پريشانين جي ور چڙهيل اڄ جو نوجوان

0
219
مقتل گاهه بڻيل سنڌ، امن ٿي گهري

نوجوان معاشري يا سماج ۾  ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿو.  جيڪي سماج ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، نوجوان ئي هوندا آهن جيڪي ماضي، حال ۽ مستقبل کي گڏ کڻي هلندا آهن هنن جي پٺن تي وزن هوندو آهي، هر ماڻهو جون نظرون نوجوان مٿان ئي هونديون آهن ته هاڻ، ملڪ، قوم ۽ پنهنجي معاشري لاءِ جيڪو به ڪرڻو آهي اهو ان نوجوان کي ئي ڪرڻو آهي، ان جو ذميوار نوجوان ئي آهي ۽ اسان جي هن خطي جي آدمشماري ۾ نوجوانن جو انگ اڪثريت ۾ آهي.

دنيا ۾ نوجوان پنهجي فرضن تي پورو لهندي نظر ايندا آهن پر اسان وٽ نوجوانن جو قصو ئي الڳ آهي،اسان جو نوجوان مختلف مسئلن جي ور چڙهيل آهي.  بنيادي طور تي مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جو نوجوان  ان جو وڌيڪ شڪار ٿيندو آهي، پر ايئن به ناهي، اپر ڪلاس جو نوجوان به اڪثر ساڳين ئي مسئلن جي ور چڙهيل هوندو آهي. ان جا سبب به الڳ آهن.

  اپر ڪلاس جو نوجوان تباھه ان ڪري به آهي ته ان تي اهو ڌيان ناهي، اپر ڪلاس جي نوجوان جا والدين اڪثر بزنس، ڪمن ڪارين ۽ دنياداريءَ ۾ ايترا ته مصروف ٿي ويندا آهن جو انهن وٽ پنهنجي اولاد کي وقت ڏيڻ لاءِ وقت ئي ناهي ملندو، اهي نوڪرن جي رحم  ڪرم تي ڇڏيل هوندا آهن، گهربل ڌيان، توجهه ۽ پيار نه ملڻ ڪري انهن ۾ احساس ڪمتري پيدا ٿي پوندي آهي. جنهن جي ڪري اهي مختلف خطرناڪ قسم جا سهارا وٺندا آهن جيئن آواره گردي ڪرڻ، گهڻي تعداد ۾ مختلف قسم جو خطرناڪ نشو واپرائڻ يا فحاشي ڪري پاڻ کي ريليڪس رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جنهن سان  هنن جو اندر   پيو ڳرندو آهي، ۽ آخر ۾  اڪثر اپر ڪلاس جا اهڙا نوجوان بيزار ٿي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيندا آهن.

هاڻي اچون ٿا هيٺين طبقي تي، جنهن ۾ پاڻ سڀ رهون ٿا،پاڻ سڀ ان طبقي سان واسطو رکون ٿا، اسان جو بنيادي مسئلو طبقاتي نظام آهي، اسان وٽ هر طبقي لاءِ الڳ الڳ نظام آهي، الڳ الڳ سهولتون مهيا ڪيون وينديون آهن، هتي اسپتال کان ويندي اسڪول تائين طبقاتي نظام جڙيل آهي، طبقاتي نظام جي ڪري ئي اسان وٽ اوتري گهڻي غربت ۽ بدحالي آهي.

مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جي ٻار تي ننڍي هوندي کان ئي ذميوارين جا پهاڙ مٿي تي ڏنا ويندا آهن، جنهن ڪري بس ان جي نفسيات ئي اهڙي ٿي ويندي آهي ته سڀ مونکي مينيج ڪرڻو آهي، سڀ ذميواريون منهنجون آهن. جيڪي مونکي ئي پوريون ڪرڻيون آهن ۽ هو اهو وزن پنهنجي ذميواري سمجهي قبر تائين نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پهرين ئي هن سان جيڪي سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ وارتائون ٿي گذرنديون آهن انهن مان مس جان ڇڏائي هاءِ اسڪول تائين پهچي ٿو ته اتي قصو ئي الڳ، ايئن ڌڪن ٿاٻن ۾ هو وڏي مشڪل سان انٽر پاس ڪري ٿو، يونيورسٽي ته هن جو خواب ئي رهجي ويندي آهي. اسان جو نوجوان اڃان انٽر جي پيپرن جي تياري پيو ڪندو ته گڏوگڏ سندس گهران ڳيچن جا آواز به پيا ٻڌبا آهن انٽر کان پوءِ شادي ڪري هو پنهنجي ئي شهر يا حيدرآباد، ڪراچي ڏانهن روزگار سانگي رخ ڪندو آهي، ڇو جو نه وٽس ايترو پئسو هوندو آهي جو پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهي، نه ئي ايترو پئسو هوندو آهي جو رشوت ڏئي ڪا پٽيوالي ئي وٺي، ۽ پوءِ بس پاڻ ئي پيو ڪمائيندو آهي ۽ پاڻ ئي پيو کائيندو آهي ايئن ئي سندس تسلسل پيو جاري رهندو آهي.

انهي ئي طبقي مان ڪو نوجوان همت ڪري اڳتي نڪري اچي يونيورسٽي کي پهچندو ته يونيورسٽي ۾ به سندس لاءِ هزارين مسئلا ڪَرُ کنيو بيٺا هوندا آهن. جنهن کي منهن ڏيڻ سندس لاءِ هڪ وڏو چيلينج هوندو آهي. هڪ ته يونيورسٽي جون فيون ڳريون، مٿان وري ننڍا ننڍا چالان ۽ خرچ سندس رهيو حال به پورو ڪري ڇڏينديون آهن. اسڪالرشپ جي آسري هو مڙئي رڙهڻ شروع ڪندو آهي ته هڪ ئي وقت سندس لاءِ گهڻيون ٻيون به مشڪلون سامهون هونديون آهن، پويان گهر وارن کان آسرو پورو سارو، هتي جهان ڳرو، هاسٽلن جي فيس، کاڌو پيتو، ڪپڙا لٽا، سميت الائي جي ڪيترا سنها سنها خرچ سندس اڳيان هوندا آهن، وري مٿان انتظاميا ۽ اسان جي استادن ۽ اسٽاف جو رويو ته ورلي ڪنهن ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ هوندو. هاڻ انهن سڀني مسئلن پريشانين کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ نوجوان تي ڇا گذرندي، هو ڇا ڇا ڪري.؟

۽ پوءِ اهو نوجوان مونجهاري، پريشانين جو شڪار ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي جيڪي بظاهر ته ڪنهن کي ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن پر سندس اندر ۾ جيڪا آنڌ مانڌ هوندي آهي اها ڪير به محسوس نه ڪري سگهندو هوندو. انهن مان پوءِ ڪي نوجوان ثابت قدم رهي مشڪلاتن سان منهن ڏئي پار پئجي ويندا آهن ۽ پوءِ سٺن ادارن ۾ وڃي سک جو ساھه کڻندا آهن، ڪي واپس ڳوٺ وڃي اباڻي ڪرت کي لڳندا آهن ته ڪي وري پرائيويٽ اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر تي پڙهائي پيا گذران ڪندا آهن.

پر انهن مان هن وقت اڪثريت انهن نوجوانن جي آهي جيڪي انهن سڀني مرحلن مان گذري گهڻو ڪجهه برداشت ڪري آخر ٽٽي پوندا آهن ۽ خودڪشي ئي کين آخري منزل لڳندي آهي ۽  ڏينهون ڏينهن اهڙن واقعن ۾ واڌارو پيو اچي، نوجوانن کي سڀني مسئلن جو حل صرف خودڪشي، پنهنجي انت ۾ ئي نظر اچي ٿو. ۽ هو ڪنهن عظيم سورهيه وانگر خودڪشي جي ڦاهي کي مرڪندي، چمندي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو پيا اجھائين. اسان جو سماج هاڻي خطرناڪ پاسي پيو وڃي، نوجوان جيڪو سماج جي ڪرنگهي جي هڏي وانگر هوندو آهي اهو موجوده حالتن ۾ ڪمزور، هيڻو ۽ ٽٽندڙ نظر پيو اچي. اسان جا نوجوان تباھه ٿي رهيا آهن، اسان جو نوجوان نفسياتي مريض بڻجي ويو آهي، هو هن سماج، هن سسٽم مان تنگ ٿي ويا آهن،

اڄ جي نوجوان نسل کي بچائڻ لاءِ ادارن ۽ هر فرد کي اڳتي اچڻو پوندو، پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو، مدي خارج سسٽم کي ختم ڪرڻو پوندو، پاڻ ۾ سڌارا آڻڻا پوندا، ادارن ۾ سڌارا آڻڻا پوندا، نوجوان کي اهميت ڏيڻي پوندي، کيس وقت جي ضرورت آهي، حوصلي جي ضرورت آهي، روزگار جي ضرورت آهي، سڪون جي ضرورت آهي، جيڪو سڀ ڏيڻ لاءِ، سڌارا آڻڻ لاءِ نوجوان نسل کي بچائڻ لاءِ اسان کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان سڀني کي گڏجي هيءَ جاڳرتا مهم هلائڻي پوندي ته، نوجوان بچايو، سنڌ بچايو، قوم بچايو، نسل بچايو.