنجي حقن خاطر جنگ وڙهي نٿا سگهو ته پنهنجي حقن خاطر ڳالهايو، جي ڳالهائي نٿا سگهو ته لکو، جي لکي به نٿا سگهو ته انهن ماڻهن جي مدد ڪريو جيڪي  بنيادي حقن خاطر توهان جي حصي جي جنگ وڙهي رهيا آهن، خدارا هن معاشري، سماج جا سلجھيل فرد بڻجو ۽ اهڙي قسمن جون سازشون جيڪي توهان لاءِ رچايون وينديون آهن انهن کي به سمجهو.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو سجاول

ھڪ چٺي گرلس ڊي اي او

 ۽ ميل ڊي اي او ڏانھن!‎‎

  سڪرنڊ جي پراڻي يونين ڪائونسل دليل ديرو ۽ نئين يونين ڪائونسل فتحپور گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ گھنڊيا گرلس اسڪول ڪيترن ئي ڏينھن کان بند پيل آهي، سيميز ڪوڊ 417030298 اسان ڪافي ڀيرا ٽي اي او في ميل سڪرنڊ ۽ ڊي اي او کي لکت ۾ باربار درخواست ڏني آھي خبر ناھي انتظاميا ڇو خاموش آھي، اسڪول جي، شاگردياڻين موجب هن گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول گھنڊيا ۾ ليڊي ٽيچر مقرر ٿيل آھي جنھن جو بايوميٽرڪ به هن اسڪول تي آهي پر ماسترياڻي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ماسترياڻي گهر ويٺي پگهار کڻي رهي آهي ۽ معصوم شاگردياڻين جو مستقبل تباهه ٿيڻ لڳو آهي. ماسترياڻي سڪرنڊ شهر جي رهواسي آهي پر هو ڪڏهن به اسڪول تي ڊيوٽي ڪرڻ ناھي آئي ڳوٺاڻن ۽ اسڪول جي شاگردياڻين ڊي اي او شھيد بينظيرآباد ۽ تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سيڪريٽري تعليم ۽ ڊپٽي ڪميشنر شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي بند پيل اسڪول کي کولرائي ماسترياڻي کي ڊيوٽي تي اچڻ جو پابند ڪيو وڃي.

منظورعلي زرداري/سڪرنڊ

نيب ريفرنس ۾ ضمانتن جون درخواستون گڏائي ٻڌڻ جو فيصلو!

  سپريم ڪورٽ پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه صاحب خلاف ريفرنس ۾ سمورن جوابدارن جي ضمانتن کي گڏائيندي سندس گهر واري کي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ نيب ريفرنس ۾ ضمانت حاصل ڪندڙن جي ضمانت بابت داخل ڪيل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي ته خورشيد شاهه کان سواءِ باقي سڀني کي ضمانتون ملي ويون، بهتر ايئن ٿيندو ته سمورين درخواستن کي گڏائي ٻڌڻي ڪئي وڃي، جنهن ڪري خورشيد شاهه جي وڪيل عدالت کان گھر ڪئي ته خورشيد شاهه جون گهرواريون هر ٻڌڻي تي سکر کان اچن ٿيون انهن کي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي، جنهن ڪري عدالت سڳوري گھُر منظور ڪئي ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه جي گهروارين کي حاضري کان ڇوٽ ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سکر ضلعي ۾خورشيد شاهه جي آزادي لاءِ پ پ پ ڪارڪنن طرفان به ريليون ڪڍيون ويون ۽ خورشيد شاهه جي جلد ضمانت ٿيڻ کيس آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته نيب جا ريفرنس خورشيد شاهه تي سياسي سببن جي ڪري داخل ويا آهن، جن جو سري کان وجود ئي ڪونهي ۽ اهي انهن انصاف ڪندڙ عدالتن آڏو ثابت به نه ٿيندا ۽ جن ۾ خورشيد شاهه کي جلد ضمانت به ملي ويندي ۽ هو سولائيءَ ۽ عزت سان آزاد ٿي ويندو. جنهن لاءِ پ پ پ ضلعي سکر ۽ NA-199 تڪ ۾ پ پ پ جا ووٽر جيڪي خورشيد شاهه کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا آهن. پهريان کان ڪافي مطمئن ۽ پراميد آهن ۽ اعلى ۽ معزز عدالتن کان خورشيد شاهه جي جلد از جلد ضمانت ٿيڻ لاءِ منتظر آهن.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

نوڪرين جي خوشي مايوسي ۾ تبديل ٿي وئي!‎‎

                 آءِ بي اي وارن جڏهن کان جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي نوڪرين جو اشتهار ڏنو، تڏهن کان ھر اميدوار موقعي جو فائدو وٺي ڏينھن رات سخت محنت سان سليبس کي پورو ڪري ٽيسٽ لاءِ مڪمل تياري ڪري ورتي. خوش قسمتي سان ڪجھ مھينن ۾ آءِ بي اي وارن ٽيسٽ وٺڻ شروع ڪئي، ھر شھر توڙي ڳوٺن مان اميدوارن مستقبل کي سنوارڻ لاءِ بھترين طريقي سان ٽيسٽ کي پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ جيئن نتيجن جو اعلان ٿيو ته اميدوارن جي چھرن تي مايوسي جي لهر ڇانئجي وئي. اھڙي طرح، مورو شهر جو رهواسي پي ايس ٽي ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي زندگي جو ڏيئو ھميشه لاءِ وسائي ڇڏيو. جنھن جي ڪري ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ اسان جا نوجوان جاکوڙ ڪري منزل ماڻڻ چاهين ٿا ته پوءِ اسان جي حڪومت انھن سان سهڪار ڇو نٿي ڪري؟ جيڪڏهن محنت ۽ ميرٽ ذريعي سٺا نمبر حاصل نٿا ڪيا وڃن پوءِ ان جي پٺيان ڪھڙو راز آهي؟ جنھن جي ذريعي اميدوارن سان ناانصافي جھڙي ويڙھ وڙھي ٿي وڃي. تنھن ڪري مان وزيراعظم عمران خان کي گذارش ڪيان ٿي ته جھڙي طرح ٻين صوبن کي ھر حوالي سان بھترين ڪيو پيو وڃي، اھڙي طرح سنڌ صوبي تي به پوري ڌيان، انصاف ڏيڻ ۽ ھر معاملي ۾ بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جيئن، ھر فرد کي مايوسي جھڙي سزا کان بچايو وڃي ۽ نوجوانن جي اندر ۾ محنت ڪرڻ حوصلو رکڻ ۽ پنھنجو پاڻ تي اعتماد رکڻ جو سلسلو جاري رکي سگھجي.

تانيه سليم/قمبر علي خان

پڇون آخر پڇون ڪنھن کان، اسان جو ڏوھه ڪھڙو آ؟!‎‎

  سنڌ سرڪار پاران جڏھن استادن جي ڀرتي جو اعلان ڪيو ويو تڏھن ڪراچي مان ھڪ گائيڊ گھرائي ھئم جنھن ۾ گڏيل طور سبجيڪٽ شامل ھئا، اھا ھڪ ته تازي ڇپيل هئي ٻيو ته ان گائيڊ تي ٽائيٽل به آءِ بي اي، ايس ٽي ايس ۽ سنڌ سرڪار جو ڏنل ھو، پڪ ٿي ٽيسٽ ھن مان ايندي ڇو جو ان ۾ آءِ بي پاران سيمپل ٽيسٽ لاءِ ڪجھ صفحا ڏنل ھئا، ھر سبجيڪٽ ۾ سوال ۽ جواب 11 پنن ۽ 22 صفحن تي مشتمل آھن، ٽيسٽ کان 4 مھينا اڳ ئي سنڌي، سماجي اڀياس، اسلاميات ۽ سائنس سنڌي ۾ ڪليئر ڪري ڦل ياد ڪري ڇڏيم، چار سبجيڪٽن ۾ چار مھينا محنت ڪرڻي پئي، ٽوٽل صفحا 88 کن ٿي ويا، باقي انگريزي جي ٿوري گھڻي ڄاڻ ھئي ۽ وڌيڪ ميٿ ۽ انگريزي جا روبرا ليڪچر وٺڻ سان گڏ يوٽيوب واٽس ايپ گروپ ۾ پڻ سکڻ جو موقعو مليو، بندي جي من ۾ ھڪڙي رب ڪري ٻي، ٽيسٽ ڏيڻ کان پوءِ مون کي ان گائيڊ مان صرف ٻن سماجي اڀياس جي سوالن جي مدد ملي، ھڪ آل انڊيا مسلم ليگ جو پھريون صدر ۽ ٻيون پاڪستان جو ٻيو وزيراعظم باقي ڄڻ ڪجھ پڙھيو ئي نه ھو، سنڌي مان پي ايس ٽي ۾ ھڪ به سوال نه ھو سڀ گرامر جا سوال ھئا، اسلاميات ۾ به مدد نه ملي ۽ سائنس ۾ گھڻي ڪوشش سان ڌيان ڏيڻ کان پوءِ لڳو سوال نظر مان ئي ناھن گذريا، سائين سردار شاھ جي ڳالھ ته سوال سڀ نصاب مان ھئا، تيز گرمي ۽ سوال ساڳيا ابتا منجھائي پيش ڪيا ويا، تنھن ڪري نوجوان جي دماغ ڪم نه ڪيو، بلڪل شاھ صاحب جيڪڏھن سڀئي سوال نصاب مان ھئا ته گرامر جا ٽوٽل ڏنل 20 سوال  نصاب ۾ڪھڙي جڳھ تي موجود آھن؟ سنڌي سبجيڪٽ گائيڊ موجب ڪل 219 سوال مان ھڪ به ٽسيٽ ۾ ڏنو ويو، سماجي اڀياس 215 سوالن مان صرف ٻه سوال ڏسڻ ۾ آيا اھڙي طرح سائنس، انگريزي ۾ ھئڻ ڪري ممڪن آھي منجھي پيا ھجون، خريد ڪيل نصابي گائيڊ موجب اسلاميات جي سوال نمبر ھڪ قرآن شريف ۾ ٽوٽل آيتون ڪيتريون آھن کان آخري سوال خيبر ڪڏھن فتح ٿيو ٽوٽل 203 سوالن مان ھڪ به نظر مان نه گذريو، بس سرڪار توھان جون نوڪريون توھان کي مبارڪ ھجن اسان جي ڏاٽن ڪھاڙين ۽ تغارين ۾ ڪجھ گذري وئي ڪجھ گذري ويندي.

رياض امر ٻجورو/سجاول