لاهور (م ڊ) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جو پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کانپوءِ پهريون بيان سامهون اچي ويو. ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته چوڌري  پرويز الاهي منهنجو اميدوار هو، آهي ۽ رهندو پر پي ٽي آءِ جو اميدوار نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ادارن سان 30 سالن کان لاڳاپا رهيا آهن، ادارن سبب پاڪستان ۾ استحڪام آهي، ادارن تي تنقيد ڪندڙن جي حمايت ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟. چوڌري شجاعت حسين چيو ته ادرا ملڪي سالميت کي پنهنجو فرض سمجهندا آهن، ادارن تي تنقيد ڪرڻ الڳ شئي آهي ۽ شرمناڪ ٻولي استعمال ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي، جيڪڏهن ڪو محب وطن اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ته ان وقت ئي سندن منهن ٽوڙي ڇڏي. هن چيو ته سڀني جماعتن جا ليڊر پنهنجا ذاتي مفاد پاسي تي رکي ملڪ کي وڌيڪ بحرانن جو شڪار ٿيڻ نه ڏين، سياسي مخالفت کي ذاتي مخالفت بڻائي غلط مطلب ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪن. چوڌري شجاعت حسين چيو ته جنهن کي به اقتدار ۾ اچڻ جو موقعو ملي اهو سياسي مخالفن وٽ وڃي، ملڪ جي بهتر مفاد لاءِ گڏجي مشاورت سان اڳتي وڌجي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.