تنزيلا فهد اعواڻ

 حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ اڳڀرائي کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي هئي ته هاڻي سخت سياسي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ معاملا بهتري ڏانهن وڌندا پر ڏٺو اهو ويو آهي ته اهڙي ڪنهن صورتحال ۾ جڏهن ڪا مثبت پيشرفت ٿيندي آهي ته ڪو نه ڪو اهڙو واقعو ٿيندو آهي يا ڪرايو ويندو آهي، جنهن سان اها ڇڪتاڻ گهٽائڻ وارا امڪان پري ٿي ويندا آهن. هن ڀيري به پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پنهنجي پارٽي سميت تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪندڙ چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري لاءِ اينٽي ڪرپشن پوليس سندس گهر تي ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران پرويز الاهي ته پوليس کي هٿ ڪو نه آيو پر اتي پوليس کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. ڪجهه پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا. پوليس موجب، گرفتاري جي مزاحمت ڪندڙن طرفان پٿراءُ ۽ پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا. پوليس اتان 15-12، ۽ هڪ ٻي خبر موجب 27 ڪارڪنن ۽ ملازمن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.

                 چوڌري پرويز الاهي توڙي جو پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ته ڪئي آهي پر اتي کيس اها پذيرائي ملي نه سگهي آهي، جنهن جي کيس اميد هئي. پر ٻئي طرف تحريڪ انصاف جا ڪارڪن به کيس ايتري اهميت ان ڪري به نه پيا ڏين جنهن جو سبب زمان پارڪ تي پوليس جي چڙهائي وقت ۽ ان کانپوءِ پرويز الاهي جي ڪنهن حد تائين خاموشي ٻڌايو پيو وڃي، يا گهٽ ۾ گهٽ جهڙي ڪردار جي پرويز الاهي کان عمران خان اميد پئي ڪئي، اهو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ هو پوئتي رهيو. جڏهن عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙيون ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ پرويز الاهي راضي نه هو، پر عمران خان جي ضد کيس فتح ڪري ورتو. ان عرصي کانپوءِ پرويز الاهي جي مسلسل اها ڪوشش رهندي پئي آهي ته، عمران خان تي اهو واضح ڪجي ته هو (پرويز الاهي) ئي سندس آخري آپشن آهي ۽ پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ کيس ئي اڪيلي اميدوار طور سامهون آڻڻ گهرجي، ڇو ته پرويز الاهي کي خبر آهي ته ان منصب لاءِپي ٽي آءِ ۾ ٻيا به گهڻا اميدوار آهن، جيڪي گهڻي وقت کان عمران خان سان گڏ رهندا آيا آهن، انڪري ڄاڻايل پوليس ڇاپي جي حوالي سان به اهو سمجهيو پيو وڃي ته اهو پرويز الاهي جي شخصيت ٺاهڻ لاءِ ۽ کيس هيرو بنائڻ لاءِ هڻايو ويو آهي. ان ڳالهه کي تقويت ان مان به ملي ٿي ته پرويز الاهي کي ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ اها خبر هئي ته پوليس ڇاپو هڻڻ لاءِ اچي رهي آهي. لڳ ڀڳ 9 وڳي رات جو پرويز الاهي جي ميڊيا سيل طرفان اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ اهو پيغام ڏنو ويو ته پرويز الاهي جي گرفتاري لاءِ پوليس اچي رهي آهي ۽ اوهان تڪڙا پهچو. ان کانپوءِ ساڍي ڏهين وڳي پرويز الاهي جي ليگل ٽيم کي طلب ڪيو ويو، جيڪا ڄاڻ به ٽوئيٽر جي ذريعي ڏني وئي. ان ٽوئيٽ جي ڏهن منٽن کانپوءِ پوليس پهچي وئي. سوال اهو آهي ته جنهن شخص کي ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ ئي اها خبر هجي ته پوليس ڇاپو هڻڻ لاءِ اچي رهي آهي ته ڇا اهو اتي ويهي پوليس جو انتظار ڪندو؟ پرويز الاهي کي اها خبر ڪيئن پئي؟ ڇا ڊي جي اينٽي ڪرپشن يا پوليس جي اندروني ذريعن کيس اطلاع ڏنو يا وري کيس هيرو بنائڻ لاءِ ائين ڪيو ويو ۽ عمران خان کي محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها سڄي قرباني ان لاءِ ڏني وئي آهي، ڇو ته ان پوليس ڇاپي کانپوءِ مونس الاهي جو بيان به سوچڻ جو دعوت ڏي ٿو، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته عمران خان جو ساٿ نه ڇڏينداسين.

جيڪي ماڻهو چوڌرين جي گهرن جي لوڪيشن کان واقف آهن، اهي ڄاڻن ٿا ته ظهور الاهي روڊ تي چوڌرين جا گهر شجاعت حسين جي گهر سميت، هڪ قطار ۾ آهن ۽ پرويز الاهي جو گهر به انهيءَ قطار ۾ آهي پر ان گهر کي پرويز الاهي هاڻي صرف پارٽي جي گڏجاڻين لاءِ استعمال ڪندو آهي، جڏهن ته سندس رهائش روڊ جي ٻي پار نئين گهر ۾ آهي. پوليس پراڻي گهر تي ڇاپو هنيو، جتان ڪارڪنن ۽ ملازمن سخت مزاحمت ڪئي. پوليس بعد ۾ بڪتربند گاڏيءَ سان ٽڪر هڻي دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي، جتي پوليس ڪارڪنن ۽ ملازمن جون گرفتاريون ڪيون پر چوڌري پرويز الاهي ملي نه سگهيو. ظاهر آهي ته هو ٻه ڪلاڪ اڳ پوليس ڇاپي جي خبر هجڻ تي اتي ڪيئن ترسندو؟ چون ٿا ته پوليس ساڍي يارهين وڳي واپس هلي وئي پر پوءِ ترت ئي واپس موٽي آئي، ان موقف سان ته چوڌري پرويز الاهي جي فون جا سگنل ان ئي هنڌ تي ٽريس ٿيا آهن ۽ پوءِ ليڊيز پوليس ان جي رهائش واري گهر تي وئي. جنهن ڇڪتاڻ ۾ هڪ پٿر چوڌري سالڪ (وفاقي وزير) کي پڻ لڳو، جنهن قيامت برپا ڪري ڇڏي. جهڙي نموني چوڌري پرويز الاهي اسيمبلي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ پلاسٽر واري ٻانهن ڏيکاريندو رهيو هو، اهڙي ئي نموني وري چوڌري سالڪ پنهنجو هٿ ڏيکاريندو رهيو ۽ ان جون تصويرون شيئر ڪندو رهيو. جنهن کانپوءِ دٻاءُ ايترو وڌيو، جو ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي پاڻ اچي چوڌري سالڪ کان معافي وٺڻي پئي. اها به خبر پوءِ پوليس وارن کي پوڻ جو چوٻول آهي ته چوڌري پرويز الاهي، چوڌري شجاعت جي گهر ۾ موجود هو، پر پوءِ چوڌري سالڪ واري واقعي کانپوءِ پوليس ۾ ايتري همت ئي نه رهي جو اها وري چوڌري شجاعت جي گهر تي ڇاپو هڻي ۽ جيئن ته چوڌري شجاعت حڪومتي اتحادي آهي، انڪري اها ڳالهه حڪومت جي مفاد ۾ به نه هئي ته سندس اتحادي ان کان پري ٿين. هڪ سوچ اها پڻ آهي ته چوڌري پاڻ ۾ هڪ ئي آهن ۽ انهن ۾ ڪي به سياسي طرح ويڇا ناهن. اهي صرف ۽ صرف پنهنجن سياسي مفادن لاءِ مختلف پارٽين ۾ آهن، خاص طور تي پرويز الاهي لاءِ ته اها ڳالهه وثوق سان چئي پئي وڃي ته ان صرف پنجاب جي وڏ وزارت ماڻڻ لاءِ عمران خان جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، جڏهن ته چوڌري سالڪ وري حڪومت ۾ شامل آهي. بهرحال ڇا به هجي پر جهڙي نموني پرويز الاهي کي پوليس جي ڇاپي کان ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ خبر پئي وئي، اها ان جي وسيع رابطن جي شاهد آهي. اهو حڪومت سان ساز باز ڪري پاڻ کي هيرو بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي يا وري واقعي به ڪجهه قوتون حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ هلندڙ ڳالهين واري عمل کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ڇا به هجي پر پرويز الاهي جي گهر تي ان جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپي هڻڻ جي ٽائمنگ تمام اهم آهي ۽ ان سان عمران خان کي به پرويز الاهي جي وفاداري جي پڪ ٿي ويندي ۽ هو ان مخالفت کي به ماٺو ڪري سگهندو، جيڪا زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر تي پوليس چڙهائي کانپوءِ، ان جي سرد مهري سبب وڌي هئي ۽ هاڻي وري جڏهن نئين اليڪشن لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن ته ان موقعي تي پڻ ڇاپي جي وقت کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.