وار برٽين ۽ هاڻوڪي صورتحال ۾ هڪجهڙائي

0
217
خيرپور-ناٿن-شاهه-کي-ٻيھر-ٻوڙائڻ-جي-ڪوشش

پنجاب ۾ ھڪ شھر “وار برٽين” جي نالي سان اڃان به موجود ۽ مشهور آهي. ان متعلق ٻڌڻ ۾ آيو هو ته ھن شھر جي ان نالي جو پويان ٻي مهاڀاري لڙائي جي دوران اتان جي ھڪ نمبردار يا چوڌري، تاج برطانيا جي مدد ڪرڻ واسطي ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ ماڻھو ڀرتي ڪرائڻ لاءِ روزانو جي حساب سان خيمو (ڪيمپ) ھڻايون ويٺو هوندو هو. نمبردار ھڪ ميراثيءَ کي آس پاس جي علائقن مان ماڻهو کڻڻ جي لاءِ دھل  تي منادي ڪرڻ لاءِ مقرر به ڪري ڇڏيو ھو. هن ھڪ ڏينھن ان ميراثيءَ کي به چيو ته دينو تون به ڀرتي ٿي سگھين ٿو. ان تي ميراثيءَ وراڻيو ته چوڌري صاحب جي راڻي برطانيا پاڻ کي بچائڻ لاءِ ايتري قدر ڪمزور ٿي وئي آهي جو ھاڻي کيس اسان جھڙن ميراثين جي مدد جي ضرورت به پئجي وئي آهي! منھنجي پاران راڻي برطانيا کي چئو ته بھتر ٿيندس ته ھٽلر جي حق ۾ ھٿيار ڦٽا ڪري.

 ھڪ ٻيو لطيفو به ان شھر سان لاڳاپيل آهي. هڪ ڏينهن جڏهن ھڪ پوڙھي مائيءَ کان هڪ ٻي مائي پڇا ڪئي ته ٻڌو آھي ته تنھنجو پٽ به ڀرتي ٿيو آهي ته ان جواب ڏنو ته ھا منھنجو پٽ به هٽلر سان وڙھڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. ڪنھن مون کي ٻڌايو آهي ته مائي تنهنجو پٽ به ماشاءَالله آھي. بَدني طور تي ھٽو ڪٽو پر ھٽلر  مئو ماريو تنھنجي پٽ کان بدني طور تي وڌيڪ سوڀارو، طاقتور ۽ ڏنگو به آھي. امڙ دعا ڪجو ته ھٽلر مئي کي منھنجي پٽ ھٿان مات اچي ۽ هو پنھنجي ڪٽنب جو نالو روشن ڪرائي ۽ آخر ۾خيرن سان موٽي ماڳ اچي.

اڄڪلهھ جي ملڪي ۽ غير ملڪي اسٽيبلشمينٽ به ڪجھه اھڙا سپاھي ڀرتي ڪري عمران خان جي مقابلي ۾ آڻي ڦاسي پيون آهن ته يار اسان کي ڪھڙي خبر ھئي ته ايڏي وڏي پيماني تي پاڪستان ۾ ته ڇا پوري دنيا ۾، ۽ خاص طور تي انھن ملڪن ۾ جتي چار  ماڻھو گڏجي ڪا گڏجاڻي وغيره به نه ٿا ڪري سگهن جيئن سعودي عرب، دبئي ۽ وچ اوڀر جون ٻيون رياستون آھن اتي به لکين ماڻهو عمران خان جي ھڪ سڏ ۽ ٽوئيٽر تي ميڙ ٿي وڃن ٿا. بلڪل ترڪي جي رجب طيب اردگان واري ٽوئيٽ وانگر ۽ ان جي حمايتين کان به ھزارها ڀيرا وڌيڪ. اردگان جي لاءِ ماڻهن جو نڪرڻ ته ترڪي تائين محدود ھو پر  اسان به حيران ٿي ويا آهيون ته ھي اوچتو ئي اوچتو ڇا مان ڇا ٿي ويو آهي عمران خان جي لاءِ. جيتوڻيڪ ھن چيو ھو ته مان ٻاھر اچي وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندس سواءِ ھڪ ٻن چئنلز جي باقي سمورن پئسا ۽ دٻاءُ ڏسي پنھنجا منھن به خانصاحب کان موڙي ڇڏيا آهن پر پوءِ به سوشل ميڊيا تي ڪنھن جو به وس ھلڻ اڻٿيڻي ڳالهه نظر اچي رھي آھي. ھاڻي ته ليٽر گيٽ به ڪجھه ئي وقت ۾ سوشل ميڊيا تي ڏسڻ ۾ ايندو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ به پھچي چڪو آهي. بقول فروغ نسيم جي ته ان جي قانوني حيثيت ان ڪري به آھي جو ان تي قومي سلامتي ڪاميٽي وارن مھر ھڻي بيان به جاري ڪري ڇڏيو هو.

ٻئي طرف ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي، ۽ لوٽن جون ننڊون به حرام ٿي ويون آهن ته ھنن جي غلطي سان جيڪو جن عمران خان جي شڪل ۾ بوتل ۾ بند هو ٻاھر نڪري چڪو آهي ۽ شهرن ۾ وڏا وڏا جلسا ڪري هنن کي ڊيڄاري رهيو آهي. ککر ۾ کڙو ھڻڻ واري ڪار وانگي پنھنجا منھن سڄائڻ کان پوءِ عوام کان سيڪائڻ لاءِ به لھرائي رھيا آھن. ھوڏانھن اسٽيبلشمينٽ به بار بار عمران خان کي افطار ڊنر تي گھرائڻ لاءِ، جنھن ۾ سروسز چيفس جي شرڪت ڪرڻ جو پيغام به پھچايو ويو آهي پر خان صاحب لڳي ٿو ته جلسن، سوشل ميڊيا جي معرفت تحرڪ (ٽيمپو) کي برقرار رکڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ ۽ دٻاءُ وجھڻ لاءِ تياري پڪڙي رهيو آھي سو في الحال هن ان پيغام جو ڪو جواب ڪونه ڏنو آھي. بقول شوڪت ترين جي ته عمران خان ملڪ ۾ فلاحي ڪمن سان گڏ سمنڊپار پاڪستانين جي مدد سان زرمبادلي جي ذخيرن کي پنجاھه ارب ڊالرز تائين کڻي وڃڻ لاءِ منصوبابندي ڪري رھيو ھو پر ھنن ھي غير ضروري حرڪت ڪري ملڪ کي وڏو ڪاپاري ڌڪ هنيو آھي جيڪا ڊالر ۾ استحڪام ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بھتري ڏسڻ ۾اچي ٿي اھا به ھن ئي سازش جي ڪردارن جي فنڪارين جي ڪري ڊانواڊول آھي. ھنن ھاڻي کان ئي وارداتون وجھڻ شروع ڪيون آھن.

ليٽر گيٽ کي پارليامينٽ جي قومي ڪاميٽي ۾ پيش ڪري ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ خادمِ پاڪستان جو بيان اچي چڪو آهي. نيب کي ختم ڪرڻ،  گرفتاريون ڪرڻ، ۽ ڪردار ڪشي ڪرڻ وارا حربا به شروع ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي اتحادين به آھستي آھستي وزارتن، گورنرشپ، اسپيڪرز، صدارت ۽ قومي  اسيمبلي توڙي صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي وڙھڻ شروع ڪيو آهي. خادمِ پاڪستان جي درٻار ۾، ٽن چئن سيٽن جو مطالبو هڪ پراڻي وڻ جي آکيري وانگي ھر وقت ننڊون حرام ڪندو رھندو جنھن وڻ تي آکيرو ٺاھي ھن ٻين جا ٻچا گڏ ڪيا آهن. گهڻو ممڪن آهي ته ڪجھه وقت کان پوءِ اهي اڏامي هن کي ڇڏي، ڪنھن “باز” يا ڪنھن ھن کان به وڏي “شھباز” جي چنبن هيٺ اچي وڃن. ھن ملڪ جي بدقسمتي آهي جو ھي شروع کان ئي اھڙن ڪردارن جي ھٿ چڙھي ويو آهي. ھندوستان ۾ آمريڪا جي دفاع ۽ پرڏيهي وزير ۽ ھندوستان جي گهرو ۽ پرڏيهي وزير گڏجي پاڪستان مٿان دٻاءُ وجھڻ شروع ڪيو آهي ته پاڪستان کي پاڻ وٽ موجود دھشت گردن جي خلاف ڪارائتي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي اسان کي رپورٽ پيش ڪرڻي پوندي.

عمران خان کي گرفتار، نظر بند ڪرڻ  يا منظر تان مورڳوئي غائب ڪرڻ جو به سوچيو ويو ھوندو. الله کيس پناهه ۾ رکي ۽ ھن ملڪ جي عوام تي رحم ڪري. پشاور واري جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ماڻھن جو افطار ڪرڻ، ۽ ٻارن سميت موجود ھجڻ ۽ رات دير تائين نظم و ضبط بحال رکڻ به ھڪ  نئين روايت  ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي. هن مان صاف صاف ظاهر آهي ته ھن وٽ ئي عوامي مظاهرو (اسٽريٽ پاور) آھي جنھن کي ڏسي احسن اقبال به پريشان ٿي چئي ڏنو ته اسان سڀ گڏجي به ايترا ماڻھو ۽ ھڪ ٽوئيٽر ميسيج موڪلي گڏ نه ٿا ڪري سگهون سو بھتر ٿيندو ته چونڊن ڏانهن وڃڻ گھرجي. ڪراچي ۾ ڇنڇر واري جلسي سان گڏ پوري پاڪستان ۾ ماڻھن جو روڊن تي نڪري پوڻ پي ڊي ايم وارن کي پريشان ته ڪندو رھندو. ھنن جي سمنڊپار پاڪستانين جي  ووٽ واري حق کي ختم ڪيو ته اھي پيسا به ڪونه موڪليندا. اليڪشن ڪميشن يا چونڊ سڌارن ۾ ڪا ڦيرڦار ڪئي وئي ته اھا به ھاڻي ھر ھڪ کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي. عدالتون به ھاڻي سوچڻ سمجهڻ تي مجبور ٿي وينديون جي انھن به ڪا غير معمولي يا غير ضروري ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

عمران خان ھن نظام جو ماڻھو نه آھي. واپس اچي ھن مدي خارج نظام کي اڪثريت جي مدد سان تبديل نه ڪيو ويو ۽ ڪجهھ پنھنجن روين ۾ تبديلي ۽ نرمي نه آندي وئي ته وري به ڏکيائي ٿيندي چاهي پوءِ کيس ترڪي، فرانس، آمريڪا يا چين وارو نظام قائم ڪرڻو پوي. جي عدم اعتماد واري تحريڪ کي مھانگائي جو بھانو بڻائي پيش ڪيو ويو ھو ته ھنن ڏهه سيڪڙو پگھار وڌائي کنڊ جو ملهه ڇو وڌايو آھي. اھو ان ڪري جو ھنن جيڪي پيسا موسمي پکين تي خرچ ڪيا آهن اھي کنڊ مان ئي ته ڪڍندا يعني ترن جو تيل ترن مان. نوازشريف کي پاسپورٽ، پاڻ سان گڏ ميمو گيٽ ۽ ڊان ليڪس وارا ڪردار به گڏ ويھاري پيغام هي موڪليو ويو آهي ته جھڙا لاٽون تھڙا چگهھ. اجھو ٿيون رڪارڊ گم ٿيڻ ۽ اوچتو ئي باهه لڳڻ جون خبرون ٽي وي تي نشر ٿين سو ڏسو ۽ انتظار ڪيو ته حالتون ڪهڙي طرف ٿيون کڻي وڃن اسان ۽ توهان کي. سو گهٻرايو نه وار برٽين واري نمبردار جو جيڪو حشر ٿيڻ وڃي رهيو آهي اهو اسان کي چونڊن بعد نظر ايندو.