لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت ايندڙ مالي سال 22-2021ع لاءِ 2653 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، پگهارن ۽ پيشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500 مان وڌائي 20 هزار مقرر ڪئي وئي، صحت لاءِ 369، ترقياتي پروگرام لاءِ 560 ارب، غيرترقياتي خرچن لاءِ 1350 ارب ۽ تعليم لاءِ 442 ارب رپيا رکيا ويا، ڏکڻ پنجاب لاءِ 189 ارب رپيا ترقي فنڊز رکڻ جِي تجويز ڏني وئي، بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن جو احتجاج، گوڙ، اپوزيشن ميمبرن بجيٽ جون ڪاپيون به ڦاڙي ڇڏيون. پنجاب صوبي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ گذريل سال جِي ڀيٽ ۾ 18 سيڪڙو وڌيڪ رقم مختص ڪئي. پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي، جڏهن ته پهرين اضافي الائونس نه وٺندڙ پهرين کان 19 هين گريڊ جي ملازمن کي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اسپيشل الائونس ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، لانڊري ۽ ڊرائي ڪلينر تان ٽيڪس ختم ڪئي وئي، 25 کان وڌيڪ سروسز تي پنجاب سيلز ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو تي برقرار رکي ويندي، ٽائون پلانز ۽ رينٽل بلڊرز سروسز تي ٽيڪس گهٽايو ويو، ٽيڪس هدف 160 ارب رکيو ويو، ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 400 ارب رکيا ويا، ترقياتي پروگرام ۾ معاشي ترقي لاءِ 10 ارب جو خصوصي پڪيج مقرر ڪيو ويو، لاهور ترقياتي منصوبن لاءِ 38 ارب 30 ڪڙو رپيا مختص ڪيا پيا وڃن، ٽيڪس رليف لاءِ 51 ارب رپيا رکيا ويا، گرين انفراسٽريڪچر فنڊ 2.5 ارب ارب مقرر ڪيو ويو آهي، ڪاروباري طبقي کي روزگار بحالي لاءِ 56 ارب جو تاريخي ٽيڪس رليف ڏنو ويو، لاهور ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لاءِ ڏيڍ ارب رپيا رکڻ تي تجويز رکي وئي، ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام تحت منصوبن لاءِ 15 ارب رپيا رکيا ويا، ناڻي وزير هاشم جوان بخت بجيٽ تقرير ڪندي ٻڌايو ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صحت، تعليم جي بجيٽ ڏيڍ گناهه وڌائي وئي، صحت ڪارڊ لاءِ 70 ارب، ڪورونا متاثر ڪاروبار لاءِ 40 ارب جو پيڪيج رکيو ويو آهي، روڊن جي تعمير لاءِ 35 ارب رپيا رکيا ويا، 9 سروسز تي ٽيڪس گهٽائڻ جي پڻ تجويز ڏني وئي آهي. ناڻي جي وزير هاشم جوان بخت بجيٽ تقرير ڪندي ٻڌايو ته لاهور ۾ هڪ هزار بسترن تي ٻڌل جديد ترين اسپتال جي تعمير شروع ڪري رهيا آهيون، هلندڙ مالي سال پنجاب سيلز ٽيڪس جي شرح 16 سيڪڙو کان 5 سيڪڙو ڪئي وئي هئي، وڌيڪ 10 سروسز تي سيلز ٽيڪس 16 کان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، ڪال سينٽرز تي ٽيڪس جي شرح ساڍا 19 سيڪڙو کان گهٽائي 16 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 100 ارب مختص ڪيا ويا، اسڪول اپگريڊشن پروگرام لاءِ 7 ارب رکيا ويا، فيشن ڊزائنرز، موبائل والٽ، ڪيو آر ڪوڊ سان ادائگي تي به ٽيڪس جي شرح ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي، ويئرهائوس سروسز تان ٽيڪس گهٽايو ويو، تعميراتي مشينري ۽ مٽيريل تان به ٽيڪس کي گهٽايو ويو، واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ناڻي وزير چيو ته هن سال پنجاب ۾ زرعي پيداوار وڌي آهي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 8 سيڪڙو، سارين جي پيداوار ۾ 28 سيڪڙو ۽ ڪمند ۾ 21 سيڪڙو جو رڪارڊ اضافو ٿيو، پهرين ڀيرو آبادگارن کي فصل جي بهترين ۽ بروقت ادائگي ٿي، معاشي ترقي جي هن تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري وقت جي اهم ضرورت آهي، ايندڙ مالي سال ۾ زراعت کاتي جي ترقياتي بجيٽ 306 سيڪڙو جي تاريخي اضافي سان 7 ارب 75 ڪروڙ مان وڌائي 31 ارب 50 ڪروڙ رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ وزيراعليٰ پنجاب جي هدايت تي زراعت جي شعبي کي جديد بڻائڻ لاءِ 100 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت وارو ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان شامل ڪيو ويو آهي، هن پلان تحت زرعي شعبي ۾ بنيادي سڌارا ۽ انقلابي قدم متعارف ڪرايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ به جاري ڪيو ويو آهي، ايندڙ مالي سال زرعي سبسڊي جي مد ۾ 4 ارب ارپيا رکيا ويا آهن، ايندڙ مالي سال ۾ 10 ارب رپين جي لاڳت سان ڪڻڪ، چانورن، مڪئي ۽ ڪمند تي تحقيق لاءِ 4 سينٽرز آف ايڪسلينس ٺاهڻ جي تجويز به شامل آهي، جڏهن ته آبادگارن جي فصل جي پيداوار تي وڌندڙ خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ کاڌ، ٻجن ۽ زرعي دوائن جي خريداري خاطر آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي ۾ سبسڊي لاءِ 5 ارب 42 ڪروڙ کان وڌائي 7 ارب 60 ڪروڙ رپيا ڪيو پيو وڃي، آبادگار دوست زرعي پيڪيج تحت مليل ثمر جي نتيجي ۾ ڪڻڪ، سارين ۽ ڪمند جي پيداوار ۾ هدف کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، پنجاب جي زرعي معيشت لاءِ آبپاشي نظام اهم آهي، حڪومت پاڻي نظام جي بهتري لاءِ 55 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن گوڙ ۽ احتجاج ڪيو، جڏهن ته بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، احتجاج ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز به شريڪ هو،نواز ليگ جي عورت ميمبرز حڪومت خلاف پلي ڪارڊ کڻي نعرا هنيا.