پنجاب جو نئون چونڊيل وڏو وزير حمزا شهباز اڄ عهدي جو حلف کڻندو

0
300
پي ٽي آءِ جي ڪاميابي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب جو نئون چونڊيل وڏو وزير حمزا شهباز اڄ رات پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو، حمزا شهباز جي حلف برداري تقريب رات 8 وڳي گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندي، جڏهن ته اڃا تائين اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته گورنر عمر سرفراز چيما حمزه شهباز کان حلف کڻندو يا نه

ان کان علاوه ڊپٽي اسپيڪر آفيس طرفان شهباز جي ڪاميابي جو نوٽففڪيشن گورنر هائوس ڏانهن موڪليو ويو آهي

نوٽيفڪيشن موجب حمزه شهباز پنجاب جو نئون قائد چونڊجي ويو آهي، گورنر هائوس حمزا شهباز جي پنجاب جو وڏو وزير چونڊجڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي چونڊ دوران جهيڙو ٿيو هو ۽ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي وئي هئي، ق ليگ اميدوار چوڌري پرويز الاهي تي ن ليگ جي ماڻهن سخت تشدد ڪيو، بعد ۾ پوليس گهرائي ڪيترن ئي مڻهن کي گرفتار ڪرايو ويو ۽ حمزه شهباز کي چونڊرايو ويو

پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي بائيڪاٽ کانپوءِ ايوان ۾ ووٽنگ جو عمل شروع ڪرايو ويو ۽ حمزه شهباز 197 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته پرويز الاهي کي ڪو به ووٽ نه مليو

ھي به پڙھندا

لائيو: پنجاب اسيمبلي ۾ ڇڪتاڻ: ڊپٽي اسپيڪر زخمي، پوليس تي حملو، ڪيترائي ميمبرز گرفتار