پشاور: گهر مان ٽي معذور ڀيڻ ڀاءُ جا سڙيل لاش هٿ

0
220

ڪراچي(م ڊ) پشاور جي علائقي سيٽيان محلي ۾ گهر مان 3 سڙيل لا هٿ آيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪوتوالي ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو جتي هڪ گهر مان ٻن ڀينرن ۽ هڪ ڀاءُ جو سڙيل لاش مليا آهن، جن جي عمر 60 کان 65 سالن جي وچ ۾ آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي واسين گهر کان بدبو اچڻ جي شڪايت ڪئي هئي، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪئي، لاش 10 کان 12 ڏينهن پراڻا لڳي رهيا آهن، پر وڌيڪ خبر فرانزڪ رپورٽ اچڻ کانپوءِ پوندي، پوليس جو چوڻ آهي گهر اندر کان بند هو ۽ ڀيڻ ڀاءُ هلڻ جي قابل نه هئا.